• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شگر کان بچاءُ

زاھد حيدر ملاح

سينيئر رڪن
2qi9tae.jpg


اسلام آباد(ع آ نيوز) تازو ڪيل هڪ تحقيق مطابق هفتي ۾ چار يا پنج ڀيرا ڏهي کائڻ سان شگر جي بيماري کان بچي سگهجي ٿو. برطانيه ۾ ٿيل ان تحقيق جوڙيندڙ ماهرن چيو آهي ته 11 سالن دوران 4 هزار کان وڌيڪ ماڻهن تي ٻڌل گروپ تي تحقيق ڪئي وئي جنهن جي نتيجن مطابق وڌيڪ ڏهي استعمال ڪندڙ ماڻهن ۾ شگر جي بيماري جو خدشو 24 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي ويندو آهي. ماهرن چيو ته هفتي ۾ چار يا پنج ڀيرا ڏهي کائڻ سان شگر ٽائيپ ٽو جي مرض کان ڪافي حد تائين بچي سگهجي ٿو.

عوامي آواز جي ٿورن سان
 
ٻيو نه ته سائين ان مهانگائي جي ڪري ملاوٽ پئي ٿئي ملاوٽ وري بيمارين کي جنم پئي ڏئي. دوڪان تي وڃو ته ٻارن جي ٽافي کان ويندي اٽي تائين هر شي ۾ ملاوٽ آهي. جڏهن اهي ملاوٽ واريون شيون جسم ۾ داخل پيون ٿين ته بيماريون جنم پيون وٺن.
وسلام
 
Back
Top