عشق جنين جو سانگ

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    عشق جنين جو سانگ...

    ج. ع. منگهاڻي

    لکڻ هونئن به ننڍو واقعو ڪونهي، پر ڪنهن وڏي شخصيت تي لکڻ ته لاشڪ معمولي واردات ناهي هوندي. مشهور چوڻي آهي ته، ’منهن ڏسي ٽڪو ڏجي گهر ڏسي ڀاڄي ڏجي‘ پر غريب اهي لوازمات ڪٿان هٿ ڪري؟

    ذهن کي ڦوليان / اٿلايان، مانَ ڪي مانائتيون مڻيون لهان، اڻمول هيرن جواهرن جهڙن لفظن لاءِ ته کاٽائو ٿي من جي کاڻ ۾ کاٽ اوس هڻڻو پوندو / اڻملهه ماڻڪ موتين جهڙن جملن لاءِ اندر واري عميق جي پاتال ۾ لهڻو ئي پوندو، غيرمعمولي وارداتن جا سانڀاها ڪرڻائي پوندا جي مون کي پنهنجي دل وٽان ليک لکڻ جي آس آهي ته !!

    ليکڪ جو ڪم لکڻ آهي. اهائي سندس وندر به آهي ته ذميداري به، پر جڏهن هو پنهنجي پاڻ تي اها ذميداري / پابندي رکي ته کيس تمام سٺو اعليٰ مرتبي / معيار جو ليک لکڻو آهي ته اها ڳالهه سندس لاءِ بيحد ڏکي ۽ دٻاءَ جوڳي ٿي پوندي آهي.

    پنهنجي ڪم مان مطمئن ٿيڻ آخرت جو اهڃاڻ ۽ ڪنهن وڏي شخصيت تي لکڻ ته هيڪاري قيامت جي نشاني. ڇو جو سٺو لکڻ وس جي ڳالهه نه هوندي آهي... ايئن جيڪر ماءُ پنهنجو هر ٻار خوبصورت ۽ ذهين پيدا ڪري!!نه ئي اهو سڀ ڏوڪڙ پئسي جو معاملو آهي جو، ڪڍ ڏوڪڙ، وڃ بازار ۽ وٺي آءُ! نه، هرگز نه. هونئن نه ته عام لفظ ته ٽڪي جا ٽي ٿا ملن پر اهي لفظ جيڪي هانءُ ۾ رهيل آهن، انهن کي جڏهن سڏبو آهي ته اهي موقعي جي نزاڪت ڏسي چاڳر معشوق وانگيان لڪ لڪوٽي کيڏڻ لڳندا آهن، پوءِ ماڻهوءَ جو ڀلي هرد حال نڪري وڃي. مون سان به هن مهل ساڳيو ئي مسئلو منهن مقابل آهي. مان لفظن کي ڏسان به پيئي کين سڃاڻان به پيئي پر هو وڏا حرڪتي آهن جو جنهن مهل خبر پوندي اٿن ته سندن ضرورت آهي ته انڌي واري لٺ جيان غائب ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ ماڻهو ڀلي پيو ڪاريءَ ڪونٽ ۾ هٿوراڙيون هڻي.

    مهاڳ پنهنجي ڪتاب جو هجي يا ٻي ڪنهن جي ڪتاب جو، ڪڏهن به مون کي ڏکيو لکڻ نه لڳو پر اڄ جڏهن مانواري تاج بلوچ صاحب جي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لڳيس ته لطيف بادشاهه جو هڪ بيت اڳيان ڦري آيو جنهن کلائي وڌو. ڇو جو مان ان بيت جو ڀرپور عڪس بڻيل هيس :

    جر جهنگ جبل ڪوهه، مئي سڀ مناڙيا

    اڱڻ اسي ڪوهه، مئي لئه مشڪل ٿيا.

    باقي هڪڙي ڳالهه اوهان کي ٻڌائيندي هلان ته مشڪل ڪم ڪرڻ مهل ڏاڍو مزو ايندو اٿم ۽ جڏهن انتهائي مشڪل حالتن مان پار پئجي ويندي آهيان، تڏهن ڪو مون کي اچي ڏسي تنهن مهل. سڀيئي سرشاريون ۽ شادابيون سڄي دنيا کي آڱوٺو ڏيکاري مون وٽ اچي ميڙ ٿينديون آهن ۽ مان به ساڻن خوشيون شيئر ڪندي ڏاڍي مسرور ٿيندي آهيان. پر هن مهل ته مون کي اڳ کان گهڻو مختلف بلڪه هر بقادار / منفرد خزاني کان وڏي آس رکڻي آهي ته اهي پنهنجي بقا ۽ انفراديت جي وٿ مون کي به عطا ڪن ۽ اهو سڀ متوقع آهي سوکي طريقي سان نه سهي ڀلي اوکي نموني سان هجي پرحاصل ته ڪرڻيون ئي آهن، اهي لافاني ۽ ناياب آفاقي سوکِڙيون. انڊلٺ جا رنگ، پرٿويءَ جون سرهاڻيون، ڪائنات جون روشنيون، اُفق جون پراسراريون، شفق جا رنگ، رتول ميلا، سانوڻ جا ساٺ، بسنت جا خمار، پکين جون ٻوليون، گلن جو حسن، ماکيءَ جي مٺاڻ، مردن جون ارڏايون، عورتن جو نزاڪتون، ٻارن جي معصوميت / مرڪ / مهڪ اهي سڀ جڏهن حاصل ٿين، تڏهن ٻل ايندو ايڏي وڏي مهربان شخصيت تي لکڻ لاءِ قلم کڻڻ جو. پاڻ چيائين، ’مان سندس مٿان سٺو لکي سگهان ٿي.‘ شال سندس توقع تي لهان / نڀائي سگهان.

    هڪ سندس اها شخصيت جيڪا عام اڳيان آهي، ’جهڙو هٿ جو ڇوٽ تهڙو زبان جو ڇوٽ. دل وڏي اٿس پر ان ۾ ڪجهه رکڻ جي گنجائش آهيس ئي ڪانه. نه موقعو ڏسندو نه مهل، خان خانان جي پٽ کي به سچ چئي ڏيندو. ڪهڙو به ڌڱ ادبي ٺيڪيدار ڇونه هجي پٽڪو لاهيندي دير ئي نه ڪندو. چوندو، سچ چئي يار رسي ته رُسڻ ڏينس.‘ - قمر شهباز

    عاقل بالغ وات وڪيل، منهن چڙهه، وات ڦاڙ، آدم ۽ انگور جي ڌيءَ جو گڻينگ پياڪ، پنهنجي وڏ-ماڻهپيءَ جي انتها کي ڇهندڙ خيال، ٻٽاڪ ڀري گفتگوءِ ۾ وڏيرڪي ڇڙڪائي ۽ اندر رلا رليون، ٻهر پٽولا.

    ۽ ٻي اها شخصيت سندس جيڪا مون ڏٺي / سمجهي. فهميدو، تعليم ۽ تهذيب جو ڀنڊار، هلندڙ ڦرندڙ انسائيڪلو پيڊيا، اڻ ورچ، اڻٿڪ، سوَ سهي هڪ نه چوڻ وارو، سچو، وعدي جو پڪو،ڪيني کان ڏور، دل جو صاف، منافقت جو دشمن، وير وساريندڙ، دوستن جو دوست، يارن جو يار، ٿوري تي روئي ڏيڻ وارو، ٻارکان وڌيڪ معصوم بلڪه اهو ڇورو ڇنو ٻار جنهن کي ڪوئي سارڻ وارو ڪونهي، سنڀالڻ وارو ڪونهي آٿت ۽ پيار ڏيڻ وارو ڪونهي.

    ٻهر رلا رليون، اندر پٽولا.

    مون سندس فن، هنر، قابليت، ڏات ۽ ڏانءُ تي حرف به نه ڳالهائڻ جو پاڻ سان پاڻ وچن ڪيو آهي / سنهن کنيو آهي سندس ڏات ۽ ڏانءَ تي نه ڳالهائڻ جو / لکڻ جو (ڏسان قائم رهي سگهان ٿي) اهو قسم ان ڪري کنيو اٿم ته سندس اهي الهامي ۽ لازوال ڳڻ ته دوست / دشمن وٽ عيان آهن / ساريل آهن. خوشبو، خوشبو آهي، بهار، بهار آهي، روشني، روشني آهي، انهن جي تعريف ۽ وضاحت ڪرڻ جي نه ماڻهوءَ ۾ قدرت ۽ طاقت آهي نه ئي انهن ابديت ماڻيندڙن کي ئي ڪا ان جي گهرج ۽ ضرورت آهي. بلڪل ائين ئي ڀانيان ٿي ته تاج بلوچ صاحب کي به تعريفي جملن ۽ ساراهه وارن گفتن جي ڪابه لوڙ ناهي. هو ته سچل چواڻي، ’جو ئي آهيان سوئي آهيان‘. هونئن به لٺ هڻجي ڀاءُ پاران ڳالهه ڪجي خدا ڪارڻي. مون تي وري لاشڪ ته اهو الزام ايندو ته، ’رت دانگيءَ ۾ تپي‘ - سنڌ ۽ بلوچستان ٻنهي جي حدن ۾ رهڻ ڪري سنڌياڻي به آهيان ته ٻروچياڻي به ٿيان سو وڃان ته ڪاڏي وڃان. اسان وارو ادبي لڏو نئون (بنا لٺ وارو) توڙي پراڻو (لٺ سوڌو) هميشه، ’ڪَتيءَ ۽ ڪُنڍيءَ وارو وير‘ وجهيو ويٺو آهي. ڪنهن به هنڌ گڏيا ناهن ٽڪو ڏيئي وڙهي چانبوٽ ٿي لڳر ليڙون ڪيائون ناهن. پوءِ نڪا عمر ڏسبي نڪو رتبو- ڏاچيءَ هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرهن وارو حساب ڪتاب ٿيو پوي. بس ڀائين ته جيڪو حرف وات مان ڪڍي تنهنجي ڄنڀ ڪاڪڙي کان ڇني ڪڍون. ٻي ڳالهه ڪانهي. اهو به نٿا سوچين ته پنهنجا پاڻ ۾ آهيون. پنهنجو پوءِ به پنهنجو آهي ماري به ڇانوَ ۾ رکندو، لٺ هڻڻ سان پاڻي ڌار ڪونه ٿئي. ڏک ۾ اچي ساڳي ڇتر تي گڏ ويهي گوڏا سٽي لڙڪ لاڙينداسين، هڪ ٻي کي ڪٿي ڪوٺي پاڻيءَ جو ٻُٽو نڙيءَ تان ڇاڻينداسين. پر نه سائين، سڀڪو سوا سوير. ٽوپي ڏنگ تي ماني راڄ تي. چوي اڄ نه مچان ته ڪڏهن مچان. ٿورو ڪو خاشو ٿو ٿئي ته هڙيئي لٺ وڍي تنهن جي پٺيان ٿا پون. بس چون ساهه قبض ڪريون. نه لحاظ نه ملاحظو نه ننڍ وڏائي جي سونت ساڃاهه. نه ادب نه احترام هر ڪنهن کي هڪ ئي لٺ سان هڪليو ڪاهيون وڃن. ٻُـــرُ ٻُـــرُ اهڙي ڄڻ ملڪ جا والي آهن. لهي لوهه لکَ به نه نالو سون ٻائي. جيڪو ٽڪي جا بصر نه لهي اهو به اڳيان اڳري الارون ڪري، دينا داستي ٺونٺيون هڻي اڳتي وڌي. دٻڙ ڌونس سان. دلين تي نالا نقش نٿا ٿين، زور جي ميندي ڪانه لڳي. پر اها ريت جوان آهي اسان وٽ. پاڻ ڀلي گوڏي جيڏيءَ گپ ۾ گتل هجن پر ڄنڀ ته آجي آهي نه!! سو چون بيهه ته پاڻ کي ڇنڊي تو جهڙا ٿيون. جڏهن ته سُرَ سان رهڻ، اندر جي اڇائي ڪرڻ، سهڻ ۽ جيڪو جهڙو آهي تنهن کي تهڙو رتبو ۽ مانَ ڏيڻ وارو رواج جيڪر آئيندي لاءِ وڏي وٿ ۽ سٺو سنؤڻ ٿي پوي. ڳالهائجي ڀلي پر حق ڳالهائجي رڳو لفظن کي گيندڙائجي نه. وڏي کي وڏو ننڍي کي ننڍو مڃڻ. جيڪو جنهن عزت جي لائق آهي تنهن کي اها عزت ڏجي. کٽ واري کي کٽ ۽ ڇتر واري کي ڇتر ڏجي.گهوڙو گڏهه هڪ جهڙو ڪونهي. منهن ڏسي ٽڪو ڏجي گهر ڏسي ڀاڄي ڏجي. هڪڙا ڦٽڪر تي ملڪ ڇڏين ٻيا نڪ وڍئي رت چٽين. مڙس مري مانَ لاءِ چُتون مري نانَ لاءِ. ڳالهه کي ڳالهه سان مارجي.چوڻوچئجي اچوڻو نه چئجي. تلوار جو گهاءُ ريٽي سگهجي ٿو پر ڄڀ جو گهاءُ ريٽڻ مشڪل آهي. ساڳي ڄڀ کٽ تي به ويهاري ته پٽ تي به وهاري. اڄ هَري آهي سڀان سُڪي ويندي. پهرين سوچجي ته ڪيتري پاڻي ۾ آهيون ۽ دنيا ڇا ٿي ڳالهائي! ندين جا وات بند ڪري ٿا سگهجن پر ماڻهن جا وات بند ڪرڻ ڏکيا آهن. هڪ ڀيري تند تپي ته ڀنڀور کي باهه لڳي ويندي. پاڻي به نمند ڏانهن ٿو وڃي، ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائي، ٻي کي تپائبو ته پاڻ به ٿڌي ڇتر تي ويهي ڪونه سگهبو. گهر ته گهرانءِ، انسان جا چارئي چپل (پلوءَ) چَڪَ ۾ آهن. پوتيءَ پاڪ ڪوبه ڪونهي، هر ڪو پنهنجي پٺ ڏسي. دنيا چار ڏينهن جو چٽڪو آهي. سڀڪو پنهنجو وارو وڄائي هليو ويندو. هر ڪو پنهنجي قبر ۾ پوندو پاڻ جواب ڏيندو. سچائي سچ ته وڏي وٿ آهي چوڻ سولو آهي ڪرڻ ڏکيو. اسين پاڻ به روز الائي ڪيترا ڀيرا چوندا آهيون ته، ’سچ ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ‘ پوءِ الائي حافظو ڪمزور آهي يا هاضمو، ڪتي واري پڇ جيان وري تهڙي جا تهڙا آهيون، نڙ ڀڄي ته چڙهي آڱوٺي جي مٿي تان.

    مون تي وري به ربّ خاص مهرباني اها ڪئي آهي جو سڄي ڄمار گهر کان ٻاهر نه نڪتيس نه ئي جهڙن تهڙن ٻوٿن جا نظارا ڪيم. اڳ ڏک ٿيندو هوم ته، ابور ڙي گهوڙا ڙي اهو مون سان ڪوپ آهي قهر آهي جو جيئري جيءَ ڪوٽ ۾ قيد ڪري ويٺا آهن. ڄڻ پکي آهيان پڃري جو نڪرنديس ته اڏامي وينديس. ماڻهو آهيان منهنجا به ڪي احساس آهن، جذبا آهن... ڇڏيو ته آزاد تازي هوا ۾ ساهه کڻان. ڪي جذبا اسرن نسرن، گؤنچ ڪڍن، ماڪ ۾ پسجن... پر هاڻي شڪر ٿي ڪريان ته چڱو ٿيو جو هن ڪاريءَ ڪنيءَ جهڙي جڳ ۾ ٻاهر نه نڪتيس جنهن ۾ هٿ هڻ ته هٿ ڪارو، پير هڻ ته پير ڪارو. ستر ماڻهو پاڻ کي بچائي پوءِ به ڪاري ٻڌ ڪمريءَ سين رنگ نه مٽائي اوساڻ مٽائي. چوڏس ڪسڻ جو ڪوپ ٿو وهي. حق چوڻ وارو ڪوئي ڪونهي. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جيڪو ڏاڍو تنهنجو گابو. رحم ۽ قياس جي مند ئي ڪانهي. چور کي چون گهڙ، ساڌ کي چون جاڳ. حقي جواب ڏيڻ، منهن تي پورو چوڻ، پورهئي جو پورو اجورو ملڻ ڄڻ ڀوڳ آهي. اڀريل سج جو سڀڪو سلامي آهي، حرامڙو هڻي ٻه ڀاڱا کڻي. ڪن جون مانيون به مور ته ڪن جا ٽڪر به ٽيڻا. هڪڙا ڪمائيندا ڪڙا ٻيا ستي سينڀاڻا. اهڙيءَ آزاديءَ تان ئي هٿ کنيم، اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني. جتي وک وک واڳو وات ڦاٽا هجن، جتي ڏوهي بچي ۽ بيڏوهي ڦاهيءَ چڙهي. اهي ۽ اهڙائي ڪڌا قانون جتي آئين بڻيل هجن اتي آئون خدا کي حاضر ناظر سمجهي سچ ڳالهائينديس سچ کان سواءِ ڪجهه به نه ڳالهائينديس. پوءِ ڀلي منهنجي در تان جيڪر ڏنيون اٿن اهي مينهون کولي وڃن. ڊپ خدا جو آهي. سڀ ڪو پنهنجي نڪان ٿو ساهه کڻي. ڪير ڪنهن کي رڌي پچائي ڪونه ٿو کارائي. مان به هتي جي ئي آهيان، لئيءَ مان لٺ وڍي ڪونه آئي آهيان. پنهنجو ٿي کانوان، ڪنهن جو ٿورو ٿڌو ڪونهي. جيڪو پرائو کائيندو تنهن کي ڪاڻ هوندي مون کي ڪنهن جي به ڪاڻ ڪانهي. سچ چوڻ تان جي ڪو رسي ٿو ته وڃي ست پچائي کائي. ناحق کان خدا پناهه ڏي. نه ته هتي ته سڳ سوڌو جهلجن ته به چون ميار ڀري ڏيو. ڪاري ڪري مارڻ ته ايڏو سولو آهي ڄڻ ماني کائي اوڳرائي ڏجي، جَهل بوزان ۾ (وارن۾ ) هڻ ڌڪ قصو ئي ڇٽو. مڙسن جو مڙس، شهپر جو وٽ هلڻ جو لوڏو ڄڻ گنير گت. واهه سائين واهه شينهن مڙس! انڌي ڀونڊي ۾ خوش. هيءُ ليک متان ککر ۾ کڙو ثابت ٿي. پوءِ ڇاهي، عمر، مارئي نيندو ٿر کي ٿيلو ڪونه ڏيندو. هونئن به اکريءَ ۾ منهن ڏيئي مهريءَ کان ڪهڙو بچاءُ، باقي سچ جي ٻيڙي لڏندي، ٻڏندي ڪانه. ڌڻي وٽ دير آهي انڌير ڪونهي. جهڙي نيت تهڙي مراد. نيت جو نانگ، کوٽا کائيندي. اسان جي پت الله تي آهي، ماريندڙ نه ماري جوهيندڙ جک ماري.

