نه ڪي ٿي جيئان، نه ڪي مُئي آهيان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
نه ڪي ٿي جيئان، نه ڪي مُئي آهيان،
ساجَنَ ساهه ڏيان، توکي ساريو سپرين.


ساجن = سڄڻ، پرين، محبوب

* نه تو کان سواءِ جي سگهان ٿي ۽ نه وري موت ٿو اچي. توکي ئي ساريندي، توکي ئي ياد ڪندي جڏهن موت اچي ته منهنجي دل ۽ چپن تي تنهنجو ئي نالو هجي.

* هي اُهي اندر جا ڪومل، نازڪ، نفيس ڪؤنئرا ۽ ريشمي احساس آهن جڏهن ماڻهون نه جي سگهندو آهي ۽ نه وري مري سگهندو آهي.


* هر پل، هر گهڙي بس محبوب جي ياد ۾ ئي گذرندو آهي ۽ هي اذيت، پيڙا ۽ ڀوڳنا جيئڻ
نه ڏيندي آهي.


پنهنجو خيال رکندا ڪيو
صبح جو سلام.

مظفر منگي جي فيس بوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
 
Back
Top