سوريا سس: چمڙيءَ جي هڪ خطرناڪ بيماري

'صحت سرير جي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سوريا سس: چمڙيءَ جي هڪ خطرناڪ بيماري

    ڊاڪٽر شاهه محمد مهيسر

    سورياسس psoriasis چمڙيءَ جي هڪ پراڻي ۽ تڪليف ڏيندڙ بيماري آهي، جيڪا چمڙيءَ تي ڇلڙن جي صورت ۾ نمايان ٿيندي آهي. هيءَ بيماري ايتري ته پراڻي آهي جو ان جو ذڪر بائيبل ۾ به آيل آهي، بعد ۾ ان بيماريءَ جي تشخيص يونانين ڪئي. سورياسس يوناني ٻوليءَ جو لفظ چيو وڃي ٿو. جنهن ۾ ’سوريا‘ جو مطلب اٽي جي ڇاڻ جهڙي داڻ يا ڇلڙ آهي. اهي ڇلڙ چمڙيءَ جي مٿئين حصي (Epidermis) تي ظاهر ٿيندا آهن. ان بيماريءَ جي ابتدائي علامتن ۾ چمڙيءَ جو متاثر حصو هلڪي سوڄ ۽ ڳاڙهاڻ جو روپ وٺي ٿو، ان ۾ سور ۽ ساڙو ٿيندو آهي. بعد ۾ ان جاءِ تي سفيد چانديءَ مائل دائرا يا چهنبدار موهيڙا ظاهر ٿيندا آهن.

    [​IMG]

    هن بيماريءَ جي متاثرن جو وڏو انگ يورپ ۽ آمريڪا جي آباديءَ ۾ آهي. هڪ اندازي مطابق دنيا ۾ 50 لک کان وڌيڪ مرد ۽ عورتون هن بيماريءَ مان متاثر آهن ۽ هر سال ان ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. خاص ڪري ٿڌن علائقن جتي برفباري ٿيندي رهي ٿي، اتي سورياسس جا ڪيس گهڻا ظاهر ٿين ٿا. ٿڌن علائقن ۾ متاثر ماڻهن ۾ هڪ ئي قسم Cold Psoriasis جي بيماري ٿئي ٿي. پوريءَ دنيا ۾ 2 کان 3 سيڪڙو ماڻهن ۾ سورياسس موجود آهي. پاڪستان ۾ پڻ هيءَ بيماري ڳڻتي واري حد تي پهچي چڪي آهي. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ اها بيماري عام ناهي پر ڪن هنڌن تي ان جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن. خاص طور تي سامونڊي پٽي، بدين، عمر ڪوٽ ۽ ٿر جا علائقا ۽ اتر سنڌ جا سخت موسمن وارا علائقا به شامل آهن. تحقيق دوران معلوم ٿيو ته اهي علائقا جتي صاف پاڻي نه ٿو واپرايو وڃي، يا آس پاس آلودگي، ڪارخانن جو دونهون مٽي ۽ غلاظت آهي ته اتي ساهه ۽ چمڙيءَ جون هن قسم جون بيماريون ٿين ٿيون.

    سورياسس کي سمجهڻ لاءِ پهريائين چمڙيءَ (Skin) متعلق ڄاڻ ضروري آهي. چمڙي (Skin) جا مختلف حصا ٿين ٿا جن جا نالا آهن: (1)Epidermis مٿيون حصو، (2) Dermis وچون حصو، (3) Subcutaneous اندريون يا آخري حصو.

    Epidermis جا وري هي ترتيبوار (Sections) ڀاڱا آهن:

    (1) Stratum Basale (Basal Layer) بنيادي تهه: هن حصي ۾ مختلف جزا گهمندا رهندا آهن ته جيئن چمڙيءَ جو مٿيون حصو صحتمند رهي. اهي جزا Keratinocytes سفيد جزا، Melanocyte ڪارا جزا، Tactile Cells ملائيندڙ جزا ۽ Non Pigmented Granular Cells بغير رتوبت وارا داڻيدار جزا هوندا آهن، سڀني جزن جو ڪم اهو آهي ته اهي پنهنجي مناسب ورهاست سان هڪ ٻئي جي مدد ڪندا آهن ۽ مٿئين حصن Epidermis ضرورتن پوريون ڪندا آهن. جيڪڏهن انهن جزن ۾ ڪا به اڻبرابري ٿي پوي ته اهي سورياسس جي شڪل ۾ چمڙيءَ جي مٿاڇري تي اچي ويندا ۽ اتي ڦلوڪڻا ۽ کهرا دائرا، چانديءَ جهڙي رنگ سان مشابهت رکندڙ ڇلڙ يا نشان ٺاهيندا. سورياسس جسم تي اڪثر حصن: ٺونٺ، ڪنن جي پاپڙي، نَـنهن، پـُٺي، سٿرن، مرداڻي ۽ زناني عضون وٽ، وات جي مهارن توڙي هٿن ۽ پيرن تي ظاهر ٿيندي آهي. ڪا به علامت ظاهر ٿئي ته بنا دير ڪنهن سٺي ڊاڪٽر سان مشورو ڪجي.

    هڪ تحقيق موجب اها بيماري 20 کان 60 سال جي ماڻهن- مرد توڙي عورتن ۾ گهڻي ٿي سگهي ٿي ۽ ٻارن ۾ پڻ موروثي بيماريءَ طور هيءَ بيماري، جيڪڏهن زال يا مڙس کي سورياسس هوندي ته سندن ٻار ۾ به ان بيماري ٿيڻ جو 75 سيڪڙو خدشو رهندو. سورياسس اونهاري جي نسبت سياري ۾ گهڻو ظاهر ٿئي ٿي. ٿڌن ملڪن ۾ هن جا گهڻا مريض آهن. هن بيماريءَ ۾ تازي تحقيق موجب دل جو بيهڻ، ڳڻتي، رت جو ڄمڻ ۽ ساهه ۾ رڪاوٽ واريون تڪليفون به ٿي سگهن ٿيون.

    سورياسيس جا مـُک ڪارڻ:

    هن مرض تي تحقيق ڪندڙ ماهر جيتوڻيڪ اڃا پوريءَ طرح ان جا ڪارڻ ڳولڻ ۾ ڪاميابي ڪونه ماڻي آهي، تنهن هوندي به اڄ تائين جي ڪيس اسٽڊيز موجب سورياسس جا ڪي اهم سبب هن ريت ڄاڻايل آهن:

    هاضمي جي نظام جي خرابي، هوا ۾ آلودگي، خراب پاڻي يا آبي گدلاڻ، گهڻو فاسٽ فوڊ واپرائڻ، تريل ۽ ترش شين جو گهڻو استعمال، دوائن جو غلط ۽ غير ضروري استعمال، گهڻا فارمي کاڌا، زهريلي گئسن جو ڦهلاءُ، سگريٽ ۽ نشي جو استعمال، پيٽروليم مصنوعات، پلاسٽڪ ۽ پاليٿين ٿيلهين جو استعمال، گهٽ آڪسيجن واري هنڌ سمهڻ، ذهني دٻاءُ ۾ رهڻ ۽ سخت گرميءَ يا تکي اس ۾ ڪم ڪندڙ به هن بيماريءَ جو شڪار ٿي سگهن ٿا.

    سورياس جا قسم (Types of Psoriasis): هن بيماريءَ جا مختلف ۽ ڪي خطرناڪ قسم به ٿين ٿا.

    (1) Psoriasis Vagaries: هي سورياسيس جو عام قسم آهي. هن جون علامتون گول ٽيبليٽ وانگر 2 کان 5 سينٽي ميٽر دائري ۾ ظاهر ٿينديون آهن. هن ۾ چانديءَ مائل سفيد داڳ جسم جي مختلف حصن جهڙوڪ: ٺُونٺ، پُٺي، ويهڪ واري جاءِ ۽ پيٽ تي اڀرن ٿا.

    (2) Ausptiz Sign: هن حالت ۾ جيڪڏهن سـُڄيل چمڙيءَ جي مٿان اڀريل داڻو ڪٽيو ويندو ته ان مان وس/رت وهڻ لڳندو.

    (3) Kobner’s Phenomenon: هن حالت ۾ چمڙي سـُڪڙجي ويندي آهي يا ان ۾ ڇڪ ۽ پيڙا محسوس ٿيندي آهي. خاص ڪري چمڙي سڙڻ کانپوءِ وارو داڳ، ڌڪ لڳڻ يا بجليءَ جي شاڪ بعد ظاهر ٿيل نشان يا ڪنهن سخت شيءِ جو چمڙيءَ تي لڳڻ بعد اڀريل نشان وقتائتو علاج نه ٿيڻ ڪري سورياسيس بڻجي سگهي ٿو.

