مون سان گڏ ليب ۾ ڪم ڪندڙ بائيولاجيڪل انوائرنمينٽ تي ڪم ڪندڙ ايزگي اوغون، ڪم جي ڏاڍي تڪڙي ۽ پُختي ڇوڪري آهي. راندين ۾ ڪِڪِ باڪسنگ شوق سان ڪندي آهي، مون وانگر چانهه جي موالڻ آهي. ليب ۾ ڪنهن به قسم جي مدد يا شئي جي ضرورت هوندي آهي ته سڏ سان گڏ هوندي آهي، رڳو هڪل ڪرڻ جي دير هوندي آهي. صفا ائين به ناهي ته ڪو ڪم ڪونه اٿس ۽ سڄو ڏينهن واندي پئي مکيون ماري، اها ٻي ڳالهه آهي ته هتي تُرڪن جي ملڪ ۾ مکيون ۽ مڇر نالي جيت آهن ئي ڪونه! وقت جو قدر هنن کان سکجي، خميس واري ڏينهن مون 12 بجي کن چيو ته “ڇونه هلي ڪينٽين تي لنچ ڪجي بُک لڳي آهي” ۽ ڊنر به هتي شام جو 5 کان 6 وڳي هوندو آهي، سو ڪجهه هاضمي لاءِ وقت هجڻ کپي. مون کي چيائين ته ڪائينڊلي ويٽ فار 3 منٽس، آئي ول بي فري آفٽر 3 منٽس. مون چيو ته شايد مشڪري پئي ڪري، سو چيامانس ته 3 ڪلاڪ؟؟ چيائين نه نه، 3 منٽ صرف. مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ته 3 منٽ جو اندازو ڪيئن لڳايو اٿس ۽ ڪيئن پلان ڪيو اٿس! پنهنجي ڊيسڪ تي لڳل 15، 20 ويهه کن رنگ برنگي چٽڪليون هنيون اٿس جنهن ۾ سڀ ڪم ڪار انهن جا وقت، ڪم جي ترتيب،جاءِ سڀ هڻي ڇڏيون آهن، پاڻ انهي ٽائيم ٽيبل جي پڪي آهي. ٻيا به ليب ۾ ڪم ڪندڙ سڀئي ايئن ڪم ڪار ترتيب سان ڪن ٿا. اسان واري پاسي ته همراهن کي مهينو اڳواٽ ڪنهن ڪم جو چئبو تڏهن 2، 3 ڏينهن بغير ڪنهن حساب ڪتاب جي هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويندا....... تنهن ڪري پاڻ وٽ شادي يا ڪنهن ٻي تقريب جي دعوتنامي ۾ 8 بجي شارپ لکندا، پر ڪو مون جهڙو 8 بجي وڃي پهچندو ته اتي اڃان ڪاڄ جا ڌڻي به ڪونه لڀندا! واقعي هڪ قوم ٺهڻ ۾ دور لڳن ٿا، اهو به جيڪڏهن اسان جي وانگر پاڙ ٺڪري ته نه هُجي ته!
وقت جي قدر نه ڪرڻ وارن کي وقت پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي ..... پاڻ به وقت سان ڪونه هلون، تڏهن ته کيرٿر ۾ رات جا نو وڄي ويا هئا.