• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

18 اپريل 2014 آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ باغين سان هڪ شام

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10178137_10152304973000325_834461846_n.jpg


18 اپريل 2014ع تي حق موجود سٿ پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ صوفياڻي رنگ سان رچايل ميلو باغين سان شام پيش ٿي رهيو آهي. هن پروگرام ۾ روايتن کان هٽي نه ته ڪو خاص مهمان هوندو ۽ نه ئي اسٽيج هوندي .... بس اوهان سڀ خاص به هوندا ته عام به هوندا ...

حليم باغي ۽ روبينا ابڙو شاعري پيش ڪندا ....


ڪراچي واري باغين سان شام ۾ هن ڀيري ميندي رتي ڏاڙهي وارو گيڙو فقير جمال الدين پنهنجي سنگ سميت سر وکيريندو.....

1010306_10152308699780325_2087991841_n.jpg


ڪراچي باغين سان شام ء جهوڪ جا فقير...

محابي عشق جي ساقي......ء ڪون هي ميرا ماتا پتا هم نه ڪسي ڪا ڄايا جهڙا ڪلام ڳائيندر صوفي راڳين جي سهڻي جوڙي منور ابڙو ء سيد صدرالدين شاه پڻ هن ڀيري ڪراچي واري باغين سان شام کي پنهنجي سرن سان سينگاريندا....اچو ء انهن جي حق جي هوڪي کي ورنايو.
1538763_10152311471295325_1970838529_n.jpg


ڪراچي واري باغين سان شام دوران اوهانکي سنڌ فيس بڪ فرينڊز جي ان ٽيم سان ملائينداسين جن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٿر ۾ ڏڪار دوران امدادي طبي ڪيمپيون لڳايون.
 
Back
Top