• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چنــڊ ڀـي ڪــو منتظر آ ، مون سان گڏ،

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ شيرين
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

شيرين

سينيئر رڪن
آس ٻٻر
چنــڊ ڀـي ڪــو منتظر آ ، مون سان گڏ،
ڪـيـتـرو خـامـوش در آ ، مون سان گڏ.
پھريــن پھريـن سـج مـون سان گڏ ھــيو،
ھـاٹ اکڙين ۾ ڪڪر آ ، مون سان گڏ.
ســـاھ جـي ڳــنــڍ ۾ ٻـــڌل نـيـاپـا کـٹــي ،
رات جــي چـادر سحر آ ، مون سان گڏ.
ٻالـڪـا ھـئـاسـيـن تــہ منھن روشن ھـيـو،
نرڙ تي گھنـج ۽ پگھر آ ، مون سان گڏ.
بـــيــقــراري ھــاٹ ســيـــرانـديءَ ســدا،
جـيءَ ۾ ڪـاڇــو ۽ ٿــر آ ، مون سان گڏ.
خـواب سـاڳـيــو آ کـٹـي پــر ڇـا ڪـجــي،
نـنــڊ ھــاٹـي مـخـتـصـر آ ، مون سان گڏ.
 
Back
Top