فيس بوڪ رائونڊ اپ 9

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 9

    محمد سليمان وساڻ


    فيس بوڪ جي نئين سيٽنگ ساڄي کان کاٻي ۽ خاص ڪري سنڌي ۾ لکندڙن لاء ڏکيائون پيدا ڪيون آهن جنهن سبب دوستن جي سرگرمين ۾ گهٽتائي آئي آهي. فيس بوڪ انتظاميا ان معاملي ۾ ٻڌايو آهي ته نئين سيٽنگ اڃان مڪمل ڪانه ٿي آهي. جيئن ئي مڪمل ٿيندي ته ان ۾ کوڙ ساريون نيون خوبيون شامل هونديون.هن هفتي فيس بوڪ تي نئين بحث به جنم ورتو آهي جيڪو آهي سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر بابت. ميٽرڪ جي امتحانن ۾ مختلف سينٽرن جون تصويرون شيئر ٿيون آهن جتي پوليس جي موجودگي ۾ مختلف ماڻهو ڪاپي ڪرائڻ لاء اسڪولن يا ڪاليجن جي ڀتين تي چڙهيل نظر اچن ٿا. اتي ئي شوڪت جوکيو تي به خوب تنقيد ٿي آهي جنهن امتحاني سينٽر جو دورو ڪندي ٻن شاگردن کي ڪاپي ڪندي ته پڪڙيو پر انهن تي جيڪو جسماني تشدد ڪيو، سو به سر عام اها تذليل برداشت ڪرڻ جوڳي ناهي، دوست چون ٿا ته اسان جي بيوروڪريٽس کي پنهنجا رويا تبديل ڪرڻا پوندا. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن تي رينجرز پاران ڪيل تشدد به فيسبوڪ جي سرخين جي زينت بڻيل رهيو ۽ اهي سوال اٿندا رهيا ته اسان پنهنجي مادر علمين کي ڪيئن علم جو ڳڙهه بڻائي سگهنداسين؟ سنڌين جي نئين سال چيٽي چنڊ جي مناسبت سان به پوسٽنگ ٿي جنهن ۾ هندستان جي سنڌي دوستن جي سرگرمي سڀني کان وڌيڪ رهي. هندستان ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين جي سنڌي سنوارڻ ۽ سنڌي سکيا لاء آشا چاند جي سنڌي سنگت پاران هڪ نئون فورم سنڌي ساٿي جوڙيو ويو آهي. ڪافي سنڌي اهو فارم ڀري رهيا آهن جنهن ۾ کين آنلائين يا ڊي وي ڊيز ۽ وڊيوز يا وري باقائده ڪلاسن ذريعي سندن بهتر سنڌي لاء سکيا شروع ڪئي ويندي.

    امر جليل خلاف ٿيندڙ مظاهرن ۽ تنقيد جي جواب ۾ حسن مجتبى به خوب لکيو آهي. جڏهن سنڌ جي صوفي سوچ رکندڙ ۽ لبرل سوچ ليکڪن جي خلاف سنڌ ۾ مظاهرا ٿين ته پوء اها ڳالهه اسان لاء سوين سوال کڻي اچي ته ڇا اسان سنڌي هاڻي وڏيرڪي ۽ جاگيردارانه سوچ سان گڏ انتها پسند سوچ رکندڙ ماڻهن جي حصار ۾ ته نه ڦاسي ويا آهيون؟ حسن مجتبى لکي ٿو “امر جليل جي خمير ۽ ضمير صوفين جي ان مٽيء مان جنم ورتو آهي جتان بيدل، بيڪس ۽ سچل جهڙن صوفين جنم ورتو آهي. امر جليل سنڌ جو اهو بهادر ۽ قلندر ليکڪ آهي جنهن جون تحريرون نه صرف هر حاڪم جي اک ۾ ڪنڊي وانگر چڀجن ٿيون پر اهي پير، مير، وڏيري، جاگيردار ۽ ملان جي نڙي ۾ به کٽڪن ٿيون. هو ادب ۽ صحافت جي دنيا جو اهڙو قلندر آهي جيڪو اهڙي گهٽي ۾ ڌمال وڄائي ٿو جتي وڏن وڏن جا پگهر نڪري اچن ٿا”. هو وڌيڪ لکي ٿو ته “هڪ خاص پير جا پوڄيندڙ سندس پويان پئجي ويا آهن سر عام جلوسن ۾ امر جليل جو سر ڪٽڻ ۽ زبان وڍڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. ڪير ٿو چئي ته سنڌي طالبان ناهن؟”.

