اپريل فول ۽ عشق جو اظهار محمد سليمان وساڻ هن سان تمام گهڻي چاهت هئي، ڏاڍي وڻندي به هيم، پر عشق جو اظهار ڪري ڪونه سگهيس. چاهڻ باوجود به لفظ ساٿ ڪونه ڏيندا هيا جو پنهنجي دل جو حال اوري سگهان. مان ڪراچي ۾ رهندو هوس ۽ هوءَ ڳوٺ .... موبائيل تي اڪثر رابطو رهندو هو. منهنجي تمام گهڻي عزت به ڪندي هئي، عقيدت جي حد تائين، ڇو ته سٺي نوڪري هجڻ ڪري سڀ ڳوٺ وارا منهنجي عزت ڪندا هئا. پر مان سندس ماء کان گهڻو ڊڄندو هوس، مان ته ڇا ڳوٺ جون سڀ مايون ۽ مرد هن کان ڊڄندا هيا. ڳالهائيندي هئي ته لڳندو هو ته ڄڻ جيرو ڪڍي کائي ويندي. هڪ ڏينهن سوچيم ته ڇو نه پنهنجي چاهت جو اظهار ڪيان ۽ ڳوٺ روانو ٿي ويس ۽ وڃي ساڻس مليس پر هن منهنجو هڪ غزل کولي منهنجي سامهون رکيو ۽ انهن ڳالهين ۾ پنهنجي ڳالهه ڪرڻ رهجي وئي، ڇو ته همت ئي ڪونه ڪري سگهيس. هڪ ڏينهن ڪنهن دوست جو ايس ايم ايس مليو ته عشق جو اظهار هميشه پهرين اپريل تي ڪرڻ گهرجي، جي ڳالهه ٺهي وڃي ته واهه واهه جي نه ته اپريل فول. اها ڳالهه مون کي به وڻي ۽ هاڻ مان پهرين اپريل جو انتظار ڪندو رهيس .... پر اپريل به اچڻ جي ئي ڪونه پيو ڪري. آخرڪار 31 مارچ اچي وئي ۽ مان به بيگ ڳچي ۾ وجهي ڳوٺ روانو ٿي ويس. اتي پهچي صبح پهرين اپريل جو پلان ٺاهڻ لڳس. پهرين اپريل جو سندس گهر وڃڻ جو سوچيم پر وري اهو سوچي واپس وريم ته سندس سامهون اها ڳالهه چوڻ منهنجي وس ۾ نه هوندي. واپس اچي سندس موبائل تي ڪال ڪيم ۽ هن جي هيلو چوڻ کان اڳ ئي مان شروع ٿي ويس ته مان تو سان تمام گهڻو پيار ڪريان ٿو، تون ڏاڍي خوبصورت آهين، منهنجي اکين جو ٺار آهين ۽ توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو. منهنجي قسمت شايد تمام گهڻي خراب هئي جو فون ان ڏينهن سندس ماء کنيو هو، جيئن ئي ڳالهائي بس ڪيم ته تي هن جي ماء جي رڙ ٻڌم ته نڀاڳا تون اسان جي ننگن ۾ اکيون وجهي ويٺو آهين. تون اچ ته توکي سيکاريان ٿي ته محبت ڪيئن ڪبي آ .... بس پوء ته ان وقت ئي ٽپڙ ويڙهي ڪراچي روانو ٿي ويس ۽ پنهنجو نمبر ئي مٽائي ڇڏيم ....ٻه سال ٿيا آهن ته ڳوٺ ئي ڪونه ويو آهيان ۽ همت ئي ڪانه ٿي ٿئي. هن سال اپريل ته آيو پر مان اڃان ويٺو ڊڄان ته ڳوٺ وڃان يا نه.
ڪهاڻي جي ڪردار ۾ پنهنجو پاڻ نه چاهيندي به سمائجي ويندو آهي. پوءِ کڻي ٿورو ئي سهي. ڇو ته ڪهاڻي هڪ رستو آهي زماني جا رنگ ڪنهن اڳيان پيش ڪرڻ لاءِ. انهيءَ ۾ مُشاهدا ئي اصل مُحرڪ آهن. پر تعدي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ضميرِ مُتڪلم ۾ لکيو وڃي ۽ پوءِ پُڇا جي وٺ. اهڙي حرڪت مون کان به ٿي. سماجي ڄار نالي لکيل هڪ ڪهاڻي پڙهي سچل جي دوستن يارن عزيزن ۽ وڏڙن ته ڇا پر کير واري به پُڇيو ته اوهان جي عُمر مان لڳي نه ٿو ته اوهان کي جواڻ جماڻ ڌي پُٽ هوندا. خير اهو سڀ اوهان کي به سُجهندو هوندو انهيءَ هوندي به لکي ويٺا آهيو. تنهنڪري ڊبل شابس. نه رُڳو لکڻ تي پر انهي انداز ۾ لکڻ تي. . . . .
هاهاهاها ... يار ڪهاڻي کي ڪهاڻي رهڻ ڏيو ... ضروري ناهي ته ليکڪ جيڪو لکي ٿو اها سندس ئي ڪهاڻي هجي .... ها باقي دنيا سان اٿون ويهون ٿا، پنهنجا يا ٻين جا وقعا به ڪهاڻي ٿي سگهن ٿا.
سائين پوء توهان پنهنجي پلان تحت ان جي ماء کي چئو ها ته ماسي اپريل فول اپريل فول سمجهي وڃي ها ۽ توهان جي ڳوٺ وڃڻ جو رستو به بند نه ٿئي ها؟؟؟؟؟؟