• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آڊيو ڪيسٽ مٺيون ڳالهيون جي مهورت ، راڳي گُل حسن ۽ خوبصورت چهرا

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ
گُذريل هفتي ڪينجهر انٽر پرائز پاران البم نمبر 1 ” مٺيون ڳالهيون“ جي آڊيو ڪيسٽ جي مهورت ٿي، جنهن ۾ سنڌ مشهور فنڪار گُل حسن گُل آجياڻي طور ٻه گيت ڳايا، ادا عبدالغفور سمون گُل حسن گُل کي گهٽ فلمبند ڪيو آهي، پر اُن ۾ شريڪ ٿيندڙ خوبصورت چهرن کي تمام گهڻو فلمبند ڪيو آهي، جڏهن سوال ڪيومانس ته درويش رڳو آڊينس جي پوزنگ ڪئي اٿئي جواب ڏنائين ته سائين ٽي وي پروگرامن ۾ صرف هڪ اڌ پوزنگ ڏيندا آهن، پاڻ ڪجهه چينج ڪرڻ ٿا چاهيون، آخر انٽر نيٽ وارن کي به خبر پوي ته خوبصورت چهرا جيڪي هر محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا آهن اهي هن پروگرام ۾ ڪيترا نه خوش آهن، انهن جي خوشين جو اندازو سندن تاڙين وڄائڻ مان خوب لڳائي سگهجي ٿو۔ خير مان کلي پيس ۽ هي ايڊيٽنگ ڪري سنڌ سلامت جي پنهنجي پيشڪش ۾ هڪ نئين وڊيو جو اضافو ڪري ڇڏيو اٿم۔ مان ٿورائتو آهيان ڪينجهر انٽر پرائزس سنڌ واران جو جن جي تعاون سان گُل حسن گُل ۽ تاڙيون وڄائيندڙ ن مُرڪندڙ چهرن جا وڊيو ڪلپس سنڌ سلامت جي پنهنجي اسٽوڊيو جي زينت بڻيا۔
پيش آهي سنڌ سلامت وڊيوز ۾”گُل حسن گُل ۽ خوبصورت چهرا “​

 
جواب: آڊيو ڪيسٽ مٺيون ڳالهيون جي مهورت ، راڳي گُل حسن ۽ خوبصورت چهرا

لاجواب ٻول آهن سائين

سائين توهان جي اهڙي شيئرنگس جي ڪري ته مان سنڌ سلامت تي چڪر هڻندو آهيان

لاجواب سائين
 
جواب: آڊيو ڪيسٽ مٺيون ڳالهيون جي مهورت ، راڳي گُل حسن ۽ خوبصورت چهرا

sainm sadaim karen mathe sindh sukar dost mitha dildar aalam sabh aabad karen
 
جواب: آڊيو ڪيسٽ مٺيون ڳالهيون جي مهورت ، راڳي گُل حسن ۽ خوبصورت چهرا

سائين خوبصورت چهرن کي ڏسي ادو غفور ريفريش ٿي ويندو هوندو نه
 
جواب: آڊيو ڪيسٽ مٺيون ڳالهيون جي مهورت ، راڳي گُل حسن ۽ خوبصورت چهرا

لاجواب ٻول آهن سائين

سائين توهان جي اهڙي شيئرنگس جي ڪري ته مان سنڌ سلامت تي چڪر هڻندو آهيان

لاجواب سائين
اوئي هوئي جنهن جي هر تحرير تي نظر هُجي، اهو فقير وحيد ڦلپوٽو صرف اسان مسڪينن جي غريباڻي ونڊ جي ڪري سنڌ سلامت تي چڪر هڻي۔ بس يار ناهي مُلڪ ۾ في الحال ڀورِي مينهن وارو انٽر نيشنل فقير، خير لک لائق جو هن پوسٽ کي تو انتهائي پيار مان لاجواب چيو۔
 
جواب: آڊيو ڪيسٽ مٺيون ڳالهيون جي مهورت ، راڳي گُل حسن ۽ خوبصورت چهرا

sainm sadaim karen mathe sindh sukar dost mitha dildar aalam sabh aabad karen
ادا محمد صالح شاهه سائين جو لازوال بيت رومن انگلش سنڌي ۾ لکي اسان جي هن موڪليل ونڊ سان تومحبت جو اظهار ڪيو لک لائق ادا شال جُڙيو هُجين۔
 
جواب: آڊيو ڪيسٽ مٺيون ڳالهيون جي مهورت ، راڳي گُل حسن ۽ خوبصورت چهرا

سائين خوبصورت چهرن کي ڏسي ادو غفور ريفريش ٿي ويندو هوندو نه
ادا مست ڄامشورائي ادو غفور فريش ، ريفريش کان ٿيندو ڪريش جي حد تائين پهچندو آهي جڏهن هو ڪا ببلنگ ڪندو آهي ته منهنجا دڙڪا اهي به اهڙا جو ڪڏهن ڪڏهن چماٽون به هڻي ڪڍندو آهيانس، پر سدائين مسڪرائيندي چوندو آهي ته وڏو آهين، غلطي ءَ لاءِ ڪن ڪوشي هُئڻ کپي۔
 
Back
Top