جڏهن ستيون جي، پَٿَر پير ڊگها ڪري تڏهن تنين کي، ساٿ سُتيئي ڇڏيو. پَٿَر = وڇاڻو, هنڌُ, بسترو, سمهڻ جي جاءِ * سسئيءَ کي ننڊ ۾ ئي ستل ڇڏي سندس ڏير پنهونءَ کي پاڻ سان گڏ کڻي هليا ويا ۽ سسئي سمهيل ئي رهجي وئي. *جيڪي ماڻهون بسترو وڇائي آرام ۽ سڪون سان سمهي ننڊون ٿا ڪن ۽ زماني جي ايندڙ لاهين، چاڙهين، خوف، خطرن کان بيپرواهه ۽ لاپرواه ٿين ٿا. انهن کي ننڊ ۾ ستل ڇڏي سندن دوست ۽ قافلا اڳتي نڪري هليا ٿا وڃن . *جيڪي ماڻهون نڀاڳي ننڊ ۾ ستا پيا هن ۽ پنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل کان بيپرواه آهن انهن کي مايوسيون، نا اميديون ۽ ناڪاميون نصيب ٿينديون. ڇو ته ڪائنات جي هر شئي چرپر، تحرڪ ۾ رهي ٿي ۽ سڀ شيون ۽ سماج تبديل ٿيندو رهي ٿو. تنهنڪري پاڻ کي زماني سان گَڏ هلڻ گهرجي نه ته ماڻهون پوئتي رهجي ويندو. پنهنجو خيال رکندا ڪيو صبح جو سلام. مظفر منگي صاحب جي فيسبوڪ وال تان ورتل