• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ منڇر ڍنڍ تي رهندڙ عوام

سهيل صديقي

سينيئر رڪن
پاڪستان ۾ هزارين قانون، ڪنوينشن ۽ عالمي معاهدن، پاليسين ۽ حقن جي روزانو لتاڙ نظر اچي ٿي. انهن ۾ آزاديءَ سان روزي ڪرڻ جو حق هجي يا تعليم حاصل ڪرڻ جو يا وري اقليتن جا حق پر ڪنهن به پاسي انهن حقن، قانونن، عالمي معاهدن ۽ پاليسين جي پاسداري ٿيندي نظر نه ٿي اچي. نتيجي ۾ عوام جا نوجوان يا ته خودڪش بمبارٿين ٿا يا وري محروم زندگي گذاريندي خودڪشي يا نشي آور شين جي استعمال تائين وڃي پهچن ٿا. پر حڪومتن جي مٿي تي جون چرندي به نظر نه ٿي اچي. وقت جي حڪومتن روزغيرملڪي زور تي ڪوڙيون پاليسيون جوڙي عوام کي انهن سڀني پاليسين کان بي خبر رکي غيرملڪي امداد ڏيندڙ ادارن کان اربين ڊالرن جون رقمون وصول ڪرڻ ته ڄڻ بهترين مشغلو ٺاهي ڇڏيو هجي. اهڙي ئي هڪ مشغلي جي ڪڙي پاڪستان جي صاف پيئڻ جي پاڻيءَ جي پاليسي آهي. جنهن ۾ وڏي فخر سان دستاويز جي شروعات ۾ لکيو ويو آهي ته پاڪستان اهڙي قسم جو دستاويز ٺاهي دنيا جي انهن ٿورن ملڪن ۾ پنهنجو نالو درج ڪرايو آهي جن وٺ صاف پيئڻ جي پاڻيءَ جي پاليسي موجود آهي. نيئن جوڙيل پاليسي کي عمل درآمد ڪرڻ وارو ڪم پاڪستان جي ماحوليات واري وزارت جي ذمي ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف انهي وزارت جي بجيٽ جو ڪٽوتيون ڪري غير فعل بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

پاڪستان ۾ هزارين اهڙا مثال ملن ٿا جتي عوام لاءِ صاف پيئڻ جو پاڻي به فراهم نٿو ڪيو وڃي. جڏهن ته صاف پاڻيءَ جي فراهمي دنيا ۾ بنيادي انساني حق سمجهيو وڃي ٿو. پرهتي انهيءَ بنيادي حق کان محروم ڪروڙين ماڻهو پنهنجيون حياتيون روزانو زهر پيئندي گهارين ٿا. ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهميءَ جو نه هجڻ ڄڻ ته ڪا وڏي ڳالهه ئي نه هجي. مونکي اهو پڪو يقين آهي ته جيڪڏهن حڪومت سچائيءَ سان هڪ سروي ڪرائي ته روزانو جي بنياد تي لکين ماڻهن جو موت يقينن پاڻيءَ مان وچرندڙ بيمارين جي نتيجي ۾ ٿيندو هوندو. هڪ رپورٽ جي مطابق پاڪستان ۾ 48 سيڪڙو اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پاڻي پيئڻ جي ضرورت کي پورو ڪرڻ خاطر پنهنجي پيٽ ۾ روز جي بنياد تي آرسينڪ، نقصان ڏيندڙ زهريلا بيڪٽريا، دوائن جي فيڪٽرين جو فضلو، بجلي پيدا ڪرڻ وارن پلانٽس جو فضلو ۽ نائٽريٽ جهڙا ايٽمي جزا وجهن ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ چمڙيءَ جون بيماريون، دست، الٽيون، ٽي بي (دم) ۽ ٻيون موت مار بيماريون ڦهلجن ٿيون. وري سوني تي سهاڳو سنڌ جي ديهي توڙي شهري آبادين ۾ انهن بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي به خاطر خواهه حفاظتي اپاءُ موجود نه آهن.

اهڙا مثال پاڪستان ۾ هر هند مليو وڃن پر ڪجهه ڏهاڙا اڳ منڇر ڍنڍ تي وڃڻ ٿيو. جتي منڇر جي چوڌاري ڦري اچڻ ۽ ماڻهن سان ملڻ ٿيو. انهن لاچار، بيوس ۽ مڙني بنيادي حقن کان محروم ماڻهن جي زندگيءَ کي ويجهي سان ڏسڻ ۽ پرکڻ جو موقعو مليو. رستي ۾ ئي سوچم ته لکجي ۽ وس وارن تائين ڌانهن پهچائجي. پاڪستان جي صاف پيئڻ جي پاڻيءَجي پاليسي اهو تسليم ڪري ٿي ته صاف پيئڻ جو پاڻي ۽ ان جي فراهمي پاڪستان ۾ رهندڙ هر انسان جو بنيادي حق آهي. حڪومت هر پاڪستانيءَ کي صاف پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪندي. اهو واعدو سيپٽمبر 2009 ۾ ڪيبنيٽ مان پاس ڪرائي ڪيو ويو. پر منڇر تي رهندڙ ماڻهن کي ڏسي اهو محسوس ٿئي ٿو ته شايد اهو دستاويز مشڪري مشڪري ۾ تيار ڪرائي غيرملڪي ادارن کي ڏيکارڻ لاءِ ٺاهيو ويو هجي. ان ڪري ته مون پاڪستان جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾صاف پاڻيءَ جو هجڻ ۽ ان جي فراهمي ٿيندي نه ڏٺي آهي. وڏن شهرن ۾ ته پاڻيءَ جو ڪاروبار عام جام ڏٺو ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته پاليسي تي عمل درآمد ٿيڻ مشڪل ته ڇا ناممڪن نظر اچي پيو.

منڇر تي رهندڙ لکين ماڻهن جي حياتين جي ڪنهن کي پرواهه نه آهي. وري به جس ڏجي چوڌري افتخار محمد (ريٽائرڊ چيف جسٽس آف پاڪستان) جنهن منڇر تي ڪنهن دور جي لڳل 12 فلٽر پلانٽس کي فوري طور استعمال لائق بنائڻ جو حڪم ڏنو. جنهن نتيجي ۾ بند پيل 12 فلٽر پلانٽس مان 06 استعمال لائق ٿي سگهيا. اهي پلانٽس بوبڪ واري پاسي بند منڇرتي 12 مختلف ڳوٺن ۾ موجود آهن. جن جو ڪم منڇر جي زهريلي پاڻي کي صاف ڪري پئيڻ لائق بنائڻ آهي. اهي فلٽر پلانٽ ڏينهن ۾ مخصوص وقت تي ماڻهن کي پاڻي فراهم ڪندا آهن. پاسي اوسي جي ڳوٺن ۾ رهندڙهزارين ماڻهو ڪافي پنڌ ڪري پاڻي ڀرڻ لاءِ اتي اچن ٿا. پنهنجي نمبر اچڻ جو انتظار ڪن ٿا. ان جي نتيجي ۾ پاڻي ڀرڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو پنهنجو وقت سيڙائي اچي پهچن ٿا. جيڪڏهن ڪو ٻار پاڻي ڀرڻ لاءِ اچي ٿو ته ان کي پنهنجي اسڪول نه وڃڻ جو هڪ سٺو بهانو مليو وڃي يا وري روزگار ڪرڻ دوران ماهيگيرن کي وقت ڪڍي اهو ڪم ڪرڻو پوي ٿو. جنهن سبب روزي ڪرڻ وانگر پاڻيءَ کي حاصل ڪرڻ به هڪ ڏکيو عمل ٿيو پوي. اهڙي ريت بند منڇر واري پاسي رهندڙ ماڻهن کي پاڻيءَ جي فراهمي ٿئي ٿي. جيڪا هڪ مشڪل ترين عمل مان گزري ٿي. منڇر جي ٻئي پاسي جنهن کي کيرٿر وارو پاسو يا ڪاڇي وارو پاسو سڏيو وڃي ٿو. ان طرف ته صاف پاڻيءَ جي فراهمي هڪ تمام وڏو مسئلو آهي. ان ساڻ هتي ڪنهن به قسم جون صحت جون سهولتون موجود نه آهن. جهانگارا ۽ باجارا کان ويندي رستو منڇر جي مشهور ڳوٺ شاهه حسن ۽ چني ڏانهن وڃي ٿو. ان طرف گهڻي قدر ماهيگيري پيشي سان وابسته ماڻهو رهن ٿا. جيڪي منڇر جي ڪپ سان منڇر جي چوداري رهائش پذير آهن. ڪنهن دور ۾ اهي سڀئي ماڻهو منڇر ۾ اندر بتيلن کي گهر ٺاهي رهندا هئا. پر منڇر ڍنڍ جي زهريلي ٿيڻ سان انهن لکين ماڻهن جو روزگار تباهه ٿي ويو. جنهن کان پوءِ ٻي ڪنهن روزگارجي تلاش ۽ منڇر کان روز پري وڃڻ ڪري اچي منڇر جي ڪپ تي آباد ٿيا. جن ۾ڳوٺ صدر ملاح، ڳوٺ محمد ملاح، ڳوٺ ڪوٺ ٻاروچو، ڳوٺ ڊابڙي، ڳوٺ مدني ملاح، ڳوٺ ٺهني، ڳوٺ پير مشائخ ۽ ڳوٺ شيخ ڌمڻ شامل آهن. ڪاڇي واري پاسي ڳوٺن ۾ ڪافي ماڻهن سان انهيءَ پاڻيءَ جي حوالي سان ڪچهريون ٿيون. جنهن ۾ خاص طور تي چاچي مدني ملاح سان ٿيل ڪچهري گهڻي معلومات ڏيندڙ هئي. ڳوٺ مدني ملاح جيڪو چاچي مدني ملاح جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اتي مون پاڻيءَ جون ڪجهه کڏون ڏٺيون جيڪي ڳوٺاڻن پيئڻ جي پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت کوٺايون هيون. اهي کڏون منڇر کان 40 فٽ کن پري کوٺيون ويون آهن. بقعول چاچي مدني ملاح جي ته هي پاڻي زميني پاڻي آهي پر منهنجو خيال هيو ته اهو پاڻي منڇر جو ئي آهي جيڪو اندر زمين ۾ پاڻيءِ جي سطح کي برقرار رکي ٿو. انهيءِ کان علاوه اهي کليل کڏون ڪنهن به صورت ۾ صاف پاڻي جي فراهمي نه ٿي چئي سگهجي. مون ڏٺو ته اهو پاڻي ڪنهن به طرح سان محفوظ نه هيو. اهي کڏون سال جي ٻارنهن مهينن ۾ ڪجهه مهينا ڀريل رهن ٿيون. سال جا باقي مهينا ڳوٺ مدني ملاح يا آس پاس جا راهاڪو 12 کان وڌيڪ ڳوٺ شاهه حسن ڏي پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃن ٿا. جتي سرڪار طرفان واٽر سپلاءِ اسڪيم موجود آهي. جيڪا به ناڪافي هئيڻ سان گڏ روايتي طريقي سان مهيا ڪئي وئي آهي. انهن مڙني ڳوٺن جي ماڻهن کي 4 کان 6 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري پاڻيءِ کي حاصل ڪرڻو پوي ٿو. ٻيو طريقو اتي موجود گڏهه گاڏا ڪجهه پيئسن جي عيوض پاڻيءَ جي فراهمي ڪن ٿا. هاڻي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته منڇر تي رهندڙ ماڻهن جو روزگار تباهه ٿي چڪو آهي. لکين ماڻهو ٻين هنڌن تي منتعقل ٿي چڪا آهن ۽ لکين نوجوان فقط ڪجهه پئسن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مهينن جا مهينا پنهنجو گهر ڇڏي ملڪ جي مختلف حصن ڏانهن روزي خاطر وڃن ٿا. منڇر جي ماڻهن جي آمدني گهٽ هجڻ ڪري گڏهه گاڏي واري سهولت هر ڪنهن کي دستياب نه آهي. عورتون پنهنجي گهرن جي سارسنبال ڪرڻ ۽ مڇي مارڻ سان گڏ پاڻيءَ کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ به جدوجهد ڪن ٿيون. تنهنڪري اهو چوڻ غلط نه هوندو ته منڇر تي رهندڙ ماڻهن جي زندگيءَ ڏينهون ڏينهن مشڪل ۽ بدتر ٿيندي وڃي پئي. تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتن ۾ تمام پوئيتي پيل علائقو منڇر ڍنڍ ڏينهون ڏينهن ويران ٿيندو پيو وڃي. جيڪڏهن وقت جي حڪمرانن جي اها ئي روش رهي ته دنيا جي خوبصورت ۽ وڏي ڍنڍ ويتر تباهه ٿي ويندي ۽ ملڪ جا اصلوڪا رهاڪو خودڪشين ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.

ان سڄي صورتحال جي، ٿي سگهي ٿو ته آئون بهتر منظر ڪشي نه ڪري سگهيو هجان. ڇو ته منڇر جي علائقي جا حالتون ايتريون ته خراب آهن جو بيان ڪرڻ ۾ اسان وٺ موجود لفطن جا ذخيرا کٺيو پون ٿا. پر موجوده حالتن ۾ حڪومتي ادارن کي گهرجي ته انسان جي پاڻيءَ جي استعمال جو حق تسليم ڪن ۽ وڌ کان وڌ پاڪستان ۾ موجود ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائين. ته جيئن اسين ٿيندڙ صحتي نقصانن کان بچي سگهون. ملڪ ۾ جوڙيل پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي پاليسي/دستاويز کي فقط دنيا کي ڏيکارڻ ۽ ڪٻٺن ۾ بند رکڻ کان بهتر آهي ته ان کي عمل ۾ آڻنِ. ملڪ ۾ موجود ماحوليات جي وزارت جي باقاعده مضبوطي ۽ طاقتور هجڻ تي ڪم ٿيڻ کپي. جيئن موجود انهن سڀني اصولن جي پاسداري ۽انهن تي عمل ڪرائي سگهجي. حڪومت کي گهرجي ته صاف پاڻيءَ جي فراهمي کي پيئسن جي عيوض ٿيندڙ تجارت تي ٿورو ڌيان ڏئي. ان ڪري ته صاف پاڻي پيئڻ جي اصول خاطر شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو پنهجي آمدني جو وڏو حصو صرف ڪن ٿا. انهيءَ کان علاوه لڏڻ تي مجبور ۽ سخت ڏکي زندگي گذاريندڙ منڇر ڍنڍ جي رهواسين کي صاف پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ڪئي وئي ته جيئن اهي ۽ انهن جا معصوم ٻار موت مار بيمارين کان بچي سگهن.
 
اوهان جي پيرائتي رپورٽ پڙهي .... ڏک ٿيندو آهي جو روينيو جو سڀ کان وڌيڪ حصو ڏيندڙ سنڌ صوبو اهڙين حالتن مان گذرندو هجي. ڪاش اسان جي حڪومت ان طرف فوري ڌيان ڌري.
 
اوهان جي پيرائتي رپورٽ پڙهي .... ڏک ٿيندو آهي جو روينيو جو سڀ کان وڌيڪ حصو ڏيندڙ سنڌ صوبو اهڙين حالتن مان گذرندو هجي. ڪاش اسان جي حڪومت ان طرف فوري ڌيان ڌري.
وساڻ صاحب ڪنهنجو ڪنهنجو ڏڱ ڪندؤ هتي هر ادارو تباه آهي، چور بازاري بي حيائي بيضميرن جي بادشاهي آهي اهو جهان ائين پيو هلندو .
وسلام
 
Back
Top