نه ڪي ٿي جيئان، نه ڪي مُئي آهيان، ساجَنَ ساهه ڏيان، توکي ساريو سپرين. ساجن = سڄڻ، پرين، محبوب * نه تو کان سواءِ جي سگهان ٿي ۽ نه وري موت ٿو اچي. توکي ئي ساريندي، توکي ئي ياد ڪندي جڏهن موت اچي ته منهنجي دل ۽ چپن تي تنهنجو ئي نالو هجي. * هي اُهي اندر جا ڪومل، نازڪ، نفيس ڪؤنئرا ۽ ريشمي احساس آهن جڏهن ماڻهون نه جي سگهندو آهي ۽ نه وري مري سگهندو آهي. * هر پل، هر گهڙي بس محبوب جي ياد ۾ ئي گذرندو آهي ۽ هي اذيت، پيڙا ۽ ڀوڳنا جيئڻ نه ڏيندي آهي. پنهنجو خيال رکندا ڪيو صبح جو سلام. مظفر منگي جي فيس بوڪ ٽائيم لائين تان ورتل