sindhsalamatsaathsalموهن جي مهراڻ جي نالي ساڻ ڄامشورو جي پٿريلي سرزمين تي قائم انجنئيرنگ يونيورسٽي جي ملڪ توڙي دنيا ۾ الـڳ سنڄاڻپ آهي مهراڻ يونيورسٽي آف انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي اهڙا ماهر انجينئر پيدا ڪيا آهن جيڪي انجينئرنگ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي رهيا آهن هن يونيورسٽي مان اهڙا شاگرد به نڪتا آهن جن ملڪ ته ڇا پردنيا جي مختلف ملڪن ۾ کين ساراهيو ويو آهي سندن قابليت عيوض کين بهترين مراعتون اڇي سروس ورتي پئي وڃي. مهراڻ يونيورسٽي جو وجود 1963 کان وٺي هڪ انجنئيرنگ ڪاليج کان شروعات ٿي. هن ڪاليج کي سنڌ يونيورسٽي سان منسلڪ ڪيو ويو ان وقت انجنئيرنگ ڪاليج جو پهريون پرنسپل ايم اي لاڙڪ هيو ان جي مدي پوري ٿيڻ کان پوء ڊاڪٽر عبدالقديرخان افغان کي پرنسپل مقرر ڪيو ويو. اندرون سنڌ کان لاڱاپيل ماڻهن کي انجنئيرنگ جي مطالبي کي نظر ۾ رکندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هن کي 1 مارچ 1977 ۾ هن کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو. هن کي ٻن ڪئمپس ۾ مقرر ڪيو ويو پهريون ڪئمپس نواب شاه ٻيو ڪئمپس ڄامشورو نوابشاه ۾ اليڪٽريڪل، مڪينيڪل، سول، اليڪٽرونڪ جي شعبن م داخلا ڏني ويندي هئي، انهن ۾ پهريان 2 سال نوابشاه ۾ پڙهايو ويندو هو پويان 2 سال ڄامشورو ۾ پڙهايا ويندا هئا.جڏهن هن ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو ته يونيورسٽي کي هڪ قابل اعتماد ماهر انجنئير جي ضرورت هئي ، پوء حڪومت ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي سائنس فائونڊيشن مان ڊاڪٽر ايس اايم قريشي کي گهرايو انهن کي مهراڻ يونيورسٽي جو وائس چانسلر مقرر ڪيو ويو جيڪو اڄ به هن يونيورسٽي جي (فائونڊر) وائس چانسلرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي وائس چانسلري جي عهدي جي چارج سنڀالڻ کان پوء يونيورسٽي جي تعمير و ترقي لاء ڪوشان رهيو پاڻ مهراڻ يونيورسٽي جو 12 سال وائس چانسلر رهيا. ڊاڪٽر قريشي جي دلي خواهش هئي ته هن اداري کي هڪ مٽالي ادارو بنايو وڃي سندن ڪاوشن ، محنتن جي نتنجي ۾ مهراڻ يونيورسٽي بين القوامي سطح جي 17 يونيورسٽين سان تعليمي ڳانڊاپا ڪيل آهن. جنهن تحت هتان مهراڻ يونيورسٽي پاران چونڊيل استادن کي موڪليو وڃي ٿو جيڪي هتي پنهنجي تعليم مڪمل ڪري هتي اچي اداري جي خدمت ڪن ٿا . ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جي وائس چانسلري کان پوء پاڻ وفاقي سيڪريٽري مقرر ٿيا ءسندن جاء تي مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر عبدلاحد ابڙو کي وائس چانسلر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر ابڙي پنهنجي وائس چانسلري واري مدي ۾ مهراڻ يونيورسٽي کي 80 ڪروڙ روپين جي سائنسي آلات مفت ۾ ڏياريا. ڊاڪٽر ابڙي جي وائيس چانسلري کانپوء ڊاڪٽر عبدلقدوس علوي وائس چانسلري جو عهدو سنڀاليو ڊاڪٽر علوي وائس چانسلري جي دوري دوران مهراڻ يونيورسٽي ۾ سيلف فنانس اسڪيم جي شروعات ڪئي جنهن تي اڄ مهراڻ يونيورسٽي ملڪ جي مڙني يونيورسٽين کان مالي لحاظ کان اڳڀري آهي.مهراڻ يونيورسٽي هن وقت ملڪ جي انجنئيرنگ يونيورسٽين ۾ 2 نمبر سنڌ جي 1 نمبر تي هائر ايجيڪيشن طرفان مليل اعزاز حاصل ڪري چڪي آهي. مهراڻ يونيورسٽي ۾ 1976 ۾ تقريبن 200 شاگردن کي داخلائون ملنديون هيون. اڄ اها ساڳئي مهراڻ يونيورسٽي آهي جنهن ۾ 1200 شاگرد شاگرداڻيون تعليم حاصل ڪن ٿا. مهراڻ يونيورسٽي ۾ شاگردن جي رهائش لاء 6 هاسٽلون آهن. جڏهن ته شاگرداڻين جي رهائش لاء 2هاسٽلون ان کان علاوه استادن لاء 1 هاسٽل آهي. مهراڻ يونيورسٽي ۾ ملڪي توڙي غير ملڪي سطح جا ماهر خطاب ڪندا رهيا آهن. هنئير مختلف نالي واريون ڪمپنيون پڻ مهراڻ يونيورسٽي ۾ اچي شاگردن کان نوڪرين لاء ٽيسٽ وٺن ٿا نوڪريون پڻ ڏين ٿا. ڊاڪٽر علوي کانپوء ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ مهراڻ يونيورسٽي جي تعمير و ترقي ڏيارڻ لاء هڪ ته داخلا کان پهريان پري انٽري ٽيسٽ شروع ڪئي. جيڪا اڄ ملڪ جي سڀني يونيورسٽين ۾ انٽري ٽيسٽ ورتي وڃي ٿي. ان کان علاوه ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ 75 سيڪڙو حاضري کي يقيني بنائڻ لاءاڪيڊمڪ ڪائنسل کان بل پاس ڪرايو ، ان کان علاوه شاگردن پاڻ مرادو، سيلف گرانٽيڊ موڪل ڪري ويندا هئا. ان تي سختي سان عمل ڪرايو. ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ مهراڻ يونيورسٽي جي تعليم و ترقي جي سڌاري لاء جيڪي ڏکيا قدم کنيا ان تي ملڪ جا ڪاليج توڙي يونيورسٽيون عمل ڪرائڻ ۾ پڻ ڪوشان آهن. مهراڻ يونيورسٽي ۾ هن وقت ملڪ ۾ انجنئيرنگ جي گهڻن شعبن واري يونيورسٽي سڏي وڃي ٿي 1 مڪينيڪل انجنئيرنگ 2 ڪيميڪل انجنئيرنگ 3 اليڪٽريڪل انجنئيرنگ 4 سول انجنئيرنگ 5 اليڪٽرانڪس انجنئيرنگ 6 ڪمپيوٽر انجنئيرنگ 7 انوائرنمينٽ انجنئيرنگ 8 پيتروليم اينڊ گئس انجنئيرنگ 9 ٽيلي ڪميونيڪيشن انجنئيرنگ 10 سٽي اينڊ ريجنل پلاننگ انجنئيرنگ 11 آرڪيٽيڪچر انجنئيرنگ 12 سافٽ وئير انجنئيرنگ 13 مائننگ انجنئيرنگ 14 ميٽلرجيڪل انجنئيرنگ 15 ٽيڪسٽائل انجنئيرنگ 16 بائيو ميڊيڪل انجنئيرنگ 17 انڊسٽريل انجنئيرنگ نالو غلام شبير بلوچ
جواب: مهراڻ يونيورسٽي تي هڪ نظر ڀائڙا غلام شبير، تمام سٺي معلومات ونڊ ڪئي آهي اوهان ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔ دعا آهي ته سنڌ جا اهي تعليمي ادارا سنڌ جون قومي ضرورتون پوريون ڪن ۽ اهڙا هونهار پئدا ڪن جي سنڌ ملڪ ۽ سنڌي قوم جي ترقي ۽ سونهن جو سبب ٿين ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر اوهانجي مهرباني ۽ اميد ته اڳتي به اهڙا معلوماتي ليک ونڊ ڪندا رهندا ۔۔۔
جواب: مهراڻ يونيورسٽي تي هڪ نظر تمام بهترين تحرير موڪلي اٿوَ۔۔۔۔۔ توهان جي آندل معلومات ۾ ڪافي ڳالهيون پهريون ڀيرو پڙهيم۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني ادا غلام شبير ۔۔۔۔ مٺا توهان پنهنجي ذات بليچ لکي آهي ۔۔۔ جڏهن ته تحرير ۾ بلوچ لکيو آهي۔۔۔ جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته لفظ بليچ غلطي سان لکي ويٺا آهيو ته ان تبديل ڪري بلوچ بڻائي سگهجي ٿو ۔۔۔ بس توهان صرف اجازت ڏيو۔۔۔
جواب: مهراڻ يونيورسٽي تي هڪ نظر ادا اوھان کي اجازت آھي بليچ کي بلوچ ڪريو مون کان بليچ غلطي سان لکجي ويو آھي ھاڻي مون کان صحيح نو ٿئي اوھان صحيح ڪري ڏيو
جواب: مهراڻ يونيورسٽي تي هڪ نظر ادا غلام شبير بلوچ صاحب! اوهان جو هي آرٽيڪل تمام گهڻو معلوماتي آرٽيڪل آهي ۽ ان جي ذريعي گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته تمام گهڻي معلومات ۽ ڄاڻ ملي آهي، ايتري خبر هئي ته هي پهرين هڪ ڪاليج جي حيثيت سان شروع ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي سان ڳانڍاپيل هو ان کان بعد هن جي هڪ برانچ نوابشاهه ۾ کلي، پر توهان ان ڳالهه کي تفصيلي نموبي بيان ڪري اسان جي ڄاڻ ۾ تمام گهڻو واڌارو ڪيو آهي۔۔ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي ڪاميابي جو راز هي آهي جو معياري تعليم سان گڏ هتان جي انتظاميه پنهنجي هر فيصلي تي عمل ڪرائڻڄاڻي ٿي، هتي سياسي عمل دخل به گهٽ آهي۔ شاگردن جي 75 سيڪڙو حاضري کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽحاضري ضروري نه هجڻ گهرجي۔ نه ته ٻي صورت ۾ شاگردن کي ٽرم بيڪ ڪيو وڃي ٿو۔۔ مهرباني جو اوهان اهڙو بهترين آرٽيڪل ونڊڪيو
جواب: مهراڻ يونيورسٽي تي هڪ نظر ادا توهان جي نالي کي تبديل ڪيو ويو آهي ۔۔۔ آئنده پنهنجي نالي کي غلام شبير بلوچ جيڪو انگريزي جي هنن ڪيريڪٽرن کي پريس ڪرڻ سان لکبو [Ulam Sber blo اميد ته پنهنجي جاندار لکڻين کي سنڌ سلامت جي زينت بڻائيندا رهندا۔۔۔