خارش جي بيماري

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ شيرين طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2014۔

  1. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    ادا توهان جي مدد کپي اصل ۾ منهنجي بابا کي 4 يا 5 سالن کان خارش نٿي ڇڏي تقريباََ هر ڊاڪٽر کان علاج ڪرايو اٿس، منهن سڄو ڳاڙهو ٿيو وڃينس منهن ۽ ڪنڌ تي ڳاڙها ڳاڙها دٻڙ ٿيو ٿا وڃنس، ٻيو بابا واڍو به آهي جڏنهن رندو استعمال ڪندو آهي ته وڌيڪ خارش ٿي ٿئيس، مطلب ته خبر به نٿي پوي ته ڇا اٿس مهرباني ڪري ڪنهن ڊاڪٽر يا ڪنهن اعلاج جو ڏس ڏيو،
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 اپريل 2014
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    @ ۽ محترم@ممتاز علي قريشي جن کي گذارش آهي ته صلاح ڏينDr. asif jamal charan
     
  3. زاھد مگسي

    زاھد مگسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    65
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    ڪمپوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اھو مسئلو مون سان به ڪجه ٽائيم رھيو....... پرھاڻ الله جو شڪر آھي ته ختم ٿي ويو...... مان ڪابه دوا نه ورتي ھئي بس ھڪ ورد ڪيو ھو اھو به ڪجه منٽ بس پو اڄ تائين خارش نه ٿي آھي... ورد آھي "انالله وانا اله راجعون".....اگر فائدو ٿئي ته ضرور ٻڌائجو.....
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    جي ها ادا ضرور
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    محترم ممتاز قريشي کي گزارش ڪجي ٿي ته ان بابت تفصيل سان مشورو ڏئي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادي شيرين...جسم ۾ خارش ٿيڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. توهان جيڪي علامتون ٻڌايون آهن انهن مطابق اها خارش اسڪن الرجي جي ڪري ٿي سگهي ٿي. اسڪن الرجي ٿيڻ جا به اڻ ڳڻيا ڪارڻ آهن. جيستائين صحيح ڪارڻ معلوم نه ٿيندو تيستائين اهو مرض به ختم ڪو نه ٿيندو.
    شايد انهي ڪري ڪافي علاج ڪرائڻ باوجود به کين فائدو نه ٿيو آهي.
    ڪا به صلاح ڏيڻ کان پهرين مريض جي عمر، استعمال هيٺ دوائون، بلڊ پريشر، پهرين ڪرايل ٽيسٽ جا نتيجا خاص طور تي رت جي تفصيلي رپورٽ (CBC) ، بلڊ شگر وغيره معلوم هجڻ ضروري آهي.
    توهان جي والد کي گهرجي ته ڏينهن ۾ ٽي دفعا وهنجي پوري جسم تي ”پِرڪلي هيٽ پائوڊر “ جو استعمال ڪن. گهڻو پگهر اچڻ جي صورت ۾ فورن ڪنهن ڪپڙي سان اُگهي ڇڏين يا پکي جي ويجهو ڪم ڪار ڪن. پنهنجو ٽاول ۽ صابڻ وغيره جدا استعمال هيٺ آڻين. دوهين، مٽي ۽ دز وغيره کان پرهيز ڪن.
    رت جون تازيون رپورٽون اچي وڃن ته ٻڌائجو، انهن جي مدد سان ئي بيماري جي درست سڃاڻپ ممڪن ٿي سگهي ٿي.
    الله پاڪ توهان جي والد کي صحت ۽ سلامت رکي. آمين.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    جي ها ادا اڄ آئون بابا سان مشورو ڪندس بابا جي عمر 55 سال آهي، باقي تفصيل توهان کي بعد ۾ ٻڌائيندس
     
  8. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀيڻ شيرين ! اهڙي قسم جي خارش منهنجي پهرين نياڻي  کي به ٿيندي هئي . ان جي سڄي جسم تي صبح جي وقت اهڙي قسم جا ڊٻڙ ٿي پوندا هئا ۽ سج مٿي چڙهي اچڻ کان پو لهي ويندا هئا . ڪراچي جي ريگل واري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن کي ڏيکاري ڏيکاري ٿڪجي پيس . ڪو فرق ڪو نه پيو . پو هڪڙي هندو ڊاڪٽر کي ڏيکاريو مانس جيڪو تمام وڏو تجربيڪار هيو .هن وقت اهو ڪٿي هوندو ؟ زنده به آهي يا نه يا ته مورڳو اسان جي جوڌن ، جيالن ،ڌاڙيلن يا دهشتگردن جي ڊپ کان ملڪ نه ڇڏي هليو ويو هجي .پراڻين ڊائرين ۾ ڪو نالو لکيل هجي . ان ڏسي هڪڙي معمولي دوا ڏني ،بيماري جو سبب۽ رک ٻڌائي ان کان پو ڇڏي ويئي ۽ اڄ تائين شڪايت نه ٿي آهي . سبب اهو ته مريضه کي مليريا جو ڪو جراثيم جسم ۾ رهجي ويو آهي ۽ اهو زنده آهي ۽ هاڻي مليريا ته نه ٿو پيدا ڪري سگهي ،پر ان جو اثر اهڙي خارش جي صورت ۾ پيدا ڪري ٿو . ان کان بچا گرم شين کائڻ کان پرهيز ، تريل آنا ، واڱن برفي کان سوا وڏو گوشت ۽ ريڍو گوشت کائڻ کان پرهيز ڪرائي هيائين . منهنجي نياڻي کي هن وقت ڪا به شڪايت ڪاني .
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 اپريل 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    ادا اگر اهو هندو ماڻهو هجي ته بابا ضرور ونڃي ها،،
     
  10. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اها اٽڪل ويهارو کن سالن جي ڳاله آهي . الله ان کي زنده رکيو هجي نهايت سادو ۽ ايماندار ماڻهو هيو .ان وقت عمر رسيده هيو . پر اوهان ٿورو گرم شين کائڻ کان والد صاحب کي ٿوري پرهيز ڪرائي ڏسوس .اميد ته متان ڪو سبب بنجي پوي .
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 اپريل 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو