ٿرڪول جو افتتاح ته ٿي گزريو ۽ ڏاڊي سُٺي ماحول ۾ اسان جون سياسي مهان شخصيتون وڏي موڊ ۾ ٿر پهچي هڪ ٻي جي شان ۾ گيت چوندي ان منصوبي کي رڳو سنڌ ئي نه پر پاڪستان جي ترقي۽خوشحالي ڏانهن هڪ قدم اڳتي قرار ڏنو هون به ڪنهن ملڪ يا خطي ۾ قدرتي وسئلن جي ڪري جيڪا خوشهالي ايندي آهي اها اتي جي ماڻهن کي به فائدو پهچائندي اڳتي وڌندي آهي پر اسان جي ٿري ماڻهن جا خدشه تمام گهڻا ۽ اثرائتا آهن ان ڪري افتتا ح واري وقت جڏهن وزير اچي رهيا ها ته سنڌي ماڻهن ڀرپور احتجاج ڪري ان پاسي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي ٿرڀرپورڪوشش ڪئي پر اسان جي وس وارن جي نظر ٿر جي ڪوئلي تي کتل هي ان ڪري رستي ۾ پنهنجي حق لاءِ احتجاج ڪندڙ ان ڪوئلي جا وارث انهن کي نظرئي نه آيا ۽نه وري ڪنهن وس واري انهن جون دانهون ٻڌيون يا انهن کي ڪا اٿت ڏيندي ائين چيو ته اسان مٿي ڳالهائنداسين يا اوهان جي خدشن بابت سوچينداسين ....پر ٿوريون رسمي ڳالهيون ڪري روانا ٿي ويا عوامي ليڊر پنهنجي غريب عوام جي جذبن کي وڏين سرڪاري ۽ ذاتي گاڏين جي ٽائرن هيٺان لتاڙيندا ٿر ڪول جي افتتاح واري تقريب جي سونهن بڻيا پر ٿرجي سونهن جيڪي ٿري ماڻهن سان لاڳاپيل آهي انهن کي اهميت نه ڏني وئي ٿر ۾ ڪوئلي جو 175 ،ارب ڊالر ٽن ذخيرو موجود آهي جنهن تي ڏيڊ ارب ڊالر خرچ ڪرڻ لاءِاسان جي سرڪار ته تيار آهي پر ان جي وارثن کي ڇا ملندو ؟ ان بابت ڪا خاص معلومات انهن کي فراهم نه ڪئي وئي آهي جنهن جي ڪري هتان جو عوام خوش ٿيڻ بجاءِ پريشان ٿي ويو آهي جڏهن ته بلاڪ ٽو 100 ڪلو ميٽر چورس ان جي پکيڙ آهي ۽ ان پکيڙ ۾ ايندڙ آبادي کي ٻي جاءِ تي آباد ڪرڻ جو ڪو خاص انتظام نه ٿيڻ جي ڪري هتان جي ماڻهن پنهنجا خدشه ساڻ ڪري احتجاج ڪيو جڏهن ڪوئلي جي کوٽائي ٿيندي ته ان مان پهريون پاڻي ٻاهرڪڊهيو ويندو ان پاڻي ٻاهر ڪڊهڻ سان سڄي علاقي ۾ اڃان به پاڻي جي کوٽ وڌندي ۽جر هيٺ هليو ويندو جنهن جي ڪري ٿر ۾ اڃان به ڏڪار واري حالت پيدا ٿيندي جڏهن ته هتان هر سال 65 ملين ٽن ڪوئلو ڪڊهي 2017 ع تائين 660 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي ڇا هتان جي ماڻهن جو ان بجلي تي ڪيترو حق هوندو ان بجلي کي ٿر جي ترقي ۾ ڪيترو ڪردا رادا ڪرڻ ڏنو ويندو ٿر سدائين اسان جي ترقي ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ڪندو پيو اچي پر اسان کي اهو به سوچڻ گهرجي ته اسا ان جي موٽ ۾ سنڌي ماڻهن کي ڏنو ڇاهي ٗنانگ جو کاڌل نوڙي کان ڊڃندو آهيٌ اڳ به هتان جي ماڻهن کي رڳو اسرڻ جي ٽيڪ تي ڀيهاريو ويو آهي ته اوهان کي سٺيون نوڪريون ڏنيون وينديون پوءِ سڀني ڏٺو ته نوڪريون ڪهڙيون مليون ٻاهران ماڻهون اچي ڪڙڪيا مقامي ماڻهون نظر انداز ڪرڻ واري روايت برقرار رکي ، تڏهن ته هتان جا سنڌي اڄ به اها سوچ پنهنجي پنهنجي دلين ۾ ٽڪائي ويٺا آهن ته انهن پراجيڪٽن جي ڪري اسان جا مسئلا حل ٿيڻ جي بجائي وڌائي رهيا آهن اسان جي وس وارن کي گزارش آهي ته اسانجي ملڪ کي خوشحال ڪندڙ ٿر ۽ هتان جي ماڻهن جا خدشه ٻڌڻ ۽ انهن کي دور ڪرڻ جي ڀرپور ۽ عملي ڪوشش ڪرڻ گهرجي جنهن سان سنڌ کي حقيقي ترقي ۽ خوشحالي ملي shaheen.latifi2013@gmail.com
شاهين سنڌي صاحب جو هي مضمون ماهوار سنڌ پلس جي مارچ واري شماري ۾ شايع ٿيو ء پڙهندڙن تمام گهڻون پسند ڪيو .