عاجز سمون جي ڊائري مان چورايل سٽونٰ

شاهده سمون

سينيئر رڪن
شادي کان اڳ ـ
عاجز سمون جي ڊائري مان چورايل سٽونٰ

" مان مڃان ٿو تہ تون سنڌوءِ جي سينڌ جهڙي پاڪ پويتر آهين ، مگر مون لاءِ تون حرام آهين ـ
" واقعي تنهنجي خطن جي مون وٽ اهميت ناهي ، انهي جو هو مقصد تہ ناهي تہ هر ماڻهون وٽ بہ هجي ـ
" تون مون تي هڪڙو ٿورو ضرور ڪجان ، منهنجي مرڻ کان پوءِ تنهنجن يادن کي مونسان گڏ دفن ضرور ڪرائيجان ، ڇوتہ هو دادليون اڪيليون نہ رهجي وڃن ، ۽ جي زمانو سهي بہ نہ ، متان ٽياس تي تنگجي پنهنجو انت نہ آڻي ڇڏين ـ
" تنهنجو ڪوبہ ڏوھ نہ آهي ڇو تہ مون توکي چاڳ ڏيئي چاڳلي ڪئي آهي ـ
" مون کي تہ تون هئين وڻندي تہ آهين پوءِ پاڻ کي وڻائيڻ جي ڪوشيش ڇو ڪندي آهين ـ
" تون منهنجي روح جي راڻي آهين ، مگر الاهي ڇو مان نہ ـ
" تون چاهت جي چانئنٺ چڙهيو تہ اچين ٿي تہ اچين ٿي ، مگر اڪرڻ جي سگهہ ڇو نہ ڪندي آهين ـ
" تو وڃڻ مهل چيو هوتہ هاڻ پرديسي ناول ويٺو پڙھ ، توکي اها خبر رکڻ گهرجي تہ منهنجي
زندگي ناولن جو مجموعو نہ آهي ـ
" مون ڪڏهن جيئڻ جي ڪوشيش ڪئي بہ نہ آهي ، پو بہ الاهي ڇو تنهنجون يادون مونکي جئيڻ جو سبق ڏين ٿيون ـ
" تو ڪڏهن اهو سوچو بہ آهي ، تہ منهنجو هر پل ڪيڏو غربت ناڪ هوندو آهي ـ
 
جواب: عاجز سمون جي ڊائري مان چورايل سٽونٰ

ادي تمام بهترين ڪوششون آهن توهان جون سنڌ سلامت لا۽ عاجز سمون جون ڪجهه ياديون هتي شيئر ڪرڻ تي توهان کي جس هجي


مهرباني ادي
 
جواب: عاجز سمون جي ڊائري مان چورايل سٽونٰ

ادي شاهده، پهرين ڳالهه ته اوهان اسانکي به پنهنجي چوري ۾ شامل ڪري ڏوهي ڪري وڌو آهي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته ادو عاجز شادي کان اڳ رومانوي هيو يا اڃان به آهي ۔۔۔
 
جواب: عاجز سمون جي ڊائري مان چورايل سٽونٰ

ادي شاهده، پهرين ڳالهه ته اوهان اسانکي به پنهنجي چوري ۾ شامل ڪري ڏوهي ڪري وڌو آهي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته ادو عاجز شادي کان اڳ رومانوي هيو يا اڃان به آهي ۔۔۔

asul mattasul mattasul matt
 
جواب: عاجز سمون جي ڊائري مان چورايل سٽونٰ

ادا ڳالهه ٻڌائيندي هلان ته شاعر اديب هميشهه خيالن جي دنيا ۾ گم پنهنجي تحريرن جوڙڻ ۾ گم هوندا آهن انهن جي خبر نه هوندي آهي ـ هڪ ٻي تجربي جي ڳالهه انهن جي تحريرن جي خيالن ۽ ذاتي خيالن ۾ فرق هوندو اٿو پاڻ جيڪو لکندا آهن انهن تي پاڻ عمل نه ڪندا آهن هوشيار رهجو اوهان کي تحريرن ۾ گم ڪندي اهڙا دلڪش جملا ٺوڪي سبز باغ ڏيکاريندا جيئن اڄ جا سياستدان اليڪشن وقت عوام کي ڏيکاريندا آهن ـ اهڙا ليک لکندا ڄڻ اجهو ٿا سماج سڌارين يعني ته سندن قول فعل ۾ فرق هوندو اٿو مان جنرل ٿي ڳالهه ڪيان ـ
 
Back
Top