ڪامريڊ نذير حسين حيدري جي بدين ۾ ٿيندڙ ورسي جي حوالي سان ڪنهن به شخصيت جي بڻ بنياد جو ڏس پتو ٻڌائڻ ته ڏاڍو سولو ڪم آهي، پر اُن جي پيرائيتو بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. شخصيت جو بڻ بنياد خانداني حالتون ۽ روايتون به ٿي سگهن ٿيون، آسپاس جو مخصوص ماحول به ٿي سگهي ٿو، ۽ ڪو غير معمولي واقعو ياڪو خاص فرد به ٿي سگهي ٿو. يا وري اهي سموريون يا ڪجهه ڳالهيون گڏجي ڪنهن جي شخصيت جي ابتدائي تشڪيل ڪن ٿيون، تمام ٿورين حالتن ۾ ڪي شخصيتون، پنهنجي خاندان ۽ ماحول جي اُبتڙ، رڳو پنهنجي فڪر ۽ احساس جي سهاري سجاڳ ٿين ٿيون. هو نئن ته هر ڪنهن بنياد مان غير معمولي ماڻهو مٿي اچڻ ٿا، پرجيڪي شخصيتون پنهنجي اندر جي اُٿل سان اُڀرن ٿيون، سي وڌيڪ جاندار ۽ شاندار ثابت ٿيون آهن. ٻئي ڪنهن به بنياد وارا زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي ۾ ڪنهن نه ڪنهن معاملي تي مصلحت کان ڪم وٺي سگهن ٿا، پر پوئين قسم جي بنياد وارامرڻ گهڙيءَ تائين اٽل ۽ اڏول رهندا آهن. اسان وٽ سنڌ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جون شخصيتون اهڙن انسانن جو مکيه مثال آهن. ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ جي شخصيت به اهڙي هئي. جنهن جي خاندان جون حالتون سندس ڪم ۽ ڪردار کان مختلف هيون. سندس خاندان ۾ اڳي اهڙي ڪابه روايت ڪانه هئي، جهڙي هن پاڻ قائم ڪئي. ڪو اهڙو غير معمولي واقعو به مٿس ڪونه گذريو، جهڙو محمد علي ڪلي تي گذريو هو، ۽ جنهن جي ڪري هو ننڍي هوندي ئي کيس ڌڪ هڻڻ واري جو منهن ٺونشن سان سڄائڻ جو خيال پچائي، دنيا جو مشهور ٺونشيباز بنجي ويو. نه وري ڪنهن غير معمولي فرد جو اثر ڊاڪٽر حيدريءَ جي شخصيت جو بنياد بنيو. سندس والد بزرگوار، حاجي غلام علي، تمام وڏو واپاري، لکاپتي ماڻهو هو. سنڌ جي لاڙ ۽ ڪڇ ڀڄ پاسي، چمڙي جون ڪئين ڪوٺيون هيس. هيڏي سڄي ڪاروبار جو اڄ ڪوبه نشان ڪونهي ته ان جو مطلب هي نه آهي ته حاجي صاحب جا پويان ان کي سنڀالي نه سگهيا، پر ان جو سبب هي آهي ته اها سموري دنياداري ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ جي شخصيت جو بک بنجي وئي. هو انگريزيءَ جا ڪجهه درجا پڙهي سگهيو هو، پر انگريزي جا وڏا ڪتاب پڙهندو هو، ۽ پنهنجو پرايون درخواستون چڱيءَ طرح لکي ويندو هو، اردو تي اهل زبان جيتري مهارت هيس. فارسيءَ جو سٺو سخن فهم هو، ۽ علمي ڪتاب مطالع ڪندو ڪندو هو، عربيءَ جي ايتري شناس هيس جو صحيح تلفظ سان پڙهڻ، ان جي معنيٰ ڪڍڻ ۽ ترجمي کي ڀيٽڻ جو انداز رکندو هو، شعر، علم جي فلسفي جاڳرا ۽ ڏکيا ڪتاب هن شروع کان وٺي ائين لڳاتار پڙهڻ ۽ حضم ڪرڻ شرع ڪيا جو اهم ڪتابن ، مصنفن ، تن ۽ صفحن جا حواله کيس ياد رهندا هئا، مطالعي ذهن ۽ ذوق جي خالص بنيادن تي، هو باقاعدي عالم شمار ٿيو. فڪر ۽ احساس جي دولت، کيس انساني سماج ۾ دولت جي انڌي ۽ اونڌي نظام جو مشاهدو ڪرايو. اباڻي زمينداري جڏهن سندس سنڀال هيٺ آئي، ته کيس هاريءَ ۽ پورهيت سان سڌي ناتي ڳنڍڻ جو مقعو مليو. هر سال مٿس ڍل جي وصوليءَ جا وارنٽ نڪرندا هئا، پر هي شخص ڇا ڪندو هو؟ ڪنهن جي ٻانهن ڀڄي وئي. ڪنن ڍڳو ٿي ويو، ڪنهن ڇورو ڇنڀر جيل هليو ويو، ڪنهن سان زميندار، پوليس يا ڪاموري زيادتي ڪئي، ته ڊاڪٽر حيدري هلڻ ۾ هلاڪ هوندو، گهر تي هوندو ته سندس اوطاق تي آڌيءَ رات تائين ماڻهو هتان هتان جو شڪايتون کڻي پي ايندا ، تڪرار پيا نبيريا، لنگر پيا هلندا، ۽ پر جوش پروگرام پيا طي ٿيندا، انهي پرجوش پروگرامن جي هڪ حيدربخش جتوئيءَ تائين پهتي، ۽ کيس لاڙ ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو اڳواڻ ملي ويو. بدين شهر جي مارڪيٽ چوڪ ۾ جيڪو پهرين جلسو ٿيو سو مونکي ياد آهي جتي مون کي پهريون ڀيرو ڪامريڊ جتوئي جي زيارت نصيب ٿي. اڳتي هلي ڊڪٽر نذير حسين حيدريءَ سنڌ هاري ڪاميٽي جو وائس پريزيڊنٽ ٿيو، هو آخري تائين ڪامريڊ جتوئيءَ جو هڪ باهمت ۽ اعتماد ڀريو ساٿي رهيو، لاڙ جي سڄي پٽ ۾ هن هارين، پورهيتن ۽ اٻوجهن لاءِ ڏينهن رات ايترو ڪم ڪيو، جو جلدئي خود به مسڪينن جي صف ۾ اچي ويو. ڪڏهن سفِر لاءِ ڀاڙي جا پئسا نه هوندا هئا، ته ڪڏهن گهر لاءِ اٽو ڪونه هوندو هو. لکاپتيءَ جو پٽ، سڄي عمر پورهيتن لاءِ جنگ جوٽي، پنهنجي اولاد کي به پورهيتن جي درجي تي بيهاري ويو، هن پنهنجي مايا ۽ موڙي ڪا اڻڄاڻائي سان ڪانه وڃائي. اهو هڪ اهڙي سچي عالم ۽ دانشور جو عمل هو، جيڪو انفرادي فائدن بدران اجتماعي مفادن لاءِ سڀڪجهه گهوري ويو،اچ عام ماڻهو کيس “لاڙ جو ابو” سڏي ياد ڪن ٿا، ۽ سڀ ڄاڻن ٿا ته ڊاڪٽر حيدريءَ جي جڳهه ڪڏهن به، ڪير به نه ڀريندو. ڊاڪٽر حيدريءَ لاڙ ۾ پنهنجي خواجه قوم جو معتبر اڳواڻ هو، اثنا عشري مذهب جو مڃيندڙ هو، تقرير جو ماهر، ۽ پنهنجي مذهب جو پر جوش مبلغ هو. تنهن هوندي به تنگدلي منجهس ڪانه هئي، مطالعي جي وسعت، سندس دل ۽ دماغ کي وسعت ڏني هئي. هو پنهنجي شيعه فرقي جي ڪتابن سان گڏ، مسلمانن جي هر فرقي توڙي ٻين مذهبن جا ڪتاب پڙهندو ۽ رکندو هو. مذهب سان گڏ، فلسفي ، تاريخ ۽ انقلابي تحريڪن جيو مطالعو کيس پسندو هو، مارڪس اينجلس، هيگل ۽ لينن جون تحريرون مذهبي ماڻهن کي نه آئڙنديون آهن، پر هو پڙهندو هو ۽ انهيءَ فڪر جي تعريف به ڪندو هو انهي وسيع قلبيءَ جي ڪري هن فرقيوار متڀيد کان پري رهي، عام خلق جي خدمت ڪئي. ۽ اهوئي سبب آهي جو عام خلق سندس فرقيوار حيثيت کي نظر انداز ڪري، سندس عام اڳواڻيءَ کي قبول ڪيو. يحيٰ خان جي مارشلا ۾ جڏهن مرحوم مجيب الرحمٰن ۽ مرحوم ڀٽي سان گڏ، شيخ اياز ۽ پليجي سميت، ڪيترائي ماڻو جيل اُماڻيا ويو، ته ڊاڪٽر نذير حسين هيدري شهري حقن جي بحالي لاءِ باهيون ٻاريندو، جلسن کي خطاب ڪندو، جلوسن جي ڳواڻي ڪندو، ڪوٽڙيءَ تائين پهچي آيو، ۽ تيستائين ماٺ نه ڪيائين جيستائين کيس به جيل اُماڻيو ويو ۽ پوءِ جلد ئي سڀ ٻاهر نڪتا. لاڙ ۾ سندس مڃتا ۽ سرگرمي جو اهو عالم هو جو مرحوم ايوب خان جي مقابلي ۾ محترمه فاطمه جناح کي وڌ کان وڌ ووٽ بنگلاديش جي هڪ تڪ مان مليا، ۽ ٻيو بدين مان جتي ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ جو هيڊڪوارٽر هو. ساڳيو نتيجو پيپلس پارٽيءَ جي حق ۾ آيو. ڊاڪٽر حيدري پيپلس پارٽيءَ جو باني ميمبر هو. ڊاڪٽر حيدريءَ مسلم ليگ جي هڪ سرگرم اڳواڻ جي حيثيت سان جيل ڪاٽيا، پر پنهنجي رواداريءَ واريءَ فطرت جي ڪري، هند جي لڏپلاڻ وقت انهن جي جان ، مال ۽ عزت جي سلامتي لاءِ سچيءَ دل سان ڪم ڪيو. ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ ايم، بي ايس ڪانه ڪئي. پر تڏهن به هو ڊڪٽر مشهور ٿيو، ۽ ڊاڪٽر جي لفظ وٺڻ کان سواءِ ڪير به سندس رکو نالو نه وٺندو هو، مطالعي جي عادت سبب هن حڪمت جي ڪتابن جو ايڏو مطالعو ڪيو جو پنهنجي ڳوٺ نندي شهر مان بدين اچي، شفاخانو کوليائين، حڪمت ۾ مشهور ٿيو، ته انهيءَ دوران هن ڊاڪٽري ڪتابن جي ذاتي نموني مطالعو ڪيو، ۽ ايلوپيٿي علاج شروع ڪري ڏنو. ان ۾ هو ايڏو ڪامياب ويو جو بدين شهر ۾ “ڊاڪٽر” جي معنيٰ نذير حسين حيدري ٿي وئي، هن وڏي اسپتال کولي، جنهن ۾ انڊور پئثنٽس وارڊ به رکيائين، هلڪي سرجري به ڪندو هو، هت ۾ ايڏي شفا هيس جو سرڪاري اسپتال جي ڊڪٽر وٽ ماڻهن جو وڃڻ گهٽجي ويو، ۽ کيس سرڪار وٽ ڊاڪٽر حيدري خلاف پڪارڻو پيو، پر ڊاڪٽر حيدريءَ ڪا ڪمائي ڪانه ڪئي، ۽ غريبن جو علاج مفت پيو ٿيندو هو، آخر اسپتال تي به “هاري ڪاميٽي” لڳي وئي، ۽ نيٺ هن اها سپتال، جڳهه ۽ سموري ساز سامان سميت، پنهنجي ڪمپائونڊر محمد علي شيخ کي ڏيئي ڇڏي. اهي سڀ وصفون ڊڪٽر نذير حسين حيدريءَ کي ڏات ٿي مليون هيون، جيڪي سندس شخصيت جو بنياد هيون مون کي فخر آهي جو آءٌ اهڙيءَ شخصيت جو پاليل ۽ پرورش ڪيل آهيان، ڪجهه نه آهيان، پر جيڪي ڪجهه آهيان، سو پنهنجي مامي مرحوم جي قربت، صحبت ۽ شفقت جي ڪري. (ڊاڪٽر نذير حسين حيدري جي 1983ع ۾ ڇپيل ڪتاب فلسفهءِ محبت جو شمشير حيدري پاران لکيل مهاڳ)