سسئي لنگهيو سو، مرد جنهن مات ڪيا، جبلُ وڏو جو، نُوَڻ مڙوئي نينهن کي. مات = چڪنا چور، ڀڄي ڀري پوڻ نُوَڻ = لسو پَٽُ، هيٺاهين زمين * اڪيلي عورت، اڪيلي سسئي اهي جبل جهاڳيا ۽ لڪ لنگهيا، جتان دلير، بهادر ۽ مڙس ماڻهو به منجهي ڦاسي ٿا پون. رستا ڀلجيو وڃن ۽ راهه هلندي مري کپي ٿا وڃن. * جن جي دل ۾ محبوب کي ڏسڻ ۽ پسڻ جو عزم آهي. انهن عاشقن لاءِ هي هيڏا وڏا اونچا جبل ۽ پهاڙ به ڄڻ هڪ سنئين زمين ۽ لسي پٽ جيان آهن. پر عزم, همٿ ۽ حوصلي وارن ماڻهن لاءِ رڪاوٽون, تڪليفون ۽ مصيبتون ڪابه حيثيت نه ٿيون رکن. دلير ۽ بهادر ماڻهون ضرور پنهنجي منزل تي پهچي ڪاميابيون ماڻين ٿا. پنهنجو خيال رکندا ڪيو صبح جو سلام. سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ وال تان کنيل