جديد ٽيڪنلوجي جو هڪ ٻيو مثال جتي مختلف قسمن جون ٽيڪنلوجي عام ماڻهن جي هٿن تائين پهچي رهي آهي اتي آمريڪا جي هڪ ڪمپني سستو ٿري ڊي پرنٽر متعارف ڪرايو آهي جيڪو کائڻ وارين شين ٻارن جي رانديڪن زيور وغيراه بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. 150 پائونڊ جي ماليت جو هي مائيڪرو ٿري ڊي پرنٽر جنهن جو وزن 1 ڪلو آهي انتهائي تيز رفتار سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏيندو آهي. ڪمپني جي مطابق هي مائيڪرو پرنٽر جنهن جي قيمت عام ماڻهو جي وس ۾ آهي ايندڙ سال تائين پوري دنيا جي مارڪيٽ متعارف ڪرايو ويندو.