تعارف

'تعارف' فورم ۾ شاهده سمون طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2010۔

  1. شاهده سمون

    شاهده سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2010
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    تعارف
    آئون شاهده سمون اصل ماڳ ڪنري ، تعليم ايم اي ساست ٰ، تعليم کاتي ۾ 20 سالن کان ٽيچر جا فرائيض سر انجام ڏئيي رهي آهيان انهي کان علاوه 16 سالن کان سماجي خدمت طور ضلع عمر ڪوٽ ۾ پنهنجي ٺاهيل ڳوٺاڻي عورتن جي ترقياتي تنظيم هلائي رهي آهيان منهنجي شادي 20 سال اڳ عاجز سمون سان ٿي جيڪو منهنجو سؤٽ پڻ آهي پاڻ 16 سال اڳ مون کي همٿائي سماجي دنيا ۾ آڻي پاڻ واپس پنهنجي صحافتي دنيا ۾ هليو ويو تنهن ڪري اسان جا شبعہ الگ پر دليون گڏ آهن چوندا آهن مرد جي ڪاميابي پويان عورت جو هٿ هوندو آهي انهي ۾ ڪوبہ وڌاءِ نہ آهي تہ منهنجي ڪاميابي ۽ اڳ تي اچڻ ۾ پنهنجي ور عاجز جو هٿ آهي سنڌي معياري شاعري وڻندي اٿم شاه عبد لطيف ڀٽائي اسان جو مرشد آهي ڪلاسڪ ميوزڪ اسان جي روح جي غذا آهي سنڌ سلامت پنهنجو مٽ پاڻ آهي جنهن جي تعاريف ڪرڻ لاءِ لفظ نہ آهن جئيي لطيف سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    اي نہ مارئن ريت جي ، سيڻ مٽائين سون تي ،
    اچي عمرڪوٽ ۾ ، ڪنديس ڪانہ ڪريت ،
    پکن جي پريـٽ ، مـاڙين سـين نہ مٽــيان ـ
    (لطيف)
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تعارف

    ڀيڻ جيتوڻيڪ اسانکي ڪجهه اندازو هيو ته اوهانجو سائين عاجز سان ڪو قريبي رشتو ضرور آهي پر اڄ اوهانجو تعرف پڙهي خوشي ٿي ۽ پڪ ٿي ته اوهين ٻئي محترم شخصيتون اسانجي هن فورم جي سونهن به آهيو ۽ ٻه جسم هڪ جان آهيو ۔۔۔ اسانجون دعائون اوهان سان گڏ آهن ۔۔۔ ٻي ڳالهه ضرور چوندس ته اوهانجي ڳالهه مان واضح ٿيو ته هر ڪامياب عورت جي پويان ڪنهن مرد جو هٿ هوندو آهي ۔۔۔

    ماشاء الله ۔۔۔ اوهانجي ترقي ۽ واڌاري جي پويان ته عاجز جهڙو سڄاڻ ذهن آهي ۔۔۔ رب العالمين اوهانجي جوڙي سلامت رکي ۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تعارف

    ادي شاهده ۔۔۔ تفصيلي تعارف ڪرڻ جي مهرباني۔۔ اوهان کي سنڌ سلامت تي ٻيهر به ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔ الله توهان جي سماجي ۽ قومي جذبي کي سلامت رکي
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: تعارف

    ادي توهان جو تفصيلي تعارف پڙهي ڪري ڏاڍي خوشي ٿئي ته توهان محترم عاجز سمون صاحب جي لائف پارٽنر آهيو ادي اسان اوهان کي هڪ دفعو ٻيهر خوش آمديد ٿا چئون
     
  5. ابن قابل قاضي

    ابن قابل قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: تعارف

    ڀيڻ شاهده
    السلام عليڪم
    تعليمي ميدان ۾ خدمتون انجام ڏيڻ تي آفرين هُجيوء .
    هڪ ڀيري ؛ رسول الله صلي الله عليـ وسلم جن پنهنجن اصحابـ سڳورن کي فرمايو ـ ڇا اوهان کي خبر آهي تـ سڀ کان وڌيڪ سخي ڪير آهي. اصحابـ سڳورن عرض ڪيو، الله ۽ الله جو رسول صلعم ئي بهتر ڄاڻن ٿا،” فرمايون الله تعالي سڀ کان وڌيڪ سخي آهي، ان کان پوُ سڀ کان وڌيڪ سخي آئون آهيان ۽مون کان پوء سڀ کان وڌيڪ سخي اُهو شخص آهي جنهن علم سکيو ۽ پوء ان علم کي ماڻهن ۾ ڦهلايو_ راوي حضرت ابوهريره رضـ ، ڪتاب مشڪوتـ شريف _ ڪتاب العلم.

    سڀ گڏجي سنڌ جي تعليم کي سڌارڻ لاء پاڻ پتوڙيون.

    والسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو