• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ليپ ٽاپ مان واءِ فاءِ جي ذريعي اينڊرائيڊ موبائيل سيٽ Q A 8 ۾ نيٽ استعمال ڪرڻ

عبد الله فهيمي

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو !
مون کي توهان جي مدد گھرجي.
مان ليپ ٽاپ مان واءِ فاءِ جي ذريعي اينڊرائيڊ موبائيل سيٽ Q A 8 ۾ نيٽ استعمال ڪرڻ ٿو چاهيان
ڪو دوست تصويرن جي ذريعي منهنجي رهنمائي فرمائي.
 
سائين توهان جي موبائيل ۾ وائي فائي آهي ته توهان پنهنجي ليپ ٽاپ ۾ هاٽس پوٽ وائي فائي جو سافٽوئير انسٽال ڪري پنهنجي ليپ ٽاپ جي وائي فائي کي ڪنهن به وائي فائي جي ڊوائز ۾ شيئر ڪري سگهو ٿا.
يوزر نيم ۽ پاسورڊ توهانجي هٿ ۾ هوندو

www.connectify.me/hotspot/‎
 
ادا علي اڪبر شر جي ڏنل ويب سائيٽ تان سافٽ ويئر ڊائون لوڊ ڪري ان کي پنهنجي ليپ ٽاپ ۾ انسٽال ڪريو ۽ ان کي هاٽ اسپاٽ رائوٽر ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا.... پوءِ ڪهڙي به واءِ فاءِ ڊوائيس تي نيٽ هلائي سگهو ٿا...
 
ادا انهي جي ضرورت تتڏهن پوندي آهي جڏهن اوهان وٽ واءِ فاءِ نه هُجي. ٻين لفظن يا سؤلي سنڌي ۾ چوجي ته انٽرنيٽ تار سان اوهان جي ڪمپيوٽر ۾ ته ڳنڍيل آهي پر واءِ فاءِ جا سگنل ناهن جو اوهان ساڳئي وقت ۾ اهو انٽرنيٽ موبائل لاءِ به استعمال ڪريو.
انهي لاءِ مٿي ڏَسيل حل ئي صحيح آهي. شرط آهي ته ونڊوز 7 يا انهي کان مَٿي هُجي. هي سافٽويئر انسٽال ڪري وٺو. جيڪو کُلڻ کان پوءِ ڪُجهه هي ڏيک ڏيندو.

jbtf3tb6QLAWIL.jpg


هاڻي اسٽارٽ هاٽ اسپاٽ ڪندؤ ته اوهان کي پاسورڊ ڏيندو جيڪو موبائل ۾ نيٽ ڪرڻ وقت لڳائڻو پوندو. وقت بوقت سيڪيورٽي خاطر پاسورڊ مَٽائيندا رهو ته سُٺو نه ته به هلندو پيو بنا ڪنهن رُڪاوٽ جي. هن جي رينج گهڻي ناهي بس ننڍي گهر اندر ڪم ڪندو پيو.
 
اوهان جي اها هاٽ پاٽ واري ٻاٻاڻڪي ٻولي سمجه ۾ نه ٿي اچي جيسين تائين ڪو پياري سليمان جهڙو مون کي نه ٿو سمجهائي ،پر ان کي ڪير سمجهائي .ان وقت تائين مون وا فا هلائڻ کان توبه ڪئي .
 
Back
Top