جاويد احمد سومرو
سينيئر رڪن
سنڌي قوم جو متحد ، مستحڪم ، خوشحال ۽ ترقي يافته نه ٿيڻ اها هڪ سنڌي قوم لا وڏي سازش جڙيل آهي. سنڌي قوم کي ڌاريا (غير) انا ۽ ضد جو پاڻي ڏيندا رهن ٿا ۽ اسين انهن جي دلبي ۾ اچي پنهنجن کي پري ٿا ڪريون ۽ انهن ڌارين کي اختيارن جون واڳون به ڏئي ڇڏيون ٿا ته جيئن اهي اسانجن پنهنجن تي سڌا وار ڪن. سنڌ ويري پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب رهيا ۽ اسين ناڪام رهيا آهيون. آخر ڪيسيتائين اسين اونداه واري کٽ تي ستل رهنداسين ؟ هاڻ ته روشني جي طرف هلون، هاڻ ته متحد ٿيون .! هاڻ ته پنهنجن کي سڃاڻيون ۽ انهن جا ٻانهن ٻيلي ٿيون... جاويد سومرو
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: