ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ عالم ۽ ڏاهي جو وڇوڙو (ورسي جي مناسبت سان)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ عالم ۽ ڏاهي جو وڇوڙو (ورسي جي مناسبت سان)

    رضوان گل

    تاريخ ۾ انهن ئي ماڻهن کي سٺن لفظن سان ياد رکيو ويندو آهي جن مثبت رويا اپنائي قوم، ٻولي ۽ ادب لاءِ هاڪاري ڪردار نڀايو هجي. اهي ماڻهو جن پنهنجي راتن جو ننڊون ڦٽائي سالن جا سال علمي ، ادبي ۽ تحقيقي پورهيو ڪيو هوندو آهي ۽ نوان دڳ ڏيکاري علم جا ڏيئا روشن ڪيا هوندا آهي انهن جا ٿورا سڄي قوم تي هجن ٿا. سنڌي علم، ادب، تحقيق ۽ لوڪ موسيقيءَ کان علاوه لطيفيات ۽ لسانيات تي هيل تائين جيترن به عالمن اڪابرن ڪم ڪيو آهي انهن ۾ ڏاهي ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نالو مٿاهين حيثيت جو حامل آهي.

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 16 ڊسمبر 1917 تي ڳوٺ جعفر خان لغاري ضلعي سانگھڙ ۾ علي محمد خان لغاري جي گھر ۾ جنم ورتو. بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اي ۽ مسلم يونيورسٽي عليڳڙه مان ايم اي ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪيائين جنهن بعد ايڊيوڪيشن ۾ ايم اي ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان ڪيائين جنهن کانپوءِ 1949 ۾ ساڳي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائين. 1951 ۾ پاڻ ايڊيوڪيشن جي استاد طور ملازمت جي شروعات ڪيائين، 1973 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو جنهن کانپوءَ وري 1980 ۾ بين القوامي اسلامي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. مختلف ذميوارين جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب جن اهم عهدن تي رهيو انهن ۾، ميمبر پاڪستان پي ڪميشن، چيئرمين سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، نگران وزيرِ تعليم، زراعت ۽ جھنگلي جيوت حڪومت سنڌ، پروفيسر ايمرائيٽس ۽ پروفيسر علامه آءِ آءِ قاضي چيئر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو. ان کان علاوه ڪيترن ئي ادارن ۽ چيئرس جو ميمبر پڻ رهيو. کيس تمغه پاڪستان 1968، ستاره قائد اعظم، صدارتي ايوارڊ پرائڊ آف پرفارمنس 1979، صدراتي ايوارڊ اعزاز ڪمال 1991، صدارتي ايوارڊ ستاره امتياز 2001 انهن اعزازن کان علاوه ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون بلوچ صاحب کي مليل آهن. پاڻ سنڌي اردو سرائڪي فارسي عربي ۽ انگريزي ٻوليون ڄاڻندو به هو ته انهن ٻولين ۾ ڪم پڻ ڪيو اٿائين. ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي جتي ٻاهريان عالم سندس علم کان تمام گھڻو متاثر ٿيا جنهن سبب ٻاهرين ملڪن جي ڪيترن ئي عالمن ۽ اڪابرن سان ڊاڪٽر بلوچ جي خط و ڪتابت رهي.

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا ڪيل ڪارناما تاريخي حيثيت رکندڙ آهي سندس ڪيل تحقيقي پورهئي تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي فخر آهي ، هن اهڙن موضوعن تي قلم کنيون جن تي اڳ۾ يا بنه ڪم ئي نه ٿيو هو يا وري اهو ڪم سائئنسي انداز ۾ نه ٿيو هو ، ڊاڪٽر لوڪ ادب هجي يا لسانيات کان ويندي سنڌي لغت جي سهيڙ هر ڪم ذميواري ۽ ڌيان سان ڪيو جنهن مان سنڌ جا سمورا اهلِِ علم فائدو وٺي رهيا آهن. نه صرف ايترو پر پاڻ شاه سائين جي رسالي تي جيڪو ڪم ڪيو اٿائين يا سندس راڳ جي حوالي سان جيڪا تحقيق ڪيل آهي سا سندس مسلسل محنتن جو ئي نتيجو آهي. هن هڪ بند ڪمري ۾ ويهي اهو سمورو ڪم نه ڪيو پر ان حوالي سان پاڻ جھر جھنگ لتاڙيندو رهيو سنڌ جي هر ڳوٺ واهڻ ۽ وستيءَ ۾ پهچي اتان جي ماڻهن سان ملي ڪچهريون ڪيائين انهن سان انٽرويز ڪيائين ۽ انهن جي لهجن جو گھرائيءَ سان مشاهدو پڻ ڪيائين جنهن کانپوءِ هن پاڻ کان اڳ ڪيل تحقيق کي يا ته هٿي ڏني يا رد ڪيو. اهو ئي هڪ عالم جي تحقيق جو طريقيڪار هوندو آهي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جيڪا به نئين ڳالهه ڪئي ان لاءِ ائين ئي دليل ڏئي سمجھايو.

