ٽيڪنلوجي جي دنيا جي طاقتور برانڊز جو تعارف

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ALI AKBAR SHAR طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2014۔

  1. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    ٽيڪنلوجي جي دنيا جي طاقتور برانڊز جو تعارف

    ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ چند ڪمپنيون اهڙيون آهن جن جا پروڊڪٽ اک بند ڪري به حاصل ڪري سگهجن ٿا. ڇو ته انن جا نالا ڪميابي جي ضمانت آهن. هي ڪمپنيون طاقتور برانڊز جي طور تي ته سڃاڻيون وڃن ٿيون. ڪجهه ڏينهن پهرين CoreBrand نامي هڪ ڪمپني دنيا جي طاقتور ترين برانڊز جي حوالي سان هڪ لسٽ جاري ڪئي آهي. ان لسٽ ۾ دنيا جي هڪ سو طاقتور برانڊز جي درجه بندي ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ ٽيڪنلوجي جي دنيا جون مشهور ڪمپني ايپل 10 نمبر تي جيڪڏهن ڳالهه صرف ٽيڪنلوجي جي حوالي سان ڪئي وڃي ته ايپل هن وقت دنيا جي سب کان طاقتور برانڊ آهي. اسان ڳالهه صرف ٽيڪنلوجي جي دنيا جي ڪري رهيا آهيون. پر 100 برانڊز ۾ هي ڪهڙي نمبر تي آهن ان جو ذڪربه ڪيو ويندو.

    Apple
    ايپل کي دنيا جي انتهائي تخلقي ڪمپني ۽ ان جو شمار دنيا جي طاقتور برانڊز ۾ ڪيو وڃي ٿو. ٽيڪنلوجي ۾ هي پهرين جڏهن ته مجموئي طور تي دنيا جي طاقتور ترين برانڊز ۾ ان جو ڏهون نمبر آهي.
    [​IMG]


    Microsoft
    ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ طاقتور ترين برانڊز جي لسٽ ۾ ٻيو نمبر مائڪروسوفٽ کي حاصل آهي. ٽيڪنلوجي ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان ڪمپني گذريل پنج سالن ۾ ناقابل يقين ترقي ڪئي آهي. دنيا ۾ طاقتور برانڊز جي لسٽ ۾ ان جو يارهون نمبر آهي.
    [​IMG]

    Google
    گذريل پنج سالن ۾ گوگل ناقابل يقين حد تائين پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪئي آهي ۽ ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ طاقتور برانڊ آهي جڏهن ته مجموئي طور تي ان کي 26 نمبر حاصل آهي.
    [​IMG]


    Yahoo
    ياهو به ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ نالو ڪمايو آهي ۽ اڃ هي ڪنهن تعارف جو محتاج به نه آهي. ان وقت ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ ڇوٿو طاقتور برانڊ آهي جڏهن ته مجموئي طور تي ان جو پوري دنيا جي لسٽ ۾ 28 نمبر آهي.
    [​IMG]

    Sony
    سوني جي ڪارڪردگي مسلسل بهتر ڏسڻ ۾ اچي پئي ۽ ان ڳالهه جي ڪري گذريل چند سالن ۾ ان جي پوزيشن ۾ بهتري آئي آهي. ٽيڪنلوجي جي حوالي سان 5 نمبر تي جڏهن ته دنيا جي طاقتور برانڊز ۾ 31 نمبر حاصل آهي.
    [​IMG]

    AT&T
    ان ڪمپني جي ڪارڪردگي سال 2013 ۾ ڪافي مايوس نظر آئي آهي جنهن جي وجه کان ان جي پوزيشن ۾ ڪمي آئي آهي. پر هي ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ 6 نمبر تي طاقتور مجموئي طور تي 33 نمبر تي آهي.
    [​IMG]

    Dell
    ڊيل به سال 2013 کان وٺي اڃ ڏينهن تائين ڪوئي خاص ڪارڪردگي نه ڏيکاري آهي جنهن جي ڪري پوزيشن ۾ گهٽتائي آئي آهي. ان وقت دنيا جي طاقتور ترين برانڊز ۾ ان جو 48 نمبر جڏهن ته ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ 7 نمبر تي آهي.
    [​IMG]

    IBM
    آئي بي ايم ڪاروباري ادارن جي درميان مسلسل پنهنجي سڳ بهتر بڻائي رهيو آهي ان جي پوزيشن ۾ قابل ذڪر اضافو ٿيو آهي. ان وقت ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ 8 نمبر تي جڏهن ته دنيا جي طاقتور برانڊز ۾ 49 نمبر تي آهي.
    [​IMG]

    Samsung
    سام سنگ مسلسل ترقي جي ضمانت جو محتاج نه آهي. ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ سام سنگ 9 نمبر تي طاقتور برانڊز جڏهن ته دنيا ۾ 52 نمبر تي آهي.
    [​IMG]

    eBay
    اي ڪامرس جي وڏي وڏي ڪمپنين ۾ اي بي جو نالو پهرين نمبر تي اچي ٿو. گذريل 5 سالن ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي ان وقت ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ 10 جڏهن ته مجموئي طور تي 59 نمبر تي آهي.
    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واقعي ئي هي سڀ دنيا جون مشهور ۽ مڃيل ڪمپنيون آهن. مختصر تعارف پيش ڪرڻ ۽ ڄاڻ ڏيڻ لاء اوهان جون مهربانيون.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو