ماهوار شريعت سکر جي خاص ايڊيشن ۽ 40 سال پورا ٿيڻ تي آءُ ماهوار شريعت جي سڄي سٿ کي ۽ خاص ڪري محترم مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ صاحب مدظله العاليه جن کي مبارڪ باد پيش ٿو ڪريان. مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ صاحب مدظله العاليه جن جون خدمتن جو ماهوار شريعت سکر بطور گواھ شاهد آهي. سندن علمي خدمت ۽ ڪاوشن عيوض جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آهي . پاڻ هر محاذ تي قابل قدر خدمت سرانجام ڏني اٿائون . تفسير ، حديث ، فقه ، تصوف ۽ هر مذهبي خدمتن سان گڏ پنهنجي سنڌ سونهاري جي حقن جي حاصلات لاءِ سندن بي شمار خدمتون اٿن . ماهوار شريعت سکر رسالي جا ڪارنامن کي ذڪر ڪندي مولانا رمضان ڦلپوٽو صاحب هن ماهوار رسالي جا اغراض ۽ مقاصد هن طرح لکن ٿا : 1: سنڌي ديني ادب ۾ نوان ليکڪ ۽ اديب تيار ڪرڻ 2: شريعت پبليڪيشن ذريعي تصنيف ۽ تاليف جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ . 3: مختلف اهم موضوعن تي خاص نمبر شائع ڪري سنڌ واسين کي ڪماحقه ڄاڻ فراهم ڪرڻ . ماهور شريعت سکر رسالي جا ڪجه خاص نمبر: سوانح حيات نمبير ڪالا باغ ڊيم نمبر ڪوٽا سسٽم نمبر علامه عبدالڪريم قريشي رح نمبر علامه قاسمي نمبر(غلام مصطفى قاسمي رح) فتاوى نمبر وغيره هن مذڪوره خاص ايڊيشن ۾ شريعت رسالي جي ليکڪن جو تذڪري هيٺ هن احقر(افتخار علي چوهاڻ) جو تعارف پڻ ڏنو ويو آهي جنهن لاءِ آءُ ماهوار شريعت سکر رسالي جي سڀني منتظمين جو نهايت دل سان شڪرگذار آهيان . هن رسالي ماهوار شريعت سکر جي ويب سائيٽ لاءِ لنڪ ڏني وڃي ٿي. ماهوار شريعت سکر
مولانا سليم الله صاحب جن جو نهايت ٿورائتو آهيان جن شريعت ۽ مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ بابت مزيد روشني وڌي ، پر جيئن ته سندن تحرير اقتباس ۾ رکجي وئي آهي ۽ ڊائريڪٽ نظر نه پئي اچي تنهن کي ڪاپي پيسٽ ڪري هت ٻيهر رکيان پيو جيئن ٻيا دوست مستفيد ٿي سگهن . مولانا سليم الله سنڌي سنڌي، مذهبي، علمي ۽ ادبي رسالن جي شاندار تاريخ رهي آهي. ورهاڱي کان اڳ به اهڙن ڪافي رسالن جو ڏس ملي ٿو. ورهاڱي کان پو ته باب الاسلالارم سنڌ ۾ ڪيترائي رسالا وجود ۾ آيا آهن. پراڻي زماني ۾ الوحيد جو به وڏو ڌاڪو ڄميل رهيوآهي. اهڙن ئي رسالن ۾ ماهوار شريعت سکر، ماهوار الفاروق ڪراچي، ماهوار الصادق ڪراچي، ماهوار النصيحت سکر، ماهوار القاسم ڪوٽڙي، (جيڪو منهنجي ادارت هيٺ نڪري ٿو جنهن جا به ڪجھ خاص ايڊيشن شايع ٿيا آهن جهڙوڪه فضائل قرآن وغيره )ماهوار الحماد سکر، به سٺي جا ولارين ٿا. پر ڪنهن به رسالي کي مسلسل هلائڻ تمام ڏکي ڳالھ آهي. ماهوار شريعت سکر ،کي خيرن سان چاليھ سال پورا ٿيا آهن. تازو ماهوار شريعت جو چاليھ ساله خاص نمبر شايع ٿيو آهي. جنهن ۾ چاليھ سالن جو انڊيڪس به ڏنو ويو آهي، ان کان سوا ان جي ليکڪن جو تعارف پڻ ڏنو ويو آهي. اهو حقيقت ۾ حضرت مولانا مفتي عبد الوهاب چاچڙ ۽ سندن لائق ۽ فائق فرزندن ڊاڪٽر پروفيسر عبدالقادر چاچڙ ۽ حضرت مولانا مفتي عبدالواحد چاچڙ جي محنت ۽ جاکوڙ جو نتيجو آهي. ماهوار شريعت جا ٻه ڪالم تمام گهڻا مقبول آهن. هڪ اوهان جا سوال ٻيو سنڌي عالمن جا انٽرويو سندن زباني حالات زندگي به پڻ محفوظ ٿي ويو آهي. ان کان سوا حضرت مولانا عبدالوهاب صاحب چاچڙ جن جو اداريو نهايت ئي ڪارائتا هوند آهن جيڪي حالاتِ حاضره تي انتهائي مفيد هوندا آهن. ان کان سوا چاچڙ صاحب جو سنڌ جي حقوق بابت جيترو پنهنجي رسالي ۾ لکيو آهي، شايد ايترو ڪنهن لکيو هجي. جنهن کي سنڌي قوم ڪڏهن به نه وساريندي. سنڌي قوم تي چاچڙ صاحب جو قرض آهي شايد اهڙو ڪو مرد قلندر اٿي کڙو ٿئي جيڪو حضرت مولانا مفتي عبدالوهاب جي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ لا هر ممڪن ڪوشش ڪتب آڻي، مون به حضرت مولاناعبدالوهاب صاحب چاچڙ جي هڪ مستقل ڪالم " حديث جي اهميت تي اعتراض جو جواب " ٽڙيل پکڙيل مواد کي گڏ ڪري سوڌي سنواري ۽ سينگاري ڪتابي صورت آڻڻ ۾ هڪ ڪوشش ورتي آهي. بهرحال چاچڙ صاحب هڪ علمي گهرڻي جو چشم ۽ چراغ آهي سندن والد به پنهنجي وقت جو جيد عالم هو ۽ سندن والده به هڪ نيڪ سيرت خاتون هئي جنهن خواب ڏٺو ته سندس پٽ پراڻن ڪتابن کي صاف ڪري رهيو آهي. حضرت مولانا جن ان وقت پڙهندا هئا پاڻ ان وقت جي خوابن جي تعبير جي ڄاڻو عالم دين حضرت مولانا عبدالعزيز ڀانڊي قبي رحه وارن کان ان خواب جو تعبير خط ذريعي معلوم ڪيو جواب مليو ته ان عورت جو پٽ وڏو عالم ٿيندو جيڪو سنڌي قوم جي خدمت ڪندو هي ڳالھ عالم آهي ته چاچڙ صاحب جون علمي خدمتون ڪنهن به ڳجهيون نه آهن شل رب حضرت مولانا جن کي صحتِ ڪامله عطا ڪري جيئن وڌيڪ دين ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهن. چاچڙ صاحب جا هن احقر تي گهڻا احسان آهن، جڏهن به وٽن حاضر ٿيس ته جئ ۾ جايون ڏيندا سندن اعلى اخلاق جي ڇا ڳالھ ڪجي پاڻ جيترا وڏا عالم آهن اوترائي شفيق آهن. منهنجي ٻن ڪتابن تي تقريظ به لکي اٿائون جنهن ۾ منهنجي خوب همت افزائي ڪئي اٿن