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ماٺيڻي طبعيت وارو پنهنجي منهن سان سان ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو هو جيتوڻيڪ سندس ڪيل قلمي پورهئي جي موٽ ۾ کيس ڪيترين ئي تنقيدن جا تير به سهڻا پيا پر هن ڪڏهن به انهن کي تيستائين جواب ڏيڻ مناسب نه سمجھيو جيستائين انهن ڳالهين ۾ کيس صرف تنز ئي نظر آئي هن انهن چند ڳاليهن جي ئي وضاحت ڪئي جيڪي کانئس رهجي ويون. اسانوٽ اڪثر اهو رويو عام آهي ته جيڪو ماڻهو اسانوٽ ڪو ڪم ڪندو آهي ته بجاءِ ان کي ساراهڻ جي اسان بيجا تنقيدن جا تير وسائڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهيون... تنقيد ٿيڻ گھرجي پر اها ذاتي رنجشن ۽ حسد کان مٿاهين هئڻ گھرجي جيڪو رواج افسوس ته اسانوٽ تمام گھٽ آهي. اسانجي ماڻهن اهو نه ڏٺو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادب جي ڪيترن خالي پيل پاسن تي ڪم ڪري اسانجي ادب کي مالامال ڪري ڇڏيو پر هنن صرف اهو جانچيو ته هن ڪٿي ڪا غلطي ڪئي آهي .. ڳالهه جيڪڏهن صرف غلطيءَ جي نشاندهي تائين محدود هجي ها ته ٺيڪ پر افسوس ته ائين نه ٿيو. ان جي برعڪس ڊاڪٽر صاحب ته اڪثر انٽرويوز ۾ چوندو هو ته ”آءٌ ته طالبِ علم آهيان تحقيق وڏو ڳرو لفظ آهي مون لاءِ! بس مطالعو ڪيان پيو ڪوشش ڪيان پيو“.

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جھڙا عالم هر روز پئدا ڪونه ٿيندا آهن اها اسانجي خوشنصيبي آهي جو اهڙو عالم ۽ دانشور سنڌي ٻوليءَ جي جھولي ڀرڻ لاءِ پئدا ٿيو ۽ هن پنهنجي سموري ڄمار علم ادب ۽ تحقيق جي حوالي سان صرف ڪئي. علامه آءِ آءِ قاضي کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ جيڪي خدمتون ڊاڪٽر صاحب سرانجام ڏنيو سي پڻ تاريخي اهميت رکندڙ آهن. شاه سائين تي سوانحي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ جيڪا تحقيق ڪئي سا پڻ سندس ڪيترن ئي سالن جي محنتن جو ثمر هئي . ان تحقيق دوران جڏهن ڪنهن انٽرويو ۾ ڊاڪٽر بلوچ کان شاه سائين جي سوانح بابت سوال ڪيو ويو هو ته پاڻ جواب ۾ چيو هئائين ته: ”جيسيتائين مان مڪمل طور تحقيق ڪري پوري نه ٿو ڪيان تيستائين اندازي يا مفروضي کي بنياد بڻائي جواب نه ڏبو ، جيتوڻيڪ مون ان کي ڪافي حد تائين واضع طور سمجھيو آهي پر صرف نالي طور ڪتاب لکڻ يا جواب ڏيڻ ٺهي ڪونه ٿو“.