    (4) Gutlate Psoriasis: هن حالت ۾ سورياسس پاڻيءَ جي ڦڙي جيان نظر ايندي ۽ سڄي جسم تي پکڙيل هوندي آهي. اڪثر ڪري (Streptococcus) جيوڙو جيڪو نڙيءَ ۾ خارش پيدا ڪندو آهي، ان جو سبب بڻجي ٿو. هي علامتون اڪثر ٻارن ۾ ظاهر ٿينديون آهن، گهڻي بخار ۽ خراب پاڻيءَ جي واهپي سبب هيءَ بيماري ٿيندي آهي. هڪ يا ٻن مهينن جي علاج بعد ڇڏي ويندي آهي، پر ڪن ٻارن ۾ ٻيهر به اٿلي پوندي آهي.

    (5) Flexural Psoriasis: سورياسس جو هي قسم Inverse Psoriasis به سڏبو آهي. هن ۾ بغلن/ڪڇن، سٿرن ۽ ارهن جي هيٺان اڇا ۽ ڳاڙها دائرا نمودار ٿيندا آهن. ننڍڙن ٻارن ۾ اڪثر ٻـُنڊڻن تي ٿيندا آهن.

    (6) Seborrheic Psoriasis: هيءَ بيماري دوران مٿي ۾ گهڻي خارش ٿئي ٿي. هن ۾ سفيد ۽ پيلي رنگ جا دائرا ٺهن ٿا. جسم جي سڻڀن حصن، چهري، اُرهن، ڇاتي، پٺي، مٿي جي کوپڙي توڙي جسم جي هيٺين حصن ۾ ٿيندي آهي.

    (7) Psoriasis of Nails: نَنهن ۾ ٿيندڙ هيءَ سورياسس پيچيده ٿئي ٿي. هن ۾ هٿن جي ننهن تي لڪيرون ظاهر ٿين ٿيون. ڪن حالتن ۾ ننهن ٽيڙا به ٿي اڀرندا آهن.

    (8) Psoriasis of Palms & Soles: هن بيماريءَ ۾ هٿن ۽ پيرن جي ترين تي ويڪرا گول دائرا (Scaling) ٿي پون ٿا. ان جي شڪل اڪثر ڏڍ ۽ لِڦ جهڙي ٿئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ماس چيرجي پوي ٿو ۽ ان مان پونءِ نڪري ٿي.

    (9) Erythrodermic Psoriasis: بيماريءَ جو هي قسم اڪثر ڪري دوائن جي غلط استعمال سبب ٿئي ٿو. جنهن ۾ چمڙي گهڻي حساس ٿي پوي ٿي ۽ ان ۾ ساڙو ٿئي ٿو. هن حالت ۾ مٿي جا وار به گهڻو ڇڻندا آهن.

    (10) Pustule- Psoriasis: هن بيماريءَ ۾ هٿن ۽ پيرن ۾ لڦون ۽ ڇلر ٿي پون ٿا. بيماريءَ جو هي قسم يورپ ۾ عام آهي.

    (11) Von-Zumbusch: هن حالت ۾ Pstules سان گڏ بخار به ٿئي ٿو.

    (12) Psoriasis Arthri: هن حالت ۾ متاثر مريضن جو 3 کان 7 سيڪڙو مريض سنڌن جي سور ۾ مبتلا هوندا آهن. سندن هٿن ۽ پيرن جون هڏيون ٽيڙيون ٿي پونديون آهن.

    [​IMG]

    عام انسان پنهنجي بدن جي صفائي، مناسب ۽ صاف سٿرن کاڌن ذريعي هن قسم جي بيمارين کان بچي سگهي ٿو. ڪو به زخم لڳي ته ان جي صفائي ۽ ملم پٽيءَ جو خيال رکجي. سبزين جو گهڻو استعمال ڪجي ۽ شيون کائڻ يا پچائڻ کان اڳ سٺي طرح ڌوئجن. دوائن جو غير ضروري استعمال نه ڪجي. ننڊ پوري ڪجي ۽ پاڻ کي پريشانيءَ کان بچائجي. ٿي سگهي ته ته آلودگيءَ واري علائقي کان پري رهجي ۽ کليل هوا ۾ ڪم ڪار کي ترجيح ڏجي.

    smmahesar@gmail.com

    عوامي آواز جي ٿورن سان
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    الله پاڪ پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو