• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سان جِند جوڙيندڙ شهيد بشير خان قريشي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10154039_10203273725502136_2088739751_n.jpg


سنڌ سان جِند جوڙيندڙ شهيد بشير خان قريشي

7 اپريل جو اُڀريل سِج سنڌ واسين لاءِ سوڳوارين جو اهڙو سلسلو کڻي نڪتو هو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي. 7 اپريل واري ڏينهن سڪرنڊ ۾ سنڌ جي عاشق بشير خان قريشيءَ جي دل هميشه لاءِ ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو. اها دل خاموش ٿي وئي هئي، جيڪا نه صرف مسڪين ماڻهن جي سَڏَ ۾ سَڏ ڏيندي هئي پر انهيءَ دل ۾ سنڌ سمايل هئي، شهيد بشير خان ڪيترائي ڀيرا جيل ۾ قيد ڪاٽيو، شهادت کان ڪجهه وقت اڳ کيس رينجرز وارن لائسنس وارا هٿيار هئڻ باوجود گرفتار ڪيو، هو شروع کان وٺي سائين جي ايم سيد جي عشق سان سلهاڙيل رهيو، هن جيڪو ڪراچيءَ ۾ فريڊم مارچ ڪيو، فريڊم مارچ ۾ سڄي سنڌ جا لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا، سنڌ جي آجپي لاءِ هن جيڪا جدوجهد ڪئي، ان کي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. شهيد بشير خان قريشيءَ جي سڀ کان وڏي خاصيت اها هوندي هئي، جو هو پاڻ پنهنجي پارٽيءَ جي هر ڪارڪن سان رابطي ۾ رهندو هو، شايد سندس انهيءَ ادا هزارين ماڻهن کي ڪراچي اچڻ تي مجبور ڪيو هو، لکين ماڻهن تي ٻڌل فريڊم مارچ ڏسي جتي سنڌ واسين جا حوصلا وڌيا هئا، اُتي اهو مارچ دشمنن جي اک ۾ ڪنڊي جيان چُڀندو رهيو، نيٺ وقت جي ويرين 7 اپريل 2012ع تي سازش ڪري سنڌ جي هن سپوت کي شهيد ڪري ڇڏيو، اُهو چنڊ هميشه لاءِ آرامي ٿي ويو، جيڪو هن رات جهڙي سماجَ ۾ روشنيءَ جو امين هو، اهو اڳواڻ، جنهن سدائين مَسيحا بڻجي سنڌ واسين جي سُورن تي پَها رکيا. سچ ته هو اهڙو اڳواڻ هو، جنهن کي سنڌ صدين تائين ساريندي رهندي.

نِشا نهال/حيدرآباد

روزانه ڪاوش
____
 
Back
Top