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اسان کان جدا ٿي ويو آهي جيڪو سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ حقيقي معنى ۾ تمام وڏو نقصان آهي جيڪو ڀرجڻ جهڙو بنهه به ڪونهي. هونئن به ڪنهن به ماڻهوءَ جو خال ڀرجڻ ناممڪن هجي ٿو، ڇا لاءِ ته هر انسان جي اندر پنهنجون پنهنجون الڳ صلاحيتون هجن ٿيون. پر اهو سچ آهي ته وري ٻيو ڊاڪٽر بلوچ پئدا ڪونه ٿيندو. اچو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڏسيل راهن تي هلي انهيءَ ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي عالمن جي لاءِ پنهنجون دليون ڪشاديون ڪري کين ڪم ڪرڻ لاءِ اهڙو حقيقي علمي ۽ ادبي ماحول پئدا ڪري ڏيون جنهن سان ايندڙ دور جي محقق کي پنهنجي قوم جي روين کان شڪايت نه رهي. اسان سنڌ جا واسي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪيل پورهئي کي سلام پيش ڪندي اها گھُر به ڪيون ٿا سندس رهيل ڪم شايع ڪرايو وڃي.

    جڏهن هڪ موت عالِمَ جو سڄي عالَم جي لئه آهي
    تڏهن آ درد هر همدرد جي دل ۾ جڳهه جوڙي،
    مرڻ جن کي کپي سي موت کان لڪندا رهيا آهن
    جيئڻ وارا الائي ڇو وڃن ٿا موت ڏي ڊوڙي
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 اپريل 2015
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عالم، اديب، ليکڪ، استاد ۽ ڏاهي ڏات ڌڻي سائين نبي بخش بلوچ جي ورسيءَ تي سندس ياد


    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    بيشڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادب ۽ تحقيق جو وڏو ڄاڻ رکڻ وارو ۽ پرک رکڻ وارو انسان هيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ : وسرندي نه وسري

    ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي سونهن هو. هو شرافت جو مجسمو هو. هر عام و خاص تي بي حد مهربان هو. الله تعاليٰ دنياوي طور تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ايترو ته نوازيو هو جو ڪو پروفيسر خواب ۾ به ايترا وڏا عهدا ماڻي نٿو سگهي. پروفيسر آف ايجوڪيشن، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ سنڌ يونيورسٽي، وائيس چانسلر اسلامڪ يونيورسٽي (هاڻي بين الاقوامي اسلامڪ يونيورسٽي) اسلام آباد، سيڪريٽري(o.s.d)وزارت تعليم ۽ ثقافت هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ اسلام آباد، صلاحڪار نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد، چيئرمين سنڌي لئنگويج اٿارٽي حڪومت سنڌ حيدرآباد ۽ نگران وزير تعليم، زراعت ۽ جهنگلي جيوت، حڪومت سنڌ ڪراچي جا عهدا ماڻيندڙ هن عظيم انسان جي نوڙت ۽ حسن اخلاق ڏسي انساني عقل دنگ رهجي وڃي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هميشه پنهنجي ماضي جو ذڪر ڪري پنهنجي خاندان جي غربت تي فخر محسوس ڪندا هئا. هيڏن وڏن عهدن ۽ پوزيشنن تي رهڻ جي باوجود منجهن تڪبر ۽ وڏائي نالي ماتر به نه هئي. ايڏو منڪسر المزاج عالم مون پنهنجي زندگي ۾ ڪو نه ڏٺو آهي.
    هڪ ٻيو عظيم اسڪالر، ڊاڪٽر محمد حميد الله جيڪو اسلام تي اٿارٽي هو. ان ۾ به بي حد انڪساري ۽ نوڙت هئي. جيڪو پيرس ۾ جلاوطني ۾ رهندو هو. هو ويهين صدي جو عظيم مسلم اسڪالر هو، جيڪو پنج ٻوليون ڄاڻيندو هو. اردو، عربي، انگريزي ۽ ترڪي ٻولين تي کيس دسترس حاصل هئي. سندس قرآن پاڪ جو فرانسيسي ۾ ترجمو عظيم شاهڪار آهي.
    ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان منهنجو تعلق اڌ صدي تي پکڙيل آهي. آئون ساڻس 1960ع ۾ پهريون ڀيرو مليس. جڏهن پاڻ پروفيسر آف ايجوڪيشن هئا. مون کين ٻڌايو ته منهنجو تعلق ٽنڊي باگي سان آهي ۽ آئون مير غلام خان ٽالپر مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول ۾ پري ميٽرڪ تائين پڙهيو آهيان. ميٿس ٽيچر نه هئڻ سبب ميٽرڪ جو امتحان مون ڪينٽومينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد (هاڻي فيڊرل هاءِ اسڪول) مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو ۽ اسڪول ۾1955ع ۾ پهريون نمبر آيس، تازو 1960ع ۾ مون بي اي آنرس ۾ آرٽس فيڪلٽي ۾ پهرئين پوزيشن حاصل ڪئي آهي. ڊاڪٽر بلوچ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ شاباس ڏنائون ۽ تعليم جاري رکڻ لاءِ چيائون. آئون اڃا ايم اي فائنل ۾ هئس ته بي اي آنرس فرسٽ پوزيشن جي بنياد تي ترڪي حڪومت طرفان مون کي پي ايڇ ڊي جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. آئون ٻڏتر ۾ هئس ته ايم اي ڪرڻ کان اڳ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ترڪي وڃان يا نه وڃان. آخر مسلم هسٽري ڊپارٽمينٽ جي هيڊ پروفيسر ڊاڪٽر صغير الحسن معصومي ۽ ڊاڪٽر هاشمي سان صلاح ڪيم. انهن مشورو ڏنو ته ايم اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان اڳ نه وڃين ته بهتر آهي. آخر ۾ آئون ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ سڄي روئيداد کين ٻڌايم. پاڻ هڪدم چيائون ته؛ ايم اي ڪرڻ کان اڳ ۾ قطعي ڪونهي وڃڻو. جيڪڏهن اتي پي ايڇ ڊي نه ڪري سگهين ته تنهنجو ڪيريئر تباهه ٿي ويندو. وزارت خارجه وڃي ٻن مهينن جي مهلت لاءِ درخواست ڏي ۽ آٿت ڏيندي چيائون ته انشاءَالله تو کي مهلت ملي ويندي. ان بعد آئون ڪراچي وزارت خارجه جي لاڳاپيل اسسٽنٽ ايجوڪيشنل ايڊوائيزر سان وڃي مليس. جناب محفوظ الرحمان جو تعلق مشرقي پاڪستان سان هو. ڏاڍي اخلاق سان مليو ۽ درخواست ڏيڻ لاءِ چيائين. ايترو پڻ چيائين ته آئون وڃي ايم اي جي تياري ڪريان ۽ پريشان نه ٿيا. مون واپس اچي پوري حقيقت ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ٻڌائي. پاڻ مطمئن ٿي ويا ۽ آئون امتحان جي تياري ۾ لڳي ويس. انهيءَ وچ ۾ وڃڻ جي به تياري ڪندو رهيس. مون آخر طئه اهو ڪيو ته آئون بحري جهاز ذريعي ڪراچي کان بصره ويندس ۽ اتان ٽرين جي ذريعي بغداد کان ٿيندو، انقره ويندس. تاريخ 2 آگسٽ 1962ع تي رزلٽ آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ، 4 آگسٽ تي روانگي جو پروگرام ترتيب ڏنم. 4 آگسٽ 1962ع ڇنڇر جي ڏينهن شام جو ساڍي ستين بجي آئون ڪراچي مان سرڌانا بحري جهاز ذريعي بصره روانو ٿيس. روانگيءَ کان اڳي ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان ملي، وٽائنس صلاح مشوره ڪري، پوءِ موڪلائي روانو ٿيس. بحري جهاز ذريعي 11 آگسٽ تي بصره پهتس. بحري جهاز ۾ سفر ڪندڙن کي اڪثر سي سڪنيس ٿيندي آهي ۽ الٽيون اينديون آهن. پر مون کي اهڙو ڪو پرابلم ڪو نه ٿيو. بصره پهچڻ بعد، ٽرين ۾ ويهي بغداد پهتس. ڪربلا معليٰ به ويس. واپسي پير عبدالقادر