    سنڌ ون يونٽ کان به وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، اها ڳالهه هن هفتي ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيندڙ هڪ اهم ڪتاب جي مهورت دوران ثابت ڪئي وئي. فيس بوڪ تي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي پاران پروفيسر اعجاز قريشي جي ڪتاب “ون يونٽ ۽ سنڌ” جي مهورت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي هئي جنهن کي ڀرپور موٽ ملي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن شرڪت ڪئي. سوشل ميڊيا جي اهائي خوبي آهي جو ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ ملائي رکڻ جو اهم ذريعو آهي. هن ميڙ ۾ فضل الله قريشي، امان الله شيخ، ڊاڪٽر سليمان شيخ سميت ٻين سڀني مقررن انگن اکرن ذريعي اهو ثابت ڪيو ته موجوده سنڌ، ون يونٽ واري سنڌ کان به وڌيڪ ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي.هوڏانهن وسيم آڪاش سيتائي جي شاعريءٰ جي پهرين مجموئي “هوائن ڇير ڇمڪائي” جي ڇپجڻ جي فيس بوڪ تي خبر ۽ ڪتاب تي مختلف دوستن جا تاثر اچي رهيا آهن. ڪراچي ۾ ٿيندڙ حق موجود سٿ پاران صوفياڻي ميڙ “باغين سان شام” جو فيس بوڪ تي خوب چرچو ٿي رهيو آهي ڇو ته اها ڪڙي حيدرآباد مان شروع ٿي هئي ۽ سڄي سنڌ ۾ باغين سان شام جي نالي سان مشهوري ماڻي آهي ۽ ان ۾ گهڻو ڪردار فيس بوڪ جي دوستن جو آهي. باغين سان شام جو مقصد سنڌ ۾ وڌندڙ دهشتگردي ۽ مذهبي انتها پسندي خلاف آواز اٿارڻ ۽ ماڻهن ۾ صوفياڻي سوچ سمائڻ آهي.

    فيس بوڪ مان سنڌين ڇا پرايو آهي ۽ ڇا ڪري رهيا آهن ان قسم جو بحث سنڌ سلامت ۽ فيس بوڪ تي اڪثر ٿيندو رهيو آهي پر هاڻ ان جا عملي ثبوت به ملي رهيا آهن ته سنڌ جا نوجوان سوشل ميڊيا ذريعي پاڻ ۾ ملن ٿا ۽ عملي طور ڪم ڪن ٿا. جنهن جو هڪ مثال سنڌ فيس بوڪ فرينڊز جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. جيڪا عملي طور ٿر جي ماروئڙن جي مدد لاء مٺي کان ڪوهين ڏور ڳوٺن ۾ راشن ورهائڻ سان گڏ ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي ماڻهن جو علاج ڪندي رهي ۽ هاڻ هڪ ٻيو عملي ڪم نوجوانن جي ڪيريئر پلاننگ بابت ليڪچر پروگرام ۽ انهن جي تربيت ڪرڻ لاء اڳتي آيا آهن. اها اميد رکبي ته سوشل ميڊيا جتي تڪڙي ڄاڻ ڏيندو رهيو آهي اتي عملي طور سنڌين جي خدمت ڪرڻ لاء نوان طريقا ڳولهي هڪ نئين راهه فراهم ڪندو.

    روزانه عوامي آواز 8 اپريل 2014
    ___

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 1

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 2

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 3

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 4

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 5

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 6

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 7

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 8

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 9

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 10
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 اپريل 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو