مست
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
گهڻن ئي ڏينهن کان پوءِ هڪ مختصر پر مزيدار ٽيوٽرل کڻي حاضر ٿيو آهيان.. اميد ته اوهان کي پسند ايندو..
اوهان مختلف جڳهن تي تصويرن کي ڏٺو هوندو، جن ۾ ڪو به فالٽ نه ٿو هجي ۽ اهي ڏسڻ ۾ به دلڪش هونديون آهن.. جيئن مختلف ميگزينس، انٽرنيٽ، اخبارن ۽ اشتهاري بورڊن تي ماڊلس جون تصويرون.. ڀلي اهي ماڊل اصل ۾ خوبصورت نه هجن پر انهن جي تصويرن کي ڏسي اسان عش عش ڪرڻ کان سواءِ نه ٿا رهي سگهون.. اهو سڀ ڦوٽو شاپ جو ئي ڪمال آهي... هن ٽيوٽرل کي پڙهي ۽ ان تي عمل يا تجربو ڪري توهان به هڪ پروفيشنل ڦوٽو ايڊيٽر بڻجڻ وارا آهيو...
ڦوٽو شاپ جي نئين فائل کولي ان ۾ ڪابه اهڙي تصوير کڻو.. جيئن مان هيٺئين تصوير تي ڪم پيو ڪريان...
هاڻي ٽولز مان بلر (Blur) ٽول کي سليڪٽ ڪريو.
اميج تي ڪٿي به رائيٽ ڪلڪ ڪري هارڊنيس کي وڌائي 15 سيڪڙو يا ان کان به مٿي رکو ۽ برش جي سائيز پنهنجي تصوير جي حساب سان سليڪٽ ڪريو.
هاڻي بلر ٽول کي استعمال ڪندي تصوير تي اسٽروڪس هڻڻ شروع ڪريو بلڪل اهڙي طرح.....
اوهان جو فائنل اميج ڪجهه هن طرح هوندو
ته دير ڇا جي آهي اوهين ڪنهن به تصوير کي اهڙي ئي طريقي سان ايڊٽ ڪري ان کي پروفيشنل لُڪ ڏئي سگهو ٿا.
wslam

هاڻي ٿوڙو ڪلر کي بهتر ڪريون.
ان لاءِ Image جي مينيو ۾ وڃي وري Adjustments جي سب مينيو ۾ Hue/Saturation جي آپشن کي سليڪٽ ڪريو ۽ colorizr جي آپشن کي سليڪٽ رکندي سيٽنگ هن طرح رکو..اوهان جو فائنل اميج ڪجهه هن طرح هوندو