جيلاني رح جي مزار تي وڃي دعا گهريم. بغداد کان ٽرين ۾ ويهي 20 آگسٽ 1962ع تي انقره پهتس. انقره يونيورسٽي جي تاريخ ۽ ادب جي فيڪلٽي ۾ پي ايڇ ڊي ۾ رجسٽر ٿيس. ترڪي مان ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان خط و ڪتابت ذريعي تعلق قائم رهيو. 1963ع ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا ٻه خط ساڳئي موضوع تي مليا. ڊاڪٽر صاحب ترڪي ايران تعلقات جي باري ۾ ڪجهه معلوماتي مواد موڪلڻ لاءِ لکيو هو. ڇاڪاڻ ته هڪ مهيني بعد کين ايران ڪانفرنس ۾ وڃڻو هو. ٻن خطن لکڻ جو مقصد اهو هو ته جيڪڏهن هڪ خط گم ٿي وڃي ته ٻيو ته ملڻ گهرجي. حڪم جي تعميل ۾ گهربل مواد ڊاڪٽر صاحب کي موڪلي ڏنم. ڊاڪٽر بلوچ صاحب 1964ع ۾ ترڪي ڪنهن ڪانفرنس جي سلسلي ۾ آيا. اچڻ کان اڳ ۾، مون کي پنهنجي پروگرام جو اطلاع ڏيئي ڇڏيو هئائون. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، تقريبن هڪ هفتو ترڪي ۾ رهيا. آئون گهڻو وقت سندس خدمت ۾ حاضر رهيس. ڊاڪٽر صاحب ڪانفرنس کان پوءِ گهڻو وقت ترڪي جي ڪتب خانن ۾ سنڌ جي متعلق لکيل مواد تلاش ڪندا رهيا. ٻيو ڀيرو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ڊسمبر 1966ع ۾ ترڪي آيا. آئون ان وقت پي ايڇ ڊي جو مقالو تقريبن مڪمل ڪري چڪو هئس ۽ فائنل ڊرافٽ ٽائپ ڪري رهيو هئس. واضح ڪرڻ چاهيندس ته ترڪي ۾ هر مضمون ترڪي ٻولي ۾ پڙهايو ويندو آهي ۽ غير ملڪين کي پهرين ترڪي ٻولي سيکاريندا آهن، ان بعد ريسرچ اسڪالر کي پنهنجي ٿيسس ترڪي ٻولي ۾ لکي، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ پيش ڪرڻي پوندي آهي. هن سلسلي ۾ ڪنهن سان ڪنهن رعايت جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
    مسلمان ملڪن ۾ ترڪي اهڙو ملڪ آهي جتي هر سبجيڪٽ تي ترڪي ٻولي ۾ ڪتاب ملن ٿا. ترڪ پنهنجي قومي ٻولي تي فخر ڪن ٿا ۽ ڌارين کي خوش ڪرڻ لاءِ هروڀرو غير ملڪي زبان ڪو نه ڳالهائيندا آهن. ترڪي ۾ ٽن ٻولين؛ انگريزي، فرانسيسي ۽ جرمني جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ اهي ٻوليون سکڻ ضروري آهن. باقي ڳالهائيندا ترڪي آهن. ٽن يورپي ٻولين اچڻ سبب، ترڪي جا پروفيسر اسڪالر، اديب، تاريخدان ۽ شاعر مختلف موضاعات تي ڇپيل ڪتابن جو اڪثر ترڪي ۾ ترجمو ڪري ڇپرائيندا آهن. انهي ڪري ترڪي ٻولي ۾ هر موضوع تي دنيا جي ادب، سائنس، تاريخ وغيره تي لکيل ڪتابن جو ترجمو ملي ويندو. آئون جون 1967ع ۾ ڊي لٽ جي اعليٰ ڊگري انقره يونيورسٽي مان تاريخ ۾ حاصل ڪري واپس وطن پهتس. نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي يونيورسٽي جا دروازا ته سنڌين لاءِ بند هئا پر سنڌ يونيورسٽي ۾ جنهن طريقي سان ملازمت ملي اها تفصيل جيڪڏهن زندگي وفا ڪئي ته آتم ڪهاڻي ۾ انشاءَالله لکندس. واپسيءَ بعد، ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ملڻ ويس. ملي، ڏاڍا خوش ٿيا. ٻي ملاقات وري ڊاڪٽر صاحب سان 20 جولائي 1967ع تي ٿي. پاڻ چيائون ته؛ سٺو ٿيو جو اچي وئين. پاڻ وڌيڪ چيائيون ته؛ مون سوچيو پئي ته تو کي ڪيئن نياپو موڪليان ته اچي مون سان مل. پوءِ پاڻ چيائون ته 26 جولائي 1967ع تي مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۾ آر سي ڊي جو ڏهاڙو پيا ملهايون. ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد صدارت ڪري رهيا آهن. انهيءَ موقعي تي تو کي عثماني ترڪ خليفن جي هندستان جي مسلمانن سان اوائلي لاڳاپن جي موضوع تي مقالو پڙهڻو آهي. مون ڊاڪٽر صاحب کي عرض ڪيو ته منهنجي پراڻي دوست غلام رسول مشتاق جي نياڻي جي شادي 26 جولائي تي ڪنڊيارو ۾ ٿي رهي آهي، آئون ته اتان 27 جولائي تي موٽندس. اتي ڊاڪٽر صاحب حڪم صادر ڪيو ته تو کي 26 جولائي واپس حيدرآباد پهچڻو ۽ مقالو پڙهڻو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي حڪم جي تعميل ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو چاڙهو ئي ڪو نه هو. وعدو ڪرڻ بعد ڊاڪٽر صاحب کان اجازت وٺي چار پنج ڏينهن مقالي لکڻ ۾ لڳائي، مقالو مڪمل ڪري ورتم. ان بعد 24 جولائي تي آئون ڪنڊيارو ويس ته جيئن شاديءَ ۾ شريڪ ٿي سگهان. 1967ع تي آئون دوست جي نياڻيءَ جي شادي ۾ شرڪت بعد واپس آيس ۽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ فنڪشن ۾ شامل ٿي، پنهنجو مقالو پيش ڪيم. ترڪيءَ مان واپسيءَ بعد پهريون ڀيرو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مهربانيءَ سان ڪئپٽن عثمان علي عيساڻي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ٻين اهل علم سان تعارف ٿيو. سڀني کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي، آئون پهريون سنڌي آهيان جيڪو ترڪي مان تاريخ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آيو آهيان.
    زندگي ڀر ٻن عظيم انسانن جو احسان مند رهيو آهي. جن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ مون کي تحقيق ۽ تصنيف ڏانهن مائل ڪيو ۽ اڄ سوڌو منهنجو گهڻي ۾ گهڻو وقت مطالعي ۽ ريسرچ ۾ گذري ٿو. اهو سلسلو مارچ 1967ع کان شروع ٿيو ۽ اڄ سوڌو جاري آهي.
    پهريون عظيم انسان پروفيسر ڊاڪٽر خليق انالحق آهن. جيڪي ڊي لٽ ۾ منهنجا سپروائيزر ۽ رهبر هئا جن حوصله افزائي ڪري منهنجو پهريون ريسرچ پيپرز جنهن جو عنوان هو ”سورهين صدي جي تاريخي دستاويز جنهن جو تعلق عثماني ترڪن جي اقتدار اعليٰ ۽ دولت عثمانيه جي حجاز تائين حڪومت ۽ بحر احمر ۾ پورچيگيزن سان مقابلو“، انهي خطکي جيڪو قديم ترڪي (رومن حروف) ۾ لکي ريفرنس وغيره ڏيئي ترڪي جي ريسرچ جرنل بيلگيلر جي جلد 27 انقره يونيورسٽي انقره ۾ اپريل 1967ع ۾ شايع ٿيو. اهو منهنجو علمي حلقن ۾ پهريون تعارف هو. جنهن لاءِ آئون هميشه پنهنجي استاد محترم پروفيسر ڊاڪٽر خليل انالحق جو ٿوارئتو رهندس. ڇاڪاڻ ته ان بعد اهو ريسرچ جو سلسلو مسلسل جاري رهيو ۽ اڄ سوڌو آئون مختلف موضوعات تي ڪم ڪندو رهان ٿو.
    استاد محترم پروفيسر ڊاڪٽر اناالحق سان عقيدت ۽ احترام جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهو ٿا ته جڏهن 1979ع ۾ منهنجوترڪي ٻولي ايشيائي ماڻهن کي سيکارڻ لاءِ منهنجو ڪتاب جڏهن استنبول ترڪي مان ڇپيو ته اهو ڪتاب استاد محترم ڊاڪٽر اناالحق جي نالي منسوب ڪيو. “منهنجي استاد پروفيسر ڊاڪٽر خليل اناالحق جي نذر جنهن مون ۾ ترڪي تاريخ ۽ ٻولي جي محبت جو جذبو پيدا ڪيو.”
    ٻي عظيم هستي جنهن مون کي تحقيق ۽ تصيف لاءِ ترغيب ڏني ۽ هميشه حوصله افزائي ڪندا رهيا، اهي هئا ڊاڪٽر بلوچ صاحب. جيئن آئون ذڪر ڪري چڪو آهيان ته علمي آر سي ڊي جي سالگرهه جي موقعي تي 26 جولائي 1967ع تي ريسرچ مقالو پڙهڻ لاءِ مون تي جيڪو زور رکيو انهي جو اهو فائدو ٿيو ته منهنجو تعارف پاڪستان جي علمي حلقن ۾ ٿيو ۽ 1967ع ۾ مون وارو لکيل ريسرچ پيپر سنڌ يونيورسٽي آرٽس ريسرچ جرنل ۾ شامل ڪري ڊاڪٽر صاحب جيڪو مون تي احسان ڪيو اهو وسارڻ جو نه آهي. دراصل ڊاڪٽر صاحب هڪ پارس هئا ۽ سندن ٻين کي فيض پهچائڻ مخصوص ماڻهن لاءِ نه پر هر ريسرچر لاءِ عام هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ننڍي کان ننڍي ماڻهو سان به شفقت سان پيش ايندا هئا. سندن علم جا دروازا هميشه کليل رهندا هئا. شام جو 5 وڳين کان رات جو اٺين وڳي اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾ ڪير به اچي کيس ملي سگهندو هو. جيڪڏهن ايمرجنسي ۾ به ڪو سندن گهر ملڻ ويندو هو ته ڊاڪٽر صاحب خنده پيشاني سان ملندا هئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب تمام گهڻين خوبين جا مالڪ هئا. اهڙا ماڻڪ موتي ورلي پيدا ٿيندا آهن.
    منهنجي ترڪي ۾ قيام جي مختلف دورن ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪل پنج ڀيرا ترڪي آيا. پنهنجي قيام جي دوران استنبول ۾ توپ قاپي سرائي جيڪو عثماني خليفن جو پراڻو محل آهي ۽ جتي نوادرات رسول صلعم رکيل آهن ۽ هاڻي ميوزيم بنايو ويو آهي، اتي پاڻ ضرور ويندا هئا. انهي کان علاوه حضرت ابو ايوب انصاري رضه جيڪي مهماندار رسول خدا هئا ۽ هجرت مدينه بعد پيغمبر خداصه سندن مهمان ٿي مديني ۾ رهيا هئا ۽ اهي هن وقت استنبول ۾ مدفون آهن. مسلمانن 669ع ۾، امير معاويه رضه جي دور حڪومت ۾، جڏهن بازنطيني بادشاهت جي دارالحڪومت قسطنطنيه تي حملو ڪيو هو ته حضرت ابو ايوب انصاري رضه به انهيءَ فوج ۾ شامل هئا. معاصرن جي دوران پاڻ بيمار ٿي پيا ۽ وفات ڪري ويا. انهيءَ ڪري استنبول جي قلعي جي ٻاهران کين دفنايو ويو ۽اهو به اعلان ڪيو ويو ته جيڪڏهن ميت جي بي حرمتي ڪئي وئي ته پوءِ انهي جي بدلي ۾ عيساين جي عبادتگاهن کي تباهه ڪيو ويندو. ڊاڪٽر بلوچ وقت ڪڍي حضرت ابو ايوب انصاري رضه جي مزار تي وڃي دعا ضرور گهرندا هئا. ڊاڪٽر صاحب جي زيارت گاهه قونيه جو شهر هو. جتي حضرت مولانا جلال الدين رومي رح جو مقبرو آهي. مقبري جو خادم ۽ ترڪي جو عظيم شاعر ۽ مولانا رومي رح جو عاشق فيضي خاليجي هو. فيضي صاحب پاڪستان جو وڏو دوست ۽ مداح هو ۽ سندس تعلقات ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ مون سان برادرانه نوعيت جا هئا. ترڪي جي قيام دوران آئون هر سال مولانا رومي جي عرس جي موقعي تي قونيه ويندو هئس ۽ محفلسماءَ ۾ شرڪت ڪندو هئس. اهو وڃڻ جو سلسلو اوستائين رهيو جيستائين آئون ترڪي ۾ رهيس. 1972ع ۾ ٻيهر ترڪي وڃڻ ٿيو ۽ 1975ع تائين اتي رهيس، ان وقت آئون ادبيات فيڪلٽي استنبول يونيورسٽي ۾ ريسرچ فيلو باني چيئرمين ڊپارٽمنيٽ آف اردو اينڊ پاڪستاني ڪلچر هئس.
