ڪامران اڪبر سومرو
سينيئر رڪن
خوابن جا ھوڪا
ڪامران اڪبر سومرو
رات جا ٻه (2:00) ٿيا ها
ريل جي بوگيءَ ۾،
هو دريءَ جي ڀرسان،
سيٽ تي ويٺو هو!
ريل جي تيز رفتار،
ڦيٿن جي آوازن،
هوا جي شوخ جهلڪن،
هن کي خيالن ۾
گم ڪري ڇڏيو هو!
”چانهه پيئو سائين!
چانهه پيئو!
گرم گرم چانهه،
ننڊ ڦٽائي،
چست بڻائي“
چانهه واري جي هوڪن،
هن کي اوچتو،
خيالن جي دنيا کان
ڌار ڪري ڇڏيو!
”صاحب، چانهه اچي؟
ننڊ ڦٽائي ڇڏيندوَ!“
هن چانهه واري جي ،
منهن ڏانهن ڏٺو،
ٿورو مسڪرائي چيائينس:
”يار چانهه به ڪا اهڙي شيءِ آ،
جيڪا ڪنهن جي ننڊ ڦٽائي!
جيڪڏهن واقعي ۾ تو کي،
اسانکي جاڳائي رکڻو آ،
ته چانهه جي بدران،
اهڙن ”خوابن جا ھوڪا“ ڏي،
جيڪي اسانجي صدين جي ننڊ ڦٽائي،
اسانجي اکين ۾،
سجاڳي ءَ جا ديپ جلائن!
تنهنجي چانهه سان ته صرف،
ريل جو ٿورو سفر سٺو گزرندو،
پر سندر سپنن سان،
سمورو جيون،
سندر گذرندو!“
ڪاش!
چانهه جي بدران،
خواب عام ٿي وڃن!
ته هن ديس مان،
رات جي تاريڪي،
پنهنجا تڏا ويڙهي،
لڏي وڃي!
ڪامران اڪبر سومرو
رات جا ٻه (2:00) ٿيا ها
ريل جي بوگيءَ ۾،
هو دريءَ جي ڀرسان،
سيٽ تي ويٺو هو!
ريل جي تيز رفتار،
ڦيٿن جي آوازن،
هوا جي شوخ جهلڪن،
هن کي خيالن ۾
گم ڪري ڇڏيو هو!
”چانهه پيئو سائين!
چانهه پيئو!
گرم گرم چانهه،
ننڊ ڦٽائي،
چست بڻائي“
چانهه واري جي هوڪن،
هن کي اوچتو،
خيالن جي دنيا کان
ڌار ڪري ڇڏيو!
”صاحب، چانهه اچي؟
ننڊ ڦٽائي ڇڏيندوَ!“
هن چانهه واري جي ،
منهن ڏانهن ڏٺو،
ٿورو مسڪرائي چيائينس:
”يار چانهه به ڪا اهڙي شيءِ آ،
جيڪا ڪنهن جي ننڊ ڦٽائي!
جيڪڏهن واقعي ۾ تو کي،
اسانکي جاڳائي رکڻو آ،
ته چانهه جي بدران،
اهڙن ”خوابن جا ھوڪا“ ڏي،
جيڪي اسانجي صدين جي ننڊ ڦٽائي،
اسانجي اکين ۾،
سجاڳي ءَ جا ديپ جلائن!
تنهنجي چانهه سان ته صرف،
ريل جو ٿورو سفر سٺو گزرندو،
پر سندر سپنن سان،
سمورو جيون،
سندر گذرندو!“
ڪاش!
چانهه جي بدران،
خواب عام ٿي وڃن!
ته هن ديس مان،
رات جي تاريڪي،
پنهنجا تڏا ويڙهي،
لڏي وڃي!