• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مومل کي مَجازَ جا، اکين ۾ اَلماسَ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
j8MrUbi0tLTEn.jpg



مومل کي مَجازَ جا، اکين ۾ اَلماسَ
نه ڪا عام نه خاصَ، جي ويا سي وڍيا.


مَجازَ = عشق، شوخي، ناز انداز، نخرا، ادائون
اَلماسَ = هيرا، شيشا، شيشي کي ڪٽڻ لاءِ هيرو استعمال ڪيو ويندو آهي.

* مومل جي خماريل، مئيڪشي نيڻن جا ناز انداز، ادائون ۽ گُهورَ قاتل آهن. سندس اکين ڪي ۾ هيرا لڳل آهن جيڪي ڏانهس نهاريندڙ کي ڪپي, وڍي ۽ ڪهي وجهن ٿا.

* مومل پنهنجي الماسي، هيرن جهڙين اکين سان هر ڪنهن کي گهايو وجهي ۽ هوءَ ڪنهن سان به رعائيت نه ٿي ڪري. ڪنهن جو به لحاظ نه ٿي ڪري جو به سندس سامهون آيو سو وڍجي، ڪپجي ۽ ڪسجي ٿو وڃي.

پنهنجو خيال رکندا ڪيو

صبح جو سلام.

سائين مظفر منگي جي ٿورن سان.
 
نه ڪا عام نه خاصَ، جي ويا سي وڍيا.
واه واه جي چونڊ واه جون خماريل اکيون زبردست چونڊ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top