    17 ڊسمبر 1973ع تي مولانا جلال الدين رومي رح جي 70 هين يوم وفات جي موقعي تي مولانا رومي تي انٽرنيشنل ڪانفرنس قونيه ۾ منعقد ڪئي وئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن پاڪستان مان اچي هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي. پروفيسر ڊاڪٽر انيمري شمل جرمني مان آئي هئي. ڊاڪٽر شمل جو پاڪستان ۽ سنڌ سان عشق هو. پير حسام الدين راشدي ڊاڪٽر شمل جو بي حد مداح هو. سندس تعلق جي ڪري ڊاڪٽر شمل وصيت ڪئي هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس مڪلي (ٺٽه) ۾ دفن ڪيو وڃي. ڊاڪٽر شمل هڪ ترڪ سان شادي ڪئي هئي، ليڪن بعد ۾ سندس عليحدگي ٿي وئي. ڊاڪٽر شمل، سنڌي ٻولي به سکي ورتي هئي. ترڪي ٻوليءَ تي کيس عبور حاصل هو. جرمني سندس مادري زبان هئي. انگريزي ٻوليءَ تي کيس ڪمانڊ حاصل هئي. فرانسيسي ٻولي به کيس ايندي هئي. مولانا روميءَ جي بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آئون استنبول مان پهتو هئس. جتي ان وقت آئون ادبيات فيڪلٽي استنبول يونيورسٽي ۾ نئين قائم ڪيل شعبي اردو ۽ پاڪستاني ڪلچر جو باني سربراهه هئس. اتي پروفيسر ڊاڪٽر سهيل انور استنبول مان آيل هو. هنن ڪانفرنسن جو هي وڏو فائدو آهي جو دنيا جي مختلف ملڪن جا اسڪالر هڪ ٻئي سان ملن ٿا ۽ رابطي ۾ اچن ٿا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن ڪانفرنس ۾ ڊسمبر 1973ع ۾ آيا هئا. ان وقت پاڻ وائيس چانسلر سنڌي يونيورسٽي هئا. مولانا رومي جي 100 ساله يوم وفات جي موقعي تي هي انٽرنيشنل ڪانفرنس هڪ يادگار ڪانفرنس هئي. ڪانفرنس کان پوءِ اسڪالرس کي ملڻ جو موقعو پيو ملندو هو ۽ مختلف موضوعات تي گفتگو پئي ٿيندي هئي.
    هڪ شام ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ڊاڪٽر انيمري شمل، ڊاڪٽر سهيل انور ۽ آئون هڪ ٽيبل تي ويهي چانهه پي رهيا هئاسون. گفتگو جو موضوع هو؛ مولانا رومي جي مثنوي جو دنيا تي اثر. گفتگو ڪنهن مهل ترڪي ۾ ته ڪنهن مهل فارسي ۾ ته وري ڪنهن مهل سنڌي ۽ انگريزي ۾ ٿي رهي هئي. مولانا رومي رح جو شاههعبداللطيف ڀٽائي رح تي جيڪو گهرو اثر هو انهي تي به گفتگو ٿي. مولانا رومي رح جي صوفيانه فڪر تيبه بحث ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاهه ڀٽائي رح جي حوالي سان ڳالهايو. ڊاڪٽر سهيل انور ۽ ڊاڪٽر شمل مولانا رومي رح جي تصوف تي گفتگو ڪئي. ڏاڍو لطف آيو. هر ڪو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي علم جو درياهه هو. اهڙي عالمانه گفتگو زندگي ۾ مشڪل سان ٻڌڻ جو موقعو ملندو آهي. آئون اها گفتگو انهماڪ سان ٻڌي رهيو هئس ته اوچتو فيضي خالجي اچي چيو ته؛ هاڻي ڊنر جو وقت ٿي ويو آهي، هلو ته هلي ڊنر ۾ شريڪ ٿيون. ان بعد اسين سڀ وڃي ڊنر ۾ شريڪ ٿياسون.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بيشڪ ڊاڪٽر نبي بخش هڪ عالم . اديب . تاريخدان . ڏاهو . اڪابر . سنڌ جي تاريخ جو محقق مهان هستي هيو . الله پاڪ انتي رحم فرمائي آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    هزارون سال نرگس اپني بي نوري پي روتي هي
    بڙي مشڪل سي هوتا هي چمن مين ديده ور پيدا!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    ڪشن ساڻ ڪشي، ڪيائون ڏيل ڏٻرا،
    پيٽ نه هيريائون پنهن جا چوري ساڻ چسي،
    ويراڳين وسي، رام سدائين روح ۾.
    ( سهڻو لطيف)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو