اُنهن لاءِ جن هرسال جيان 1 اپريل فول 2014 جو انتظار ڪيو ۽ ملهايو!

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏2 اپريل 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اُنهن لاءِ جن هرسال جيان 1 اپريل فول 2014 جو انتظار ڪيو ۽ ملهايو!
    [​IMG]
    اپريل فُول جي نسبت سان (رانگ نمبر) هڪ شارٽ اسڪرپٽ ۽ اسڪرين پلي (ڊرامون)
    تحرير، مُڪالما ۽ منظر ڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

    يار اڄ اپريل فول آهي...شاهد سميعت اصغر ۽ ضمير پنهنجي دوستن سان.. يار ڪُجهه هلڪو ڦلڪو جوڪ هُئڻ گهُرجي.. اصغر منع ڪريين ٿو.. اها اسانجي تهذيب ناهي.. اجايو ڪنهن کي پريشان ڪرڻ مان فائدو! اسلام اجازت نٿو ڏي.. واهه ٻُڌو مولويءَ جون خبرون.. يار ڪُجهه هلو گُلو ٿيڻ گهُرجي... ڪنهن سان ڪريون هلو گُلو...هون..هون!!! هڪ آئڊيو آاهي.. ترسو.. مان ڪال ٿو ڪريان... شاهد ڪنهن کي.. اهوئي ته سيڪريٽ آهي... مون وٽ.. باه لڳندي ته پاڻهين دونهون ايندو...(هڪ نمر ملائي ٿو) ٻئي طرف...ٽرن..ٽرن..هڪ گهر جي ڊائنگ ٽيبل تي رکيل مُوبائل جي گهنٽي وڄي ٿي سلمه ڪچن ۾ ڪم پئي ڪري، تيز تيز قدمن سان موبائل کڻڻ وڃي ٿي، کڻي پهرئين نمبر ڏسي ٿي، هي نمبر ... لسٽ ۾ ڪونهين نئون آهي... ڏسان ٿي...متان رانگ نمبر نه هُجي. خير ڏسان ٿي مُهنجو ڪهڙو بيلنس ڪٽبو. هلو..جي ! ڪير! ٻي طرفان آواز آيو..جي ! ڪير ...ساري آنٽي توهان کي تڪليف ڏنم پر ڳالهه ئي اهڙي آهي ... توهانجي پُٽ جو ايڪسيڊنٽ ٿي ويو اهي..(مائڪ تي هٿ دوستن کي ڏسي اک ڀڃي کلي ٿو) جي! ممي آهيو نه! ها.. ها..شاهد جي ممي آهيان... ڇاٿيو شاهد کي... ۽ تون ڪير.. ڪٿان پيو ڳالهائين.. سڀ خير آهي آنٽي گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهين ... بس معمولي ڳالهه آهي... ...ساري آنٽي توهانجي پُٽ جو ايڪسيڊنٽ ٿي ويو..شاهد جي ماءُ گهٻرائجي وڃي ٿي..وري..آواز آيو... روڊ ڪراس پئي ڪيائين ته موٽر سائيڪل سان سندس ايڪسيڊنٽ ٿي ويو.. جي مان اسپتال مان پيو ڳالهايان..ڪهڙي اسپتال...آنٽي دارُالصحت..ايمرجنسي ۾ آهي... سڀ خير آهي بس بيهوش ٿي ويو آهي (دوستن کي اک هڻي چوي ٿو) هاڻ ڏسجو تماشو! ڪيئن ٿو اپريل فول ٿئي.. شاهد پُڇڻ لڳي ٿو.. يار ڪنهنکي فون ڪيئي... بس هڪ نمبر هو..پاڻهين خبر پئجي ويندي...اصغر وري مُداخلت ڪري ٿو... بلڪل صحيح ڪونه پيا ڪريو!..شاهد.. يار مذاق ته آهي!ضمير.. مولوي تون سوسائٽي ۾ هلڻ جي قابل ئي ناهين... سڀ ٽهڪ ڏئي کلن ٿا.ٻئي طرف شاهد جي ماءُ پريشان ، موبائل ٽيبل تي رکي پريشان ڊائنگ ٽيبل تي ويهي رهي ٿي.. اوڏي مهل سندس ڌيءَ شاهدان ڪالج مان اچي ماءُ کي ڏسي...ڊوڙي اچي ماءُ کي سنڀالي ٿي... امي!..زور سان هانپجندي ساه کڻي...ش..شش... شاهد جو ايڪسيڊنٽ...ڪنهن ٻُڌايو ممي... د..دو...دوست جو فون هوس.. دا...دارل.. ..ممي گهٻرايو نه ...الله خير ڪندو...متان ڪنهن اپريل فول ڪيو هُجي... ائين چئي ٿي ته ماءُ بيهوش ٿي وڃي ٿي.. شاهدان ممي ...ممي ڪري دانهن ڪرڻ سان گڏ ڊوري پاڻيءَ جو گلاس کڻي سندُس مُنهن تي ڇنڊا هڻي ٿي..
    اسٽريچر تي ايميولنس مان شاهد جي ماءُ کي لاهي دارُالصحت جي ايمرجنسيءَ ۾آاندو پيو وڃي ٿو۽ شاهدان ڊوڙندي ايمرجنسيءَ وارن ڪمرن ۾ پڙدا هٽائي پنهنجي ڀاءُ جي تلاش لاءِ ڏسي ٿي نه لڀڻ تي ڊيسڪ تي ويٺل ڊاڪٽرياڻيءَ کان پُڇا ڪري ٿي جيڪا ٻڌائي ٿي ته شاهد نالي سان يا ٻيو ڪو هيل تائين ايڪسيڊنٽ ڪيس ڪونه آيو آهي. شاهدان جي ماءُ کي هڪدم ٽيسٽ بيڊ تي رکيو وڃي ٿو ۽ ڊاڪٽر کيس منهن تي ماسڪ هڻي مصنوعي ساه کڻائين پيا،گڏوگڏ پريشان شاهدان کي خيال ٿئي ٿو ته ڇو نه شاهدجي موبائل تي ڪال ڪري ڏسي، شاهد دوستن ۾ کل مذاق ۾ هلي پئي ضمير ... چوي پيو ته يار وري ٻئي کا ٿا فون ڪري فول ڪريون...ته شاهد جي موبائل اٺي ٿي کڻي جواب ڏي ٿو.. جي آپي...ڪٿي آهين تون..مان دوستن سان آهيان آپي.. ڇو خير ته آهي...ڪنهن فون ڪري ٻُڌايو هو ته تُهنجو ايڪسيڊنٽ ٿي ويو آهي..اهو ٻُڌي ممي جي حالت خراب ٿي وئي آهي.. اسان دارُالصحت ۾ آهيون تو جتي به هُجي جلدي اچ..شاهد پريشان ٿي وڃي ٿو ۽ ضمير کي ڏسي ٿو، ته تو ممي سان اپريل فول ڪئي آهي...ضمير.. نه نه مون ته ائين ئي ڪنهن رانگ نمر تي ڪال ڪئي هُئي.. ڇو ڇا ٿيو..ممي جو نروس بريڪ ڊائون ٿي ويو آهي ۽ هاسپيٽل ۾ اهي..ضمير جي مُهنجي ممي کي ڪُجهه ٿيو ته آئون توکي معاف ڪونه ڪندس.. اصغر تڏنهن ته چوندو آهيان ته اهي اپريل فول ملهائڻ اسانجي تهذيب ڪانهين!.. هاڻ وٺو اپرل فول جو مذو... ضمير ساري يار شاهد.. مونکي خبر نه هُئي ته اهو رانگ نمر تُهنجي ممي جو هوندو..بس ڪنهن عورت جو آواز آيو ته مون اپريل فول بڻائي ڇڏيو...هاڻ ياد آيم ته تُهنجي بيلنس ختم ڪري تو جيڪا مُهنجي موبائل تا پنهنجي ممي کي ڪال ڪئي .. اهو رانگ نمر اهوئي هو... ضمير يقين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.. شاهد.. مُهنجا دوست... قسم وٺ ته مونکي خبر ڪانه هُئي ته اهو رانگ نمر تُهنجي ممي جو هوندو... يار مون ڏي ماڻهن پاران ساڳئي نمبر حاصل ڪرڻ ۽ نيٽ ورڪ چينج ڪري رانگ نمبر اچن ٿا.. مون سمجهيو ته.. اهو به ان مان ڪو هڪ هوندو.. اصغر چيو.. شاهد جي مميءَ جو نه ته ٻي ڪنهن جي ممي، پاپا، جو ته هُجي ها نه... تُهنجو اهو اپريل فُول تڏنهن به اها سچوئيشن پئدا ڪري ڇڏي ها...ضمير شرمندو ٿي... يار مان هر سزا ڀُڳتڻ لاِ تيار آهيان ، اهو فيصو پوءِ ڪجو.. پهرئين هلو ته هاسپيٽل هلون.. سڀ دوست ضمير جي ڪار ۾ هاسپيٽل وڃن ٿا.
    شاهد ڊوڙندو ڊوڙندو بيڊ تي ليٽيل سلمه ڏي وڃي ٿو.. جيڪا نروس بريڪ ڊائون ڪرڻ ڪري اکيون پوريل آهن.. شاهدا جا لُڙڪ نٿا بيهن.. شاهد جا دوست به شرمندا شرمندا پيا ڏسجن...شاهد بيڊ تي پُهچي... ممي ... ممي... ڏسون.. مان شاهد آهيان..ممي ڏسو پليز.. مان بلڪل ٺيڪ آهيان.. مُنهنجو ڪو ايڪسڊنٽ ڪونه ٿيو آهي.. ممي پليز اُٿو.. هي مُهنجي دوستن جي شرارت هُئي...اپريل فول هو...(روئيندي) ممي .. مي پليز...ٿورڙي دير کان پوءِ سلم جي آهستي آهستي اک کُلي ٿي.. شاهد کي ڏسي!.. مُسڪرائي ٿي.. ش..شش.. شاهد.. مُ..مم.. مُنهن... مُهنجا پُٽ... ائين چئي سندس ڪنڌ هڪ طرف جهُڪي وڃي ٿو...شاهدان ڊوڙي.. ڊوڙي.. ڊاڪٽر جي ڊيسڪ تي وڃي ٿي... ڊاڪٽر ... ڊاڪٽر.. پليز.. جلدي هلو.. ڏسو مما...مما... اکيون کوليو پليز...شاهد به ڊورندو ڊاڪٽر وٽ اچي ٿو.. ڊاڪٽر اچي ٿي.. هٿ جي نبض ڏسي ٿي، اسٽيٿو اسڪوپ سان،به چيڪ ڪري ٿي اک کولي ڏسي ٿي...۽ پنهنجي ڊيسڪ تي واپس اچي ٿي... شاهد ۽ شاهدان به پُٺيان...خير ٿي ويو نه ڊاڪٽر.... ڇا ممي وري بيهوش ٿي وئي آهي...آئي ايم ساري.. ڊاڪٽر جواب ڏي ٿو...شي از نو مور...شاهدان...نه ڊاڪٽر.. توهانکي غلط فهمي ٿي آهي.. توهان وري چيڪ ڪريو.. ممي ضرور وري بيهوش ٿي ويا آهن...شاهد ڀيڻ کي ڀاڪر وجهي... ڊاڪٽر صحيح پيا چون آپي...ممي هاڻ هن دُنيا ۾ ناهن...ممي اسانکي اڪيلو ڇڏي هلي وئي آهي آپي... مميءَ جي موت جو ذميوار تون آهيان، شاهد..تُتُن...۽...نهنجا هي دوست...جن زندگيءَ کي تماشو سمجهيو آهي .... ضمير اچي شاهد کي ڀاڪر وجهي ها دوست اسان پنهنجون حدون اورانگهي ويا آهيون.. هر سال اپريل فول ٺاهي.. ڪنهن نه ڪنهن کي رنجايون ٿا شاهد.. ۽ اڄ ان اپريل فول مُهنجي ماءُ جي جان وٺي ڇڏي...اهي ڌارين قومن جون رسمون اپنايون ٿا ته انهن جا نتيجا به ڀوڳڻا اهن. قبرستان ۾ سلمه جي ميت کي مدفون ڪيو وڃي ٿو پٿر تي به سڀ دوست شرمسار آهن ته ڪيئن هڪ معمولي مذاق بنام اپريل فول هڪ سايو ۽ ڇپر کي اولاد کان محروم ٿو ڪري ڇڏي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 اپريل 2014
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    مون ته هي منحوس ۽ گندي رسم ڪڏهن نه ملهائي پر 1 اپريل 1998 تي منهنجو پيارو سؤٽ ۽ ننڍپڻ جو ساٿي طارق فوت ٿيو ته ويتر هن ڏينهن جي ياد ڪَڙي ٿي وئي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پو به الاهي دوست اها رسم ملهائي رهيا آهن ؟ ڇا وسارڻ لا کين به اهڙي ڪنهن واقعي جي وقوع ٿيڻ جو انتظار آهي.
     
  4. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    افسوس . . . . . . . . . .!
     
  5. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    هن ڪڌي رسم کي هميشه لا ڪڍڻ گهرجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو