مختصر ڪهاڻي ”ماڻهو“ ڪامران اڪبر سومرو اونهاري جي ٽاڪ منجهند جي مهل هئي، سنسان رستي تان هڪ ماڻهو گذري رهيو هو. هن جا ڪپڙا ميرا، گهنجيل ۽ ڪٿان ڪٿان ڦاٽل هيا. هن جي مٿي ۾ ڄڻ مٽيءَ جو طوفان گهليو هجي جو هن جا وار مٽيءَ سان ڀريل هئا. سندس چهري تي ميراڻ ڄميل هئي، هن جي پيرن ۾ ذائفاڻو چپل پاتل هيو جنهنجي هڪ ڪنهي به ڇنل هئي. هو ٿاٻڙندو، ٿڙندو، وک وڌائي هلي رهيو هو، سندس مٿو جهڪيل هيو، شايد هو ڪجھ ڳولهي رهيو هو. هن جي هٿن ۾ هڪ خالي ٿيلهي هئي ۽ هڪ سڪل مانيءَ جو ٽڪر هن جي هٿ ۾ هو جنهن کي هو هر هر وات ۾ وجهي چڪ پائي کائڻ جي ڪوشش پيو ڪري پر هن جي وِت کان اهو ڪم زور هيو، ماني ايڏي ته سڪل هئي جو صفا پٿر بڻجي وئي هئي هن جي ڏندن سان ڀڄي ئي نه پئي! هلندي هلندي هن جو پير ڪنهن پٿر سان ٽڪرائجي پيو يا وري پنهنجي ئي ڇنل چپل ۾ اٽڪي هو اچي روڊ تي ڪِري پيو ۽ سست ٿي ليٽي پيو! ان مهل اتان هڪڙو نوجوان گذريو، هن کي هيٺ ڪِريل ڏسي، هن کي هٿ ڏيئي اٿاريائين، ڀت جي ڇانءَ ۾ ويهاري، پاڻي پياريئينس. جڏهن هن همراه ٿورو ساھ پٽيو ته هن کان حال پڇيئين. “چاچا، خير ته آهي نه، ڪير آهيو، ڪٿان آيا آهيو؟” “پٽ ما ن ڀر واري ڳوٺ ۾ رهندو آهيان، روزيءَ جي تلاش ۾ شهر آيو آهيان، ڪافي ڏينهن کان بکايل آهيان” ان اجنبي همراه جهيڻي لهجي ۾ پنهنجو حوال ڏنو. “پر چاچا توهانجو هي هيڏو هيڻو حال ڪيئن ٿيو؟” نوجوان پڇيو. “بابا مان شهر جي بازار ۾ ياسين شريف کي ننڍڙي دٻليءَ ۾ بند ڪري، ڳچيءَ ۾ پائڻ لاءِ وڪڻندو هيم. ڳوٺاڻا ماڻهو جيڪي بازار ۾ خريداري ڪرڻ ايندا هيا، پنهنجي ٻارن جي لاءِ وٺندا هيا ۽ هنن کي ڳچين ۾ پهرائيندا هيا. جيڪي پئيسا ملندا هيا انهن سان پنهنجو گذر سفر ڪندو هيم. منهنجو ڪوئي اولاد ڪونهي، اڪيلو آهيان!” همراھ چيو. “پوءِ ڇا ٿيو، توهان اهو ڪم ڇو بند ڪيو؟” “منهنجي هن ڪم کي ڏسي ڪجھ ماڻهن ته منهنجي تعريف ڪئي ته مان سٺو ڪم ڪيان پيو،ماڻهن تائين خدا جو ڪلام پهچايان پيو. پر ٻيا اهڙا ماڻهو به هيا جن اچي مون کي تنگ ڪيو ۽ مجبور ڪيئون ته مان اهو ڪم بند ڪيان. هنن جي نظر ۾ مان پليت ۽ ناپاڪ ماڻهو قرآن جهڙي پاڪ شيءِ کي کڻي بازار ۾ وڪڻي نٿو سگهان، اها گستاخي آهي! آخر مان به مجبور ٿي اهو ڪم بند ڪيو.” “ته پوءِ ڇا انهن ماڻهن توهان جي خرچ جو ذمو کنيو؟توهانجي آمدني ته بند ٿي وئي نه؟” “نه بابا، ڇا جو ذمو! اڃان هنن مان کي مار ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني اگر مان ٻيهر اهو ڪم شروع ڪيو!” ٿوري دير جي لاءِ جوان خاموش ٿي ويو ۽ سوچ ۾ گم ٿي ويو. “چاچا اسان جي پاڙي ۾ ٿورو اڳيان هڪ هنڌ خيرات پئي هلي، مان به هاڻي کائي آيو آهيان، توهان به ويندوء ته زبردست طعام، پلاءُ، زردو، گوشت ملندوَ، صفا ڍوء ٿي ويندوَ” نوجوان هن همراه کي صلاح ڏيندي چيو. “نه ابا! اهي خيراتان ته وڏن ماڻهن لاءِ هونديون آهن، جيڪي ڪاٽن جا ڪڙڪ ڪپڙا پائي ايندا ته انهن جو آڌر ڀاءُ به ٿيندو! منهنجي هيءَ حالت ڏسي هو ته مونکي ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍندا. ابا مونکي پنهنجي عزت پياري آ، مان نه ويندم.” همراه جي اها ڳالھ ٻڌي جوان سندس چهري کي ڏسڻ لڳو ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو ته همراه چوي ته سچ پيو. همراه کي اتي ويهاري، هو پنهنجي گهران هن جي لاءِ کائڻ لاءِ ماني کڻي آيو، همراه ڪافي ايلازن کان پوءِ ڪجھ گرھ کاڌا، پاڻي پيتو ۽ جوان کي دعائون ڏيندو پنهنجي اڻڄاتل منزل جي طرف روانو ٿي ويو! soomrokamranakber@gmail.com