    هتي مان پنهنجي ذات جو ذڪر ضروري ٿي سمجهان ته آئون تاج بلوچ جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان ٻانهون ٻڌندڙ آهيان.

    ڀليو سڀ ڀنڀور، جو پٺي هوت نه هليو

    شهر سڃاتو ڪين ڪي، آرياڻي اتور

    ماڻيو تنين مور، ديکيو جن دل سين.

    حيران آهيان ته هيڏي وڏي ڏات ڌڻي کي سنڌ جيڪا بُڇن سان به ڀلايون ڪندڙ آهي، تنهن پنهنجي اهڙي قابل فخر سپوت کي اها مڃتا ڇو نه ڏني؟ جنهن جوهو صحيح معنيٰ ۾ لائق آهي / حقدار آهي. واقعي مڙس، مڙس جي برابر / مٽ ٿي سگهي ٿو پر ڀاڳ ڀاڳ جي برابر ناهي يا هروڀرو نٿو ڪيو وڃي.

    جا لڪن لوساٽي، سا سيج چڙهندي سسئي.

    تاج بلوچ کي انهن جيئري / مئلن مٿي ٿيڻ نه ڏنو جن سدائين سنڌي ادب کي واڻئي جو هٽ سمجهي پي ڦريوکاڌو آهي ۽ تاج بلوچ کي هر چاڙي چڙهڻ مهل لانچي پلاڻي، ڪات ڪهاڙا کڻي، سنڀري، هٿ کان جهلي، ڪنڌ کان ڇڪي گهوگهاٽي ڏسي وائسي، هروڀرو هيٺ لاهڻ جي لاحاصل ڪوشس ڪئي آهي.

    ان عمل دوران انهن ڪنهن به مهل ۾ پنهنجا هٿ ڍرا نه ڪيا آهن ته متان هو سندن هٿن مان ڦتڪي / ترڪي نڪري ادب جي نڀ جو سورج بڻجي پوي. پر اهڙيءَ ڇڪ ڇڪان ۽ وڙهه وڙهان واري ماحول ۾ ته هو هيڪاري ورچي ۽ چڙي پوندو آهي :

    اڳيان ٽڪر ٽر، متان روهه ريون ٿيئين.

    اهي ڪوڙڪيون / ڍٻ / ٺڳيءَ جا ٺاهه ته ڪڏهن به کيس روڪي نه سگهيا آهن، نه ئي ڪڏهن روڪي سگهندا. اڃا به ڀلي آزمائي ڏسن. نينگر به ننڍي جمعا به گهڻا :

    ٻارهن ڪن ٻٽيهه تڙ، تڙ تڙ مٿي تانگ

    عشق جنين جو سانگ، ٻجهان سي نه ٻڏنديون

    ۽ جرڪڻ جنهن جو مقدر آهي. انهيءَ سورج کي ڦوڪن سان ڪنهن / ڪڏهن اجهايو آهي؟ اڄ سڀني شاعرن کي پڙهڻ کانپوءِ، نه لطيف بادشاهه نه. تجزيو ڪيم بلڪه تقابلي نظر وڌم ته تاج بلوچ انهن سڀني ۾ منفرد ۽ مختلف نظر آيو ۽ لطيف جو بيت هتي لکڻ ۾ ڏاڍو مزو آيو :

    اونڌاهي اڌرات ۾، پرينءَ پسايو پاڻ

    چنڊ ڪتين ساڻ، پيهي ويو پڙلاءُ ۾.

    ساهت کيتر ۾ سوڀ يا مات ليکن جي معيار مطابق ٿيندي آهي / ٿيڻ گهرجي. حيراني اها آهي ته تاج بلوچ تي هميشه ساهت کيتر کان ٻاهر سندس ذاتي زندگيءَ جي عملن تي اجايون جُلهون ۽ حملا ڪيا ويندا رهيا آهن ۽ کيس انهن اَڻ ڪيل ڏوهن جون سوليءَ جهڙيون لفظي سزائون مليون جيڪي هن ڪنهن به جن ۽ اُنس سان نه پر جيڪي هن رڳو پنهنجي اڪيلي ذات سان پاڻ ڪيا آهن :

    سهي جيئن سانڌاڻ، ڌڪن مٿان ڌڪڙا...

    جيڪي سندس سرشت ۾ آهن / سندس رڳ رڳ ۾ رت جيان ڊوڙون ٿا پائين. هو بيشڪ ڏوهي آهي، پر پنهنجيءَ ذات جو. هو پاڻ کي پاڻ صليب تي چاڙهي ٿو. ڇو ته هن پنهنجي ذات / اڪيلي سر سان بي انتها بيواجبيون/ زيادتيون ڪيون آهن، پنهنجي اڏول ۽ اڙ ٻنگ طبيعت ۽ ظالم سوچن جي حوالي سان :

    رهي اچجي راتري، تن واڍو ڙن وٽانءِ

    جن کي سور سرير ۾، گهٽ منجهاران گهاءَ

    لڪائي لوڪاءَ، پاڻ ئي ٻڌن پٽيون.

    هو سرڪش آهي، سر نٿو جهڪائي، وجهه نٿو ڏي (منجهه نٿو ڏيکاري) منافق ناهي، جيڪو جهڙو آهي تنهن کي تهڙو ٿو منهن تي ڦهڪائي. ڇا سچ چوڻ گناهه آهي، آئينو ڏيکارڻ ڏوهه آهي؟

    پنهنجو پاڻ ڏسڻ ٿو چاهين

    سچ سمورو سهڻو پوند ئي

    - منگهاڻي

    دنيا اڳيان اهو ڏوهه هجي ته ڀلي هجي پر لطيف بادشاهه ته هيئن ٿو چوي :

    ڏسڻ ڏسين جي، ته همه کي حق چوين

    شارڪ شڪ مَ ني، اونڌا انهيءَ ڳالهه ۾.

    اهو ئي تاج بلوچ جو ڏوهه گناهه آهي شايد:

    مڙيئي ڏانهن مون، هوتن ڏانهن نه هڪڙي.

    اهي ماڻهو جيڪي وٽس ساريل آهن يا جن جي مقام ۽ حيثيت کان هو چڱي ريت واقف آهي ته پوءِ انهن کي گهٽ ۾ گهٽ سندس اڳيان محتاط رهڻ گهرجي۽ خاص ڪري اهڙين محفلن / ڪچهرين ۾ جتي تاج بلوچ پنهنجيءَ جند سميت موجود هوندو آهي اتي ته کين بهرحال اهڙين پاڻ پڏائڻ وارين ڊاڙن ۽ ٻٽاڪن کان ته مڪمل پرهيز ڪرڻ گهرجي. بلڪل ايئن جيئن شگر جو مريض کنڊ کان ۽ هاءِ بلڊ پريشر جو مريض ڪولسٽرول ۽ سڻڀ کان پرهيز / ڪِري ڪندو آهي. نه ته ٻي صورت ۾ ايئن ئي ٿيندو جيئن ٿيندو رهيو آهي ۽ مرضَ لا دوا ٿي ويو، جيئن جيئن دوا ڪيم :

    ويڄن سين وائيءَ پيا، ڪِري نه ڪيائون

    چي پئند ماريائون، ته سگَهو ئي سگها ٿيا.

    ۽ اهڙي مهل قد / پد وڌائڻ وارن شوقينن جو حال تمام هيڻو ۽ ضعيف ٿي ويندو آهي صفا هن پهاڪي جيان، ’ڪوڪي ويئي سڱن لاءِ، ڪن به ڪپائي آئي‘ باقي پر پٺ ڪير ڪنهن کي نٿو چوي؟ سج کي به چون ته هو ڪارو ٽڪو آهي ته ڪير ڪنهن کي ڀلا روڪي سگهندو؟ قافلو ته پيو هلندو.

    باقي مڃڻ مراد آهي ته ٻي دنيا مڃڻ جي معاملي ۾ سخي آهي. اسين ايترو ته شوم آهيون جو زبان سان کڻي چئي به وڃون ته تنهنجو هنر دنگ آهي، پر اهي ساڳيا لفظ جيڪڏهن لکت ۾ گهربا ته، زمين ڌٻي، آسمان ٿرٿلي پر ٻيو مڙيوئي خير. گهڻا واقف آهن هن واقعي جا ته جڏهن تاج بلوچ جي ٽئين شعري مجموعي، ’لفظن جو ماتم‘ جو سندس دوست، شاعر، ناول نگار ۽ پي پي جي وزير فخر زمان جي هٿان مهورت ٿيڻو هو ته تاج بلوچ، شيخ اياز وٽ، پهريون ڀيرو انهي ڪم سانگي لنگهي ويو هو ته، بروشر لاءِ ٻه ٽي اکر لکي ڏي.

    اياز وٽ ان مهل سندس ڪي عزيز ۽ هڪ اڌڪو واقفڪار ويٺل هئا. شيخ اياز جو ان ڏينهن موڊ ڏاڍو سٺو هو. پاٻوهه مان ٽڙندي مهمانن ڏانهن ڏسندي چيو هيائين، ’چوندا آهن ته ڀٽائي جڏهن درازين ويو هو ته سچل سرمست نوجوان هو. ڀٽائي کيس ڏسي چيو هو، اسان جيڪو ڪنو چاڙهيو آهي، ان جو ڍڪڻ هي نوجوان لاهيندو، پرمان ڇا لکي ڏيانءِ، تون ته ڪنو ئي کڻي ڀڄي ويو آهين.‘

    سڀني کان ٽهڪ نڪري ويا هئا.

    اهي لفظ چئي شيخ اياز پوءِ ڏاڍو پريشان ٿي ويو هو.

    ”ڀلا اهي اکر ئي لکي ڏي.“ هن چيو هوس.

    پوءِ اياز ٻيو ڪجهه لکيو هو، ”پئبلو نرودا، ناظم حڪمت، والٽ وٽمئن ۽ فيض-تاج، فيض کان گهڻو متاثر آهي.“

    هونئن به، سرڪش ماڻهوءَ کي واکاڻي پاڻ کي وائکو ۽ پڌري پٽ ڪير ڪري؟

    دشمن جو ڌڪ سهڻ سؤلو آهي، البته دوستن جو ڪک به ڪکي ٿو.

    وڪٽر هيوگو چوي ٿو، ”مونکي دشمن ڊيڄاري نٿا سگهن البته دوستن کان ڊڄندو آهيان.“ ۽ تاج بلوچ چوي ٿو :

    تاج نفرت جي حوالي سان مري ڪين سگهيو

    هن کي مارڻ جي گهرو پيار سان ماريو يارو

    سو ڀلا انهن مڏن ڪاتن ڪهاڙن کان ڪيئن هٽندو، ڊڄندو؟

    وڍڻ، چيرڻ، چچرڻ، پهت انهيءَ جي پر....

    پير پويان ڪرڻ، هٽڻ، پوئتي پوڻ ۽ ان جاءِ / هنڌ تي نه وڃڻ جتي اهي اجايا ۽ اڍنگا وار ڪرڻ وارا موجود هجن، اهڙي ته ڀانيان ٿي کيس سندس گهراڻي مان ئي تربيت مليل ناهي. لڳي ته ائين ٿو ته امڙ به کيس ستيءَ ۾ ڪنهن مڻياري واسينگ جو وهه وڌو آهي. باقي پيئڻ ۽ پريت جي حوالي سان ته کيس ڪوبه پٿرنه هڻي پاراتو نه ڏي :

    جه سي اڱڻ آئيا ته سرو ڪندا سڃ

    سائي ٿيندي اڃ، هي پيتو هو آڻ ڪي.

    يا حافظ چواڻي :

    تاز ميخانه ومی نام و نشاں خواہد بود

    سر ماخاک ره پير مغان خواہد بود

    (جيستائين شراب ۽ شراب خاني جو نانءُ آهي، اسان جو سر پير مغان جي راهه ۾ خاڪ رهندو.)

    موکيءَ وارا ته سڀئي مٽ سندس ئي بلي آهن، جتي ڪلال جي وٽين ۾ ڪڪوه ڪڙو ۽ وِهُه هاڻو آهي :

    موکيءَ سندي مٽ ۾، ڪو جوزهر ذرو

    پيئنديئي پوشيدن کي، پيو ڪونه پرو

    مٿو مهاين جو، ڪيو ڳهر ڳرو

    ٿيڙن کيپ کرو، ڪنهن جنهن ڳهر ڳڱاٽيا.

    جڏهن به پتو پوندو اٿس ته ڪنهن کيتر ۾ / ڪنهن پڙ ۾ جتي کيس به قرب جي ڪوٺ مليل هوندي آهي اتي سندس مخالف / ازل جا ويري به اچڻا آهن پوءِته کيس اتي پکيءَ جيان پڄڻو ئي پڄڻو آهي :

    پري پتنگ آئيا، سري سهائي جل

    ڪندا ڪنڌ اڇل، مٿو ڏيندا مچ تي.

    پوءِ اتي هوندا آهن تاج بلوچ جي جوابن ۽ دليلن جا ڌوڙيا ۽ ڌاڏوڙا-هو ته پاڻ ووڙيندڙ آهي اهڙيءَ جوءِ لاءِ جتي جتي سچ ۽ ڪوڙ، سون ۽ ريءَ ڪسوٽي هجي / ساهمي ٽنگيل هجي. ’وهه تنين جي وڙ، جنين سانگ نه ساهه جو...‘ ٺيڪ آهي، پرک ٿيڻ کپي. ملهه ڀلي ٿي ته ڇهه ڀيرا ٿئي. مقابلو ته ضرور ٿيڻ گهرجي. ٻه ڀائر ٽيون ليکو، نه ته ڪيئن خبر پوندي ته ڪير ڪسر ڪير موڙو آهي. زبان سان چوڻ جي ڳالهه ڪانهي. وات سان ته هر ڪو چوندو ته مان ئي مٿي آهيان. ساري جڳ ۾ جوڙ نه منهنجو ۽ ائين چوڻ سان وات نه ڏکندو. نه ئي ڄنڀ انڪار ڪندي. پر کرا جاکرا، فيصلي تي ويٺل پرائي مائن جا پٽ آهن. جيڪو به فيصلو ڏين. پر شرط اهو آهي ته منصف پاڻ نه اميدوار هجي نه ئي جانبدار. پوءِ ڀانيان ٿي ته کيس ڪڏهن به اهڙي فيصلي / نتيجي تي ڪو اعتراض نه ٿيندو. بلڪه هو اکين سان مڃيندو. هونئن به اعزاز وڙهي ڪونه وٺبا آهن. مڃتا ماڻهوءَ جي مهانتا آهي :

    جيڪي ڏنائون، سوڳڻ مون ڳنڍ ڪيو

    مونکي پڇيائيون، ٺوڪي انهيءَ ٺوڪ سين.

    ۽ حافظ ته وڏا ڏڍ ۽ تسليون ٿو ڏي :

    حافظا سم محور کہ شاہد بخت

    عاقبت برکشد زچہرہ نقاب

    (اي حافظ غم نه ڪر. نصيب جو محبوب هڪ نه هڪ ڏينهن ته ضرور چهري تان نقاب مٿي کڻندو.)

    ۽ جرڪڻ ته سدائين سچ جو نصيب رهيو آهي پر سندس الميو اهو ئي آهي ته :

    ڪٺيس ڪويڄن، تن طبيب نه گڏيا

    ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻا ڏيل ڏکويو.

    ۽ اهڙن موقعن تي هن سڪون لهڻو ئي لهڻو :

    اگر غم لشکر انگیزد کہ خوں عاشقاں ریزد

    من و ساقی بہم سازیم و بنیادش براندازیم

    (جيڪڏهن غم ان خيال سان لشڪر ڪشي ڪري رهيو آهي ته عاشقن کي قتل ڪري ته مان ۽ ساقي متفق ٿي ان جو بنياد ۽ پاڙون اکوڙي اڇلائي ڇڏينداسين.)

    ۽ پوءِ اهي الزام اجايا ثابت ٿيو پون ته هو گڻينگ پياڪ آهي. ماڻهو جڏهن بي ميار هوندي به مياري ڳڻبو آهي ته الائي ڇا ڇا ڪندو آهي. ڇا، سندس هي بي ضرر پاڻ قيمت اڳاڙڻ ۽ پاڻ ئي سهڻ وارو شغل قابل گرفت ۽ عتاب جوڳو آهي؟

    ۽ ان مهل سندس موڊ حافظ شيرازي ضرور سمجهي سگهندو هوندو :

    بیاتایک امشب تماشہ کنیم

    چہ فردہ شود فکر فردہ کنیم

    (اچ، اڄوڪي رات ته مزي سان گذاريون سڀاڻي جو ڪم سڀاڻي ڏٺو ويندو.)

    ۽ سندس گهرجون ان مهل حافظ جي گهرجن سان ئي ٽڪر هڻنديون هونديون :

    شراب تلخ میخوا ھم کہ مرد افگن بود زورش

    چہ تا یکدم بیاسایم دنیا و شورو شورش

    (مان اهڙي مڌ ٿو چاهيان جنهن جي تيزي / تلخي مرد کي بيخود بنائڻ واري هجي ان لاءِ ته مان هڪدم دنيا جي شور ۽ شر کان آرام حاصل ڪريان.)

    لطيف بادشاهه به شايد تاج بلوچ جي حساسيت ۽ ڪوملتا کي ڏسي / محسوس ڪري چيو آهي :

    گهٽن ۾ گهٽڪن، وتيون وهه گاڏئون

    بدهه ساقي برخيز، پيار کي پرين

    پڪين نه پرچن، مٽ تڪيائون منجهان.

    پوءِ هو پنهنجي رهنمائن / رهبرن جي چوڻ تي بيخودي ۽ سرمستيءَ جي وادين ۾ ڪاهي ٿو پوي :

    شراب و عیش نہاں چیت کار بے بنیاد

    زدیم برصیف رنداں و پرچہ بادا باد

    (شراب ۽ لڪل عشق ڇا آهي؟ هڪ بي بنياد ڪم، تنهن ڪري اسين رندن جي صفن ۾ هلي آياسين. هاڻي جيڪو ٿيڻو آهي سو ٿئي.)

    پر ڪو ته هجي ان مهل سندس آئيني جهڙي اجري جيءَ ۾ جهاتي پائڻ وارو، کيس پڇڻ وارو ته، هن اهي کهرا رويا، وهه گاڏڙ لهجا، ڪاريهر جي ڪات جهڙا جملا، اهي تلخيون، اهي آمهون سامهون واريون بندوقن جي گولين جهڙيون ورنديون، آواز جو تکو ڪڙڪو ۽ اوپرا ۽ اجنبي انداز ڪٿان هٿ ڪيا / حاصل ڪيا؟ ڪنهن کيس انهن سان متعارف ڪرايو، ڪنهن کيس انهن هاڃيڪار هٿيارن سان مسلح ڪيو / ليس ڪيو ؟

    مٿا موءَ ٿيان، سدا سوئيتا ڪاپڙي

    ڪوٺي ڪنهن نه پڇيا، ته ڪي اندر اندوهيان

    جيڪا ڄماران، سا منجهه گوندر گذري

    گلابن جي لهجي واري شاعر، علم ۽ عقل جي اڪابر، ڄاڻ جي کاڻ، ٽهڪن جو خزانو، مارڪن جو مچ، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو،ڳالهين جو ڳهير، محفلن جي مور ائين ڇو انهرو ۽ اوچرو بڻجي ويندو آهي متل محفلن ۾ به! ڇو هو هجومن ۾ به پاڻ کي هيڪلو ۽ تنها سمجهڻ لڳندو آهي؟

    ڪنهن جنهن ڪات ڪٺا، جيئن سامي هون نه سنرا

    ڏينهان ڏکي ڏيل ۾، سور سڄائي رات

    سندي جوڳيان ذات، جيجان هوءِ جڏارئين.

    خواجه شمس الدين حافظ شيرازيءَ چيو آهي :

    بادہ نوشی کہ درد ہیچ ریائی نبود

    بہتر از زہد فروشی کہ درد رود ریاست

    (اهو شرابي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي نمائش ۽ رياءُ نه هجي ان زاهد کان بهتر آهي، جنهن ۾ مڪر ۽ نمائش آهي.)

    ٺيڪ آهي ته ميڪدن ۾، شراب جي پيالن جي حضور، مڌ ڀريل اکين جي ويجهو، رندن جي.... پر جي ڳالهه اتيئي هجي ته هو رڳو رندن ۽ آوارن جو ئي شاعر سڏجي پر سندس اجهل اندر کيس اتي مقيد ٿيڻ نه ڏنو ۽ هو ان محدوديت مان صاف سلامت نڪري ويو ۽ دلين ۾ براجمان ٿي ويو ڇو ته هو دلين جو شاعر آهي، اهائي سندس حساس شخصيت جي سرشت آهي، اها سندس ڪومل من جي ڪهاڻي آهي.

    ڏک اوريندي صفا ننڍڙي ٻار جيان روئي ڏيڻ، سڏڪا ڀرڻ ۽ نهايت سچائيءَ ۽ معصوميت سان سڄو اندر اٿلائڻ.... انهيءَ مهل دل چاهيندي آهي ته لوڪ کي لائوڊ اسپيڪر تي ٻوتاڙن سان سڏجي :

    اچي پسو روءِ، جي ويساهه نه وسهو.

    يقين اٿم ته ان مهل اڇي اندر وارو هر انسان ساڻس گڏ ڀاروڙا ڪري وٽانس به گهڻو روئي ڏيندو.

    هو جڏهن موڊ ۾ اچي ڳالهائيندو آهي ته شاهه جو رسالو لڳندو آهي :

    اَديسين ادب، آهي اکڙين ۾

    تن جو حسب نسب، نه امان نه اب

    سامين سڀ ڪهين، روح ۾ رهيو رب

    ريءَ لنگوٽي لب، پاڇي ڪن نه پانهنجي.

    اهو ئي آهي سنڌي ادب ۽ معاشري ۾ تاج بلوچ جو عڪس.

    باقي اهو سوچڻ وارا سويرو ئي سندرا کولي هنڌيڪا ٿي هيئن ڪراڙ ڪري ويهن ته ڪو هو کيس جن ڳالهين تي هن سندرو ٻڌو آهي ان تان هٿ کڻائي، سندرو کولائي ڇڏيندا.

    وندر جي وڃن، سي مر ٻڌن سندرا

    ٻيون ڪوهه ٻڌن، ڇوڙي جي ڇڏينديون.

    هو ميدان ۾ مڙيئي سڙيئي ڪونه لهندو آهي. ڪجهه ڳڻي ڪجهه ساري پوءِ ئي سنڀرندو آهي ۽ جڏهن پڙ ۾ ايندو آهي ته منهن ۾ معشوقن جا ڌڪ جهالو ٿي جهليندو آهي ۽ سندس سينو هر وار لاءِ سپر هوندو آهي. هو ساهو آهي ۽ منهن ۾ ڌڪ سهڻ ئي سندس اصول ۽ حصول هوندو آهي. پٺيءَ وارا سڀئي ڌڪ هن پنهنجي نصاب مان ڪوري ڪڍي ڪانئر ۽ گيدين جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن :

    منڌ نه منجهان تن، پسي لڪ لڏن جي

    جا پر کاهوڙين، سا پر سکي سسئي.

    ميدان ۾ منهن مقابل ٿيڻ ڪو کانئس سکي.جنهن به ڳالهه کي صحيح سمجهيائين پوءِ تنهن ڳالهه تان هٿ کڻائڻ جي ڪو سونت وارو سڌ ئي نه ڪري. ’قطب، مينار جنبد، نه جنبد گل محمد‘وارو حساب ڪتاب هوبهو سامهون اچي سهڙندو. هن جا سچا جذبا ۽ حساس من جڏهن پاڻ تي به ڪو پردو ۽ پوش نٿا پائين ته ٻي ڪنهن کي بخشڻ جو ته ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي :

    نڪي نمن ناٿ کي، ناٿ نه نمائين

    جاٽا ڪن نه جوڳ کي، جوڳ نه جُهارين

    آديسي آڻين، اهڃاڻيون الماس جون.

    سوچن ۾ سدائين اهو ظالم ۽ بيرحم احساس پڇتاءَ واري ٽياس تي ٽنگڻ ۾ ويرم ئي نه لائيندو آهي ته، اسان ان ڏاتار / اڪابر کان پرائي نه سگهيا آهيون / کانئوس نٿا پرايون (؟) اڃا به وقت ويو ڪونهي. ڌڻي اڻ ڳڻيا ڏينهن ڏيس (آمين) اڃا موجود آهي. اسان ساڻ / ويٺو آهي وچ ۾ اُچي ڳاٽ. هاڻي ئي ساهيا ڪرڻ کپن ڳريس وڃڻ لاءِ / کانئس سکڻ لاءِ / وٽانئس پرائڻ لاءِ :

    تان ڪي ساڻن اور، جان آهن اوطاقن ۾

    ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻ مٿائين گهور

    ويا جي هنگور، ته ڪر م ملندئي ڪاپڙي.

    پر هاڻي اسان وٽان اڳوڻيون وڄائون وڃائجي ويون آهن ته جتي وڃائجي اتي ڳولجي. اسان جي عقل هاڻي اتي وڃي دنگ ڪيو آهي ته ڪنڊو لڳي پير ۾ ته کوٽيون ٿا گوڏو. نهار جي اتي جتي وڃي، ڏيندو اهو جنهن وٽ هوندو. ٺلن ٺڪرن ۾ ٿاٻا ڌڪا کائڻ مان نڪو ورندو نڪو ڦرندو. وات مٽڪا آسرن جا استاد وک وک تي ويهه ويٺا آهن ويڙها واريو ۽ ماڻهن کي ڌتارڻ جو ڌندو دنيا سان گڏ پيو هلي. انڌن کي اکين جا آسرا / ڏٽا ڏيندي ٿڪجن به نٿا پر اڃا نور جو اهڃاڻ نظر نٿو اچي. ماڻهن کي هونئن به تريءَ تي بهشت ٿو کپي. ڪنارن تان موتين ڀريل سپون ته الائي ڪهڙي دؤر ۾ ڪنهن لڌيون هيون (؟) باقي سچي / وڏي حقيقت ۽ روشن سچ اهو ئي آهي ته اونهي ۾ اوهرڻ وارا ئي ڪنهن حاصلات جي آس رکڻ جو حق رکن ٿا :

    گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿئي

    مئي متي مهراڻ ۾، پئو ٽپو ڏئي

    ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين.

    اونهي ۾ اوهرڻ جي همٿ ۽ توفيق وري ربّ ڏيندو ۽ انهن همٿن ۽ توفيقن جي اسان وٽ سدائين کوٽ رهي آهي (دل جي کوٽ کانسواءِ) باقي لطيف بادشاهه ته الائي ڪهڙي مٽيءَ مان بڻيل آهي جو وٽس ٻارهوئي مرڪ ۽ پاٻوهه جي مند لٿي پيئي آهي عروج سان. مايوسي ۽ نراسائي جو ته نالو ئي وٽس ممنوع آهي ۽ اسان ۾ ته الائي ڪهڙا آسرا ۽ اميدون رکي هنڌ هنڌ تي شانڪاري ۽ سٽ سٽ ۾ للڪاري پيو :

    سونهان سڌيون ڏين، ديواني دريا جون

    عجز جو اڌ رات کي، وکر ورهائين

    ساٿ نڀايون نين، ثابت انهيءَ سير مان.

    پر سونهان به تڏهن سڌيون ڏيندا جڏهن ٻاتاڙيل وٽن ويندو / کانئن پڇندو. پڇڻا نه منجهڻا به ڀانيان ٿي اسان جي ئي مشهور چوڻي آهي، پر ’پڇڻ‘ وري هاڻي اسان وٽ مهڻي جي معنيٰ وٺي چڪو آهي ۽ پڇڻ واري ريت هاڻي اسان منجهه هڏ / صفا / ماڳهين / بنهه / مور آهي ئي ڪانه! هاڻي هر ڪو وڏاندرو، پاڻ هميرو آهي. راڳ جو سر نڪو سماءُ هنڀاڙي نڙ هڻي. وڏو ٿي ڪو اڳيان وڌي سمجهائي ته چون، ’پنهنجي استادي پاڻ وٽ سنڀالي رک‘ پيٽان پڙهي ڪوبه نٿو اچي نه ئي ڪو ڄائيندي ڄام آهي. سکبو / پڇبو پر هتي هر ڪو استاد. جڏهن ته :

    پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي

    ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيب جا.

    ويهه واٽن واري وچڙ مهل منهن واءُ ڪري هلڻ واري چريائي هاسيڪار ڪئي اٿئون. نڪ جي سيڌ تي اٺ جيان ڪنڌ کڻي داڦوڙا هڻڻ به جهڙو ڪر دانشمنديءَ جي زمري ۾ واڳيل آهي ۽ سونهارا سونهان سدائين پٺيءَ پويان ڇڏيا اٿئون ۽ جهڙو وري واءُ تهڙو ڏجي پٺ جي برعڪس هلي ڦٽي وجهندا آهيون پنهنجا تن ۽ من .... ۽ پنهنجي وڍيءَ جو ته ويڄ نه طبيب... جوَ پوکي ڪڻڪ لڻڻ جي آس ۾ اڌ مئا. پوءِ وري ڪڻڪ نه ڏسي ڦرئي واڻئي وارا ڪويڙاٽ ڪري راڄ کلائڻ جا به ماهر. دنيا کلي ته ڀلي ڏهه ڀيرا کلي. خواري جي خبر تڏهن پوندي جڏهن پاڻي مٿي کان به مٿي ٿي ويندو، تيستائين ڏند ٽيڙي پيا جڳ سان گڏ ٽهڪ ڏبا. (ٻڏڻ لاءِ ته پاڻيءَ جو ٻُٽو به گهڻو آهي) پوءِ خبر پوندي ته ونگيءَ واٽ تان تراڦيون هڻي وڃي رڃ جي وچون وچ پڳا آهيون جتي سڃ پيئي واڪا ڪري. پوءِ هونديون آهن هانءُ ڦاڙ دانهون :

    اتي اوڏو آءُ، جت هوت هيڪلي آهيان.

    اهڙيءَ مهل سونهي کي سڏ ڪرڻ اذيتن ۾ اضافو ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. اڳ مهلاتو پڇن ته جيڪر هنڌ تي ويٺا هجن هيئن رُڃ ۾ رڙيون ڪونه ڪن.

    تاج بلوچ اهو سونهون آهي جنهن وٽ مارڳ جا پتا ۽ ماڳ جون ڪنجيون آهن :

    وٽان ويهي تن، سڻ ته سوز پرائين.

    تاج بلوچ، ’هوندو‘ سنڌڻ وارن مان ناهي. هو ته، ’هوندو‘ هٿ ڦاڙ ورهائڻ ۾ مشهور آهي. وٽس وهندي ورهه وهامي وڃن. اٿڻ مهل لاڀ ئي لاڀ جون جهوليون ۽ ڀاڪر ڀري کڻجن، کوٽ ۽ ٽوٽ وارن دڪانن جا در ان در اڳيان زوراتين تاڙين / تالن/ڪرفن سان ٻوٽيل آهن. وڏا ڀاڳ اسان جا جو ان سرهي سنگهار سان گڏ ساڳي واءَ ۾ سرها ساهه ٿا کڻون جنهن جي اڳيان وقت به مات کائي ڪنڏ ۽ اکيون نمائي ٿو وڃي ۽ هو وقت جي هر لمحي / هر پل مان سونهن، سچ، رنگ، روشني، خوشبو کسي / نپوڙي ڪڍي پنهنجي ذهني خزانن کي ڀرپور ڀريندو امر ڪندو ٿو وڃي ۽ وقت به پنهنجي سڄي امرتا کيس ارپي به ارهو ڪونهي. هو ڄاڻي ٿو ته اهائي سندس مهانتا آهي جو حق حقدار کي مليو. امانت باسلامت ته ڌڻيءَ کي پرتي. نئون نسل ڀاڳ وند آهي جو تاج بلوچ سندس وچ ۾ آهي / ساڻن مُچ آهي ۽ پوري آب و تاب سان اڳئين کان به اڳرو پنهنجي ذهني خزانن جا منهن کولي پاڻ جيان ئي ڌنوان بڻائڻ لاءِ مستعد تيار ويٺو آهي :

    اڃا سي آهين، سزا وار سڱين جا

    ويٺا وڄائين، جي سناسي سڻئين.

    اڄ به هو قلم جهليندڙ لاءِ وڏو سهارو / وڏو ڇانورو ۽ وڏي آٿت آهي. آڍ اڍمر ذهنن کي اڄ به اجاريندڙ آهي. پر لڳي ائين ٿو ته هتي ڏهئي آڱريون ڏيئا ڪجن پر مڃتا جي اڳيان سوال واري نشاني سنگ ميل جيان اٽل اُچي بيٺل آهي ۽ هر ڪو پاڻ نه پڄي ابا ڏا ڏا پڏائي واري انٽرنيشنل سينٽر مان بليڪ بيلٽ حاصل ڪيو خوش ويٺو آهي. اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻس ليکي ملڪ جو والي. صلاحون ۽ مشورا وري ائين ڏيندا ڄڻ علم جو وٽن ڇيهه آهي. پاڻ نه پاري ڪتا ڌاري. جڏهن ته حقيقت اهائي آهي ته، ’ابا چاڙهي ادا چاڙهي مون نه چاڙهي ته ڪنهن نه چاڙهي‘، پر اهو سمجهي ڪير! نه راهه جي خبر نه منزل جو پتو جيڏانهن منهن پوي تيڏانهن بي لغام وهيٽ جيان هل هلان ۽ رل رُلان. سڌي واٽ ڪهڙي آهي، وڃڻو ڪيڏانهن آهي، ڪير ڄاڻي :

    ڏونگر، ڏنا نوڻ، مون پارکو پڇيا

    هيڪليون هلن جي، سي تاڪن سندي توڻ

    هيءَ اهکي پوڻ، سونهين ريءَ نه سٿري.

    سونهون اڄ به سڌي واٽ ڏيکارڻ لاءِ سامهون بيٺو هڪليون ڪري :

    وٺيو وڃج واٽ، ڪنڌمَ ڦيرج ڪيڏانهين

    لوڻي ڦير لپاٽ، متان لڳئي لطيف چئي.

    هڪڙي عجيب ريت جيڪا سنڌي ادب کي اڏوهيءَ وانگيان پيئي فنا ڪندي وڃي اها آهي روشنيءَ جي اڳيان رڪاوٽون / آڙون ڏيڻ. نور ۽ تجلين کي دوساڙي ۽ دونهين سان لڪائڻ ۽ جهڪو ڪرڻ. شايد ان ڪري ته سهائيءَ ۾ سندن ڪشاهيگ لونئرا پڌرا ٿي جڳ اڳيان ڪوجهائيءَ جونئون روپ ظاهر ڪري وجهندا. تن جو ميرو گواره ٿي سگهي ٿو پر من جي ميري لاءِ دنيا جي ڪنهن به کنڊ ۾ ڪنڊ ڪونهي. دنيا کي کڻي ڇڏيو اهو ته پنهنجي ڪايا ۾ ئي ڪانيارو هوندو، پر سچ چيو اٿن ته جنهن جي ڪا عزت ئي نه هوندي آهي ان جي ته بيعزتي ئي خراب ٿي سگهي ٿي. پر اهڙا ڪڌا جيءَ پنهنجي خاندان، پر اوڙي پاڙي لاءِ به خواريءَ جو ٽڪو هوندو آهن ۽ ڏينهن ته ڏينهن راتين جو به منهن لڪائي هلڻ جهڙا آهن / هلڻ کپين جي وٽن ڪابه حيا جي ليهه آهي. ان جي باوجود به روشني پنهنجو ڀرپور طاقتور وجود رکي ٿي جيڪا نڪري نروار ٿي پڌري پٽ ٻانهون کنجهيو بيهي ٿي رهي. منجهيل کي رنداتو ڪرڻ لاءِ. روشنيءَ جهڙو ئي سونهون / سرواڻ تاج بلوچ اڄ به سوجهرو جي صورت ۾ جر جر جرڪي پيو ۽ سندس جرڪا هينئر تائين الائي ڪيترن ذرن کي جرڪائي ستارا بڻائي نڀ مٿي نروار ڪري چڪا آهن ۽ اهو ذرن کي آفتاب بنائڻ جو سلسلو هنوز جاري آهي :

    نور تجلو نورسين، نميو نيڻ پسن

    خيمي ۾ کنگهارجي، چانڊوڻا چمڪن.

    تاج بلوچ اهو مچ / اهو سهاءَ ۽ سوجهرو آهي جتي محفلون ۽ ميڙا سونهن ٿا :

    ڀنيءَ ڀڙڪا ڪن، باهيون بيراڳين جون

    هلون ته سيڪيون هٿڙا، مٿي تن مچن

    ملا سنا مين، مون جڙ لڳي جان ۾.

    تاج بلوچ ۾ هڪڙي عجيب عادت اها به آهي ته هن ڪڏهن به پاڻ لاءِ ڪنهن کان به ڪو خراج ۽ ساراهه وارا ٻول نه گهريا. جنهن جو تازو مثال منهنجي شعري مجموعي، ’خوابن جا ايوان‘ تي هڪ صحافيءَ جو لکيل تبصرو آهي. هن صاحب جڏهن اهو تبصرو رسالي سوجهرو ڏانهن اماڻيو ته تاج بلوچ صاحب اهو تبصرو محض انڪري شايع نه ڪيو جو ان ۾ سندس (تاج بلوچ) جي تعريف گهڻي ۽ مجموعي تي تبصرو گهٽ هو. (اهو تبصرو پوءِ هلال پاڪستان اخبارم ڇپيو.) جڏهن ته ماڻهو پنهنجي تعريف ۽ ساراهه ڏوڪڙ ڏيئي لکرائيندا آهن :

    سرها ڏٺم سي، جن جي ساڃاهه سراڻ سين

    تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين.

    هن اهي هڙيئي اهک / اهنجهه اڪيلي سر سٺا ۽ کنيا آهن بنا ڪنهن لفظي معاوضي جي. ڇو جو کيس خبر آهي ته سندس راڄ ۾ بخيل اڪثريت ۾ ۽ سخي اقليت ۾ آهن. بخيل به اهڙا پنهنجو ٻرو به مفت ۾ نه ڏين، مشڪن به مطلب لاءِ چه جائيڪ تعريف ڪرڻ :

    کنڀ کسنئي ڳجهڙي، لڱين پوئي واءُ

    اميرن مٿاءَ، جنهن تو ڦلين ڇانئون نه ڪيون.

    ۽ جن شومن کي سواءِ پنهنجي ٻوٿن جي ٻيو ڪوبه نظر نه اچي جيڪي پنهنجي ئي ڦونڊ ۾ ڦوڪجي ڏيڏر وانگيا ٺڪاءَ ڏيئي ڦاٽن تن وٽ ٻي لاءِ وار ڪٿي.

    مون، تون، آئون، اسين، چارئي چتا لاءِ.

    پر تاج بلوچ کي انهن مَرُ چوسن جي پرواهه به ته ناهي. هو پنهنجي ئي راهه جو راهگير به آهي ته رهنما به آهي :

    تاڻين مٿي توڙ، اوري ڪن نه آسرو.

    ۽ پاڻ وري اهڙو سخي جوا ڄ جڏهن ڪو ڀاءُ، ڀاءُ کي سڪو هٿ به نٿو سڃي ته اهي اهڙي سُڃي / ڏڪارئي ٻوٿ ڪاري دؤر ۾ هو پنهنجون ٻئي فراخ ٻانهون ويڪريون ڪري سوجهرو جي صورت۾ جن کي سڌي ليڪ ليڪڻ / لفظ لکڻ به نه اچي انهن کي سڌاري سنواري ليکڪ بڻائي پنهنجي پرسڪون چهري تي لازوال مرڪ سجايو پيو خوشيءَ مان ٺري ۽ مرڪي :

    نه مون ناناڻيان کٽيو، نڪي ڏاڏاڻيان

    پرينءَ جي پاران، وڏا مون وڙ ٿيا.

    اهڙي سمي ٻيا ته ٺهيو پر اهي سڀئي جن جي مٿان سندس شفقت ڀريو هٿ ڪڪرن جيان ڇانيل آهي سي ته هڪ دل هڪ زبان ٿي چون :

    مون کي ڇڏمَ ڇپرين، هوتاڻي هن هنڌ

    توسين پوندس پنڌ، ڏيندس باهه ڀنڀور کي.

    پوءِ کڻي سچي باهه نه ڏين پر اندر جي اها سچي اٿل به ميڻ جهڙي من لاءِ وڏو ڏڍ ٿي بڻجي. خاص ڪري تاج بلوچ جهڙي ڪونئري ڪپاهه جهڙي حساس ۽ پرخلوص ماڻهوءِ لاءِ سچ پچ وڏو ٻيلپو ٿي پوندو :

    ههڙا سيڻ سڌير، ڪين لهندي ڪي ٻيا.

    بنا غرض لالچ جي ٻئي ٻانهون کولي آسروند جي آجيان لاءِ هر گهڙي مورچي (سوجهرو جي آفيس) تي دستياب ٿيڻ به معمولي واردات ناهي.

    هن ڀر سيم هاڪ، ستي سڀنارن جي

    محبتي ميهار جي، چڙن چوريا چاڪ

    انهيءَ جي اوطاق، وڃڻ مون واجب ٿيو.

    دل جا در کولڻ مذاق ڪونهي سائين، سو به اهڙي اوکي آزار ڀري هلاکيءَ لاءِ جنهن منجهه رڳو ٻين جي نانءُ ۽ رتبي جا جهنڊا هڻڻا هجن، ٻين جي نالن جون ڀاڀٽيون جهولائڻيون هجن. اتي ته سڌڙين کي اهائي تلقين ڪري ٿي سگهجي :

    وهاڻيءَ تون وڃ، تو نه سرندي ان ري

    ڀيرا ڏيئي ڀڃ، جا پنئي ڪيم ڪريم سين.

    ماٺ مٺوڙيءَ ۾ ايڏا ڪم ڪرڻ لاءِ دل ۽ دماغ جي پرخلوص وسعت ٿي کپي ۽ هو اهي آزار جيڪي کيس ڏينهن رات مسلسل سهڻا پيا پون، انهن جي ڪا ٻاڦ به ٻاهر نٿو ڪڍي :


    نهائين کان نيهن، سک منهنجا سپرين

    ٻري سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

    نهائين ۾ بند سندس آواز ڄڻ وايو منڊل ۾ پڙاڏو بڻجيو وڃي :

    مخم کہ شہرہ بہ شہرم بہ عشق ور زیدن

    منم کہ دیدہ نیا لودہ ام بہ بد دیدن

    (اهو مان ئي آهيان جيڪو عاشقيءَ کان شهر ۾ مشهور آهيان. اهو مان ئي آهيان جنهن عيب ڪري پنهنجي اکين کي ميرو نه ڪيو. )

    چوندو آهي اهي سڀ منهنجا ٻچائي ته آهن، منهنجي توسيع، منهنجي ايڪسٽينشن، سڀني صالح ٻارن ۾ جي ڪو هڪڙو ٻار گهٽ موڙو ٿيندو آهي ته والدين جي دل ۾ ان لاءِ وڌيڪ پيار ۽ ڪهڪاءُ ٿو اچي. هو به شايد اهو سوچي خاموش آهي ته :

    ڳالهين ڳهلي لوڪ سين پڌر پيئي نه ڪن

    ڇو جو،

    ’ڦڪي فقيرن ماڳهين پني ماٺ جي.‘

    منڍ ۾ ته نهايت جوش مان چيو هوم ته آئون سندس ڏات، ڏانءُ، فن، هنر تي حرف به نه ڪڇنديس بلڪه هي ڊگهو مضمون پڙهندي اوهان کان وسري ويو هجي ته ياد ڏياريان ته قسم به کنيو هوم.

    پر ائين ممڪن ڪٿي آهي. هيڏي وڏي جبل جيڏي ادبي شخصيت جي فن ۽ هنر کان پاسيرو ٿي گذري وڃڻ مشڪل نه پر ناممڪن آهي ۽اها جسارت بلڪه گستاخي منهنجو هي معزز قلم هرگز نٿو ڪري سگهي.

    تاج بلوچ سونهن، سچائي، محبتن ۽ رفاقتن جو شاعر ته آهي ئي آهي پر سندس تازه سياسي شعور مان ٽمٽار چؤسٽا سندس کليل اکين ۽ سجاڳ ذهن جا عڪاس ۽ گواهه بڻيا بيٺا آهن ۽ اهي چؤسٽا سنڌي پهاڪن ۾ لکڻ هڪ نهايت حيرت انگيز ڪمال آهي. مثال :

    جنهن شخص جو شعور، رتيءَ جيترو هجي

    سمجهي سو ڪنهن جي ڳالهه کي، سولو نٿو سجهي

    رڍن اڳيان رباب، وڄائي وهيون کٿيون

    ريڌيون ڪڏهن نه راڳ تي، ٻولي جنين جي ٻي


    ’پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي‘

    پرائي مال تي ٽوپيون نراڙن تي

    ٺهو ٿا ٺاهه ڪيئي ٺاهيندي جڳ ۾

    ڪڏهن جي ڀاڳ جاڳيو سنڌ جو يارو

    جتي ملندي، اوهان جي ڪين ڪنهن دڳ ۾


    ’جيڪو پوکبو اهو ئي لڻبو‘

    بخت پنهنجي کي هو روزانو پُڻي ٿو يارو

    جاڳندي جوءِ ۾ سپنا ڪي اڻي ٿو يارو

    هنجي هذيان جو ڪاٿو ڪو ڳڻائي مشڪل

    جيڪو پوکيائين اهو هاڻ لڻي ٿو يارو

    ائين ئي سندس ٻيا به ڪيئي دلڪش چؤسٽا آهن. پابند چؤسٽو مزيد پهاڪي جي پابندين ۾ لکڻ سولي ڳالهه ناهي.

    سندس غزل جي انفراديت اڳ ئي سنڌ ۾ مڃيل ۽ انوکي / وڻندڙ آهي. اها سندس هن نئين مجموعي، ’دل جزيرو اُداس سپنن جو‘ ۾ نه رڳو برقرار آهي پر اها اڃا به وڌيڪ نکري ۽ سنورجي آئي آهي.

    ڪنهن جي گداز جسم جو جلوو ٻري پيو

    ڪافر چپن تي هيڄ مان ڪلمو ٻري پيو


    ٻڪ مان ڦول اڏاري تو اماڻي خوشبو

    ٿي وئي لوڪ ۾ مشهور ڪهاڻي خوشبو

    ۽ هيءُ حيرت انگيز بند ته ڪپاٽ ئي کوليو ٿو ڇڏي :

    بس مان تڪڙو لهي جا وئي سانوري

    خوشبو پنهنجي بدن جي وساري ويئي

    چيو ويندو آهي ته تاج بلوچ جو غزل فارسي زده آهي. پر هو اهو، ’درد جو صحرا‘ ڪڏهوڪو لتاڙي آيو يا کڻي ايئن چئجي ته هو ان دلفريب اکين جي دوکي واري ڄار مان جيئن پوءِ تيئن هٿ پير ڪڍرائيندو ويو تان جو، ’دل جزيرو اداس سپنن جو‘ سندس غزل جو رنگ وڃي هي رهيو :


    چيلهه تي ٻهڙو کڻي ناري جو پهتي نار تي

    زندگي جاڳي پئي ناري جو پهتي نار تي

    ۽ مٿيون مصرعو ته ڄڻ ڪا پينٽنگ آهي ۽ ماڻهو جاڳندڙ اکين سان پيو ڏسي ته ناري چيلهه تي ٻهڙو کڻي نار تي پهتي آهي ۽ کل ٽهڪ، خوشيون، هل هنگاما مچي ويا آهن ۽ زندگي ڪر موڙي جاڳي پيئي آهي. سندس غزل جو سنڌي شاعريءَ ۾ ڌار منچ آهي ۽ هينئر هانءُ تي حافظ جو بند تري آيو آهي :

    غزل گفتی و درسقفی بیاؤ خوش بخوان حافظ

    کہ بر نظم تو انشاند فلک عقد ثریا را

    (اي حافظ تو غزل ڇا چيو موتي پويا آهن. اچ، اچي مٺي آواز سان پڙهه ته آسمان تنهنجي نظم تي وهائو تارن جا ڇڳا گهوري.)

    مجموعي ۾ وائي ته هڪ آ پر لکان دي مٽ آ :

    ٻانهن مٿي کي ڏيئي

    ڪيئن ستو تون آهين

    سانوڻ جي رت ويئي

    ڪيئن ستو تون آهين

    باقي نظم ته تاج بلوچ وٽ دنگ ٿو ڪري. سندس سڄي شاعري رنگ، روشني، خوشبو ۽ مستيءَ جو مسڪن آهي پر جيڪا ڇڪ، اُٿل، اُمنگ، نغمگي، رواني، ردم ۽ اندر جي بيساخته اُڇل نظم ۾ آهي اها بيحد مختلف ۽ عجيب آهي. لڳندو آهي ته اها ڪيفيت نه رڳو سندس آهي پر اسانجي به اهائي ڪيفيت آهي. وصل جي رات جو سحر انگيز منظر :

    ’وصل جي رات

    ستارن جي سڄي تاباني

    ڪنهن جي قدمن کي ڇهي

    هيٺ اونڌاهيءَ۾ ڀٽڪي پيئي

    چنڊ جا چاڳ سڀئي ماٺا.‘

    ستارا، جيڪي پاڻ سورج آهن، انهن جي سڄي تاباني جڏهن محبوب جي قدمن ۾ هيٺ اونڌاهين ۾ ڀٽڪڻ لڳي ته پوءِ چنڊ ته ماڳهين طفيلي آهي، سو جڏهن روشنين ۽ تابانين جا ڌڻي به اونڌاهين ۾ ڀٽڪي پون پوءِ ته چنڊ جا چاڳ ته ماٺا ٿيڻا ئي آهن. ايڏي حساس آبزرويشن ڀانيان ٿي دنيا جي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي جديد شاعريءَ ۾ ملڻ مشڪل آهي. ’اينيٿسيا کانپوءِ...‘ واري ڪيفيت به حيرت ناڪ آهي.

    ’رات، پازيب جي جهنڪار ۾ ترندي آئي

    ڪنهن جي ساروپ جي مهڪار ۾ ترندي آئي

    دل جي ويراني ۾ نروار نئون چنڊ ٿيو

    روشني آهي جا خوشبو بڻجي

    دل جي آڳر ۾ پکڙجي پيئي

    اهڙي خوشبو

    جا رڳو تنهجي بدن جي خوشبو

    اهڙو جادو

    جو رڳو تنهنجي اکين جو جادو

    ۽ نئون روپ ڪو مُرڪيو آهي

    مشڪبو تنهنجي بدن جي جلون

    مون کي آغوش ۾ جڪڙيو آهي

    تو سان تنهائي ۾ جيڪي ٿيون باتيون جانان

    تنهنجي زلفن جيان، سُرهيون اهي راتيون جانان

    ڪنهن پرستان مان اُتريون آهن

    تنهنجي گلنار بدن جي گفتار

    مون کي مستي ڪا الستي بخشي

    دل وري زور سان آهي ڌڙڪي


    رات، پازيب جي جهنڪار ۾ ترندي آئي

    تنهنجي ساروپ جي مهڪار ۾ ترندي آئي.‘

    ڪير چوندو ته هي نظم آهي، بلڪل غزل جو انداز ۽ الفاظ آهن. اهائي تاج بلوچ جي شاعريءَ جي سڃاڻپ ۽ ڪمال آهي ته ڪهڙي به صنف هجي نغمگي ۽ رواني اوتجي پوندي آهي. مٿيان ٻئي نظم بهار جي رت جهڙا مست ۽ خوشبودار آهن ۽ ماڻهوءَ جي من ۾ مانڌاڻي وجهيو ولوڙين ٿا ته محبت وارو مکڻ هر من ۾ موجود هئڻ گهرجي. هن مجموعي جي انوکي واردات سندس ارپنا آهي، جيڪا پڻ نظم جي صورت ۾ آهي ۽ ڪمال جو نظم آهي. سڄي مجموعي جو ڄڻ جهومر آهي اهو نظم جيڪو ٻهه ٻهه پيو ڪري :

    ’منهنجو فن، منهنجو هنر

    سڀ تنهنجي نانءِ


    چنڊ آهين

    چنڊ جي چانڊوڪي آهين

    چنڊ جي چانڊوڪي اهڙي

    جا ستارن جي سريلي رقص جي جهنڪار تي

    مونکي منهنجي گهر مان پڪڙيو

    تنهنجي گهر - آڳر ۾ پهچايو ڇڏي

    چنڊ جي ۽ چنڊ چانڊوڪيءَ جي نانءِ.


    پنجين موسم جيئن مونکي

    تون ڀٽائيءَ جي لڳي ٿين شاعري

    شاعري اهڙي، هجي ڄڻ ڪا ندي

    ڪک - ڪانا جيڪا لوڙهيو ٿي وڃي

    ٻن ڪنارن جي ملڻ جي آس ۾

    ڪيترائي جيءَ جوڙيو ٿي وڃي

    ڏانءَ اهڙي ڏات نانءِ.


    ڏينهن آهين

    ڄڻ نرالو نينهن آهين

    جنهن کي سورج ديوتا

    سونهن جوڀن جون سموريون

    رونقون ۽ روشنيون

    مهر مان ارپي پيو

    اهڙي دلبر ڏينهن نانءِ.


    شام آهين، اهڙي شام

    جيڪا ديوارن تي پوکي ٿي سُڪون

    تنهجي زلفن جو جنون

    شام جي مسحور پاڇولن جي نانءِ.


    نانءُ تنهنجو ڪيئن وٺان؟

    ڪيئن مان توکي ڏٺو

    ۽ پاڻ کي رُسوا ڪيان؟

    منهنجو فن، منهنجو هنر

    سڀ تنهنجي نانءِ.!

    حافظ شيرازيءَ چيو آهي :

    این ہمہ قندو شکر مخنم می ریزد

    اجر صبریست کزان شآخ نباتم دادند

    (هي مٺاس جيڪا منهنجي ڪلام ۾ ظاهر آهي، ان صبر جو بدلو آهي، جيڪو شاخ نبات (حافظ جي محبوبه) پاران مونکي عطا ٿيو آهي.)

    لڳي ٿو آئون تاج بلوچ جي نئين شاعريءَ سان انصاف ڪري نٿي سگهان (يا ڪري ويئي آهيان؟)

    باقي اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته سنڌي ادب / شاعري ۾ تاج بلوچ جو هئڻ اهو اعزاز / انعام آهي، جنهن تي اسين هر دؤر ۾ مرڪي فخر ڪري ٿا سگهون بنا ڪنهن ڳڻڳوت جي :

    روزگار شدکہ درِمیخانہ خدمت می کنم

    در لباس قصر کار اہل دولت می کنم

    (مدت گذري ويئي آهي ميخاني جي خدمت ڪريان ٿو. فقيراڻي ويس ۾ دولت مندن جهڙاڪم ڪريان ٿو.)

    ’هنج، مڙيئي هنج، ميرو منجهن ناهه ڪو

    جتي رهن سنجهه، سو سرڪن سرهو.

    (29 آڪٽوبر 2001ع- ڪراچي)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو