قدرت الله شهاب مرحوم لکي ٿو بطور ڊپٽي ڪمشنر جهنگ ۾ تعيناتي جي دوران هڪ ڏينهن هڪ پرائمري اسڪول جو استاد رحمت الاهي جي نالي آيو.اهو ڪجهه مهينن کان پوءِ رٽائرڊ ٿيڻ وارو هيو. ان جون ٽي جوان نياڻيون هيون رهڻ جي لاءِ پنهنجو گهر به نه هيس.پينشن به معمولي ٿيندس. ان کي اهو فڪر کائي رهيو هيو ته رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِهو ڪٿي رهندو. نياڻين جون شاديون ڪيئن ڪرائيندو ، کائڻ پيئڻ جو خرچ ڪيئن پورو ٿيندو. ان مونکي ڪن ۾ ٻڌايو ته پريشاني جي عالم ۾ هو ڪيترن ئي مهينن کان تهجد کانپوءِ روئي روئي الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ فريادون ڪندو رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن پهريان حضور اڪرم ﷺ جي زيارت ٿي. پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته توهان ضلع جي ڊپٽي ڪمشنر وٽ وڃو اهو توهان جو مسئلو حل ڪري ڇڏيندو.مان ان جي ڳالهه توجه سان ٻڌي پهريان مونکي شڪ ٿيو ته هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. منهنجي چهري تي شڪ شبهن جا آثار ڏسي ڪري رحمت الاهي روئڻهارڪو ٿي ويو ۽ چيو جناب! مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان. هي ٻڌي منهنجو شڪ پوري ريت ته ختم نه ٿيو ليڪن سوچيم ته جيڪڏهن هي شخص غلط بياني کان ڪم وٺي رهيو آهي ته اهڙي عظيم هستي جي اسم مبارڪ جو سهارو ڇو ٿو وٺي. جنهن نالي جي لڄ رکڻ اسان سڀني تي فرض آهي. تنهنڪري مان رحمت الاهي کي ٽن هفتن کان بعد ٻيهر اچڻ جو چيو. ان دوران مان لڪي ڇپي ان جي ذاتي حالات جي تصديق ڪئي هو پنهنجي علائقي جو سچو ، نماز۽ روزي جو پابند شخص هيو.ان جي گهر جا به اهي ئي حالات هيا جيڪي هن بيان ڪيا هئا.ان زماني ۾ ڪجهه عرصي جي لاءِ صوبائي حڪومت ڊپٽي ڪمشنرن کي اهو اختيار ڏنو هيو جيڪا سرڪاري غير آباد زمين هئي انهن مان ڪجهه حصو اهڙي خواهشمندن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هيو جيڪي هو انهن کي آباد ڪرڻ جي لاءِ تيار هجن. مان پنهنجي ماتحت کي گهرائي ان کي چيو ته ڪجهه مناسب زمين جي ڳولها ڪري جنهن کي آباد ڪرڻ ۾ دير نه لڳي. ماتحت آفيسر سمجهيو ته مان ڪنهن ويجهي مائٽ کي اها زمين ڏيڻ چاهيان ٿو هن اهڙي زمين ڳولهڻ ۾ دير نه ڪئي ۽ رحمت الاهي جي نانءُ به ڪرائي ڇڏي ۽ سمورا ڪاغذ منهنجي حوالي ڪري ڇڏيا. ٻئي دفعي جڏهن رحمت الاهي مون سان ملڻ آيو ته مان ان کي ماتحت آفيسر جي حوالي ڪري ڇڏيو جيئن هو باقي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ان جي مدد ڪري. تقريبا نون سالن کان پوءِ جڏهن مان ڪراچي ۾ صدر ايوب سان گڏ ڪم ڪري رهيو هوس ته هڪ ڏينهن رجسٽر خط مليو جيڪو رحمت الاهي جي طرفان هيو ان لکيو هو ته مان زمين تي سخت محنت ڪري پنهنجي ٽن نياڻين جي شاديون به ڪرائي ڇڏيون آهن جيڪي پنهنجي گهر ۾ خوش آهن ، هن پنهنجي گهرواري سان گڏ حج جو فرض به پورو ڪري آيو آهي ۽ پنهنجي گذاري لاءِ ڪجهه زمين ۽ رهڻ جي لاءِ جڳهه به تيار ڪرائي آهي اهڙي خوشحالي ۾ مونکي ان زمين جي ضرورت نه رهي آهي ان ڪري سمورا ڪاغذ اوهان ڏانهن واپس موڪليان پيو جيئن ڪنهن ٻئي ضرورتمند جي ضرورت پوري ٿي سگهي. مان اهو خط پڙهي ڪجهه دير جي لاءِ نيم بيهوشي حالت ۾ اچي ويس . مان انهيءَ حال ۾ ويٺو هيس ته صدر ايوب ڪنهن ڪم سبب جي ڪري منهنجي ڪمري ۾ آيو منهنجي اهاحالت ڏسي چوڻ لڳو” ڪنهن سوچ ۾ گم آهين؟“ ان منهنجي اها حالت محسوس ڪري ويو هيو مان ان کي رحمت الاهي جو سڄو قصو ٻڌايو ته هو ڏاڍو حيران ٿيو. (شهاب نامه)
بيشڪ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي امتين جي مدد ڪندا رهندا آهن. تاريخ جا ڪتاب اهڙن واقعن سان پُر آهن.