سج جي لام ڪينجهر جي پاڻيءَ تي پئجي رھي آھي ، ھر طرف اداسيءَ جو پاڇو آھي ، پري ھڪ شخص بانسُري وڄائي رھيو آھي ان جي بانسُري تان ساز ته نه ٿا ڇيڙن بلڪه ائين جيئن، ان جي اندر جا غم سازن جو روپ ڌاري رھيا ھجن، اگر مان شاعر ھجان ھان ته غزل ضرور لکان ھان ۔ ۔ ۔