سنڌمان قبيلائي تڪرار ڪڏهن ختم ٿيندا؟ سنڌ سوچي ٿي ______________________________________شاهين سنڌي سنڌجو جڏهن نالو وٺجي ٿو ته وات ۾ هڪ مٺاس جو احساس محسوس ٿي ٿو۽ذهن ۾ هڪ سکي ۽ ستابي خطي جو خيال جڙي ٿو جنهن ۾ اسان کي انسان ته انسانپر پکي پکڻ سان به پيار ڪندي ماڻهون مِلن ٿا جتي پئيُ پنهنجي ٻارڙن کي پنهنجي ڪلهن تي کڻي ڀرسان واري ڳوٺ جو ڏکيو پنڌ لتاڙي وڃي ميلو ملاکڙوڏيکاري ورڻ کان پوءِ به ٿَڪُ محسوس ڪونه ڪندا آهن جتي پٽَ کي ته اهميت آهي ئي پر منهنجي نياڻين هجي يا ڪنهنجي به نياڻي هجي ان کي عزت ۽احترام جي نظر سان ڏسندي اُن جي مٿي تي هٿ رکي عزت ڏني ويندي آهي اسان جي معاشري ۾جتي نياڻي ۽ قران جي ڪري زاتي جيهڙا ختم ڪري کير کنڊ ٿي ويندا ها ،جتي ڌنار به اهو ئي سمجهندو آهي ته ٻني ڪهن جي به هجي پر مال جي ڀيل ٿيڻ کان بچائيندي ان ٻني کي پنهنجوسمجهندي خيال سان مال چاريندو آهي جتي ڀنڀوري پڪڙڻ کان به بابو پنهنجي ٻارڙن کي سمجهائندو آهي ته بابا انهن ويچارين ڀنڀورين اوهان ڪهڙو ڏوه ڪيو آ بابا اهي ڪيڏيون سهڻينون آهن انهن ڪو به نقصان نه پهچايبو آهي انهن کي نا پڪڙبو آهي يا سائين شل نه ڪنهن ٻار جي هٿ ۾ گليل ڏ سندا ته وڏا ان کي به پيار سان سمجهائيندايادڙڪا ڏئي به هن روڪيندا ڪنهن کي مارڻ پاپ واري ڳاله هن جي زهن اتاريندي اهو چوندا تهائين ڪرڻ سان الله سائين ناراض ٿيندو آهي ۽ان تي قهر نازل ڪيو ويندو آهي اهڙا ڊپ ڏيندس جو ٻار جو ڪو به پکي مارڻ تان روح ئي کڃي ويندو يا جتي امڙ جو شان ته مٿائون سمجهو ويندو آهي ئي پر ايتري قدر جو کير ڏيندڙمال کي به اما سمجهنندي اما ڪري پڪاريندا آهن ،جتي ننگن ۽دنگن لاءِسرن جا نذرانه پيش ڪندي فخر محسوس ڪيو ويندوهو اتي گزريل ڏهاڪي کان سنڌ قبيلن ورهائي وئي آهي ۽ هٿ ٺوڪيون چواڻيون ،محاوراڳالهائيندي پاڻ کي عقل وند ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وڃي ٿي مثال فلاڻي زاتاهي ته ڪچي پنڊي آهن مان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔آهيان پلو ڪرڻ کان سوا ڪونه مرندس ۔۔۔۔۔۔۔۔ڪنهن کي ڪچي پنڊي چئي ان زات جي تزليل ڪري ۽ پاڻ کي بهادرباور ڪرائيڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا،يا وري ڪي اهڙاقبيلا به آهنجن جي سامهون ٿيڻ ئي پنهنجي بي عزتي تسليم ڪئي ويندي آهي اهڙيون کوڙ ڳالهيون ڪري پاڻ کي بهادر ۽ عقل وارو ثابت ڪرڻ لاءِپيا ڳالهائندا آهن پر اصل ۾ اُهي ڳالهيون انهن جي بيمار زهن بيمار سوچ کان سواءِ ڪجه به ناهي اڄ ڪلهه ساري سنڌ کي جتان ڪٿان نفرتن اچي سوهڙو ڪيوآهي،هڪ پاسي ڌاريا پنهنجي ڌارائيپ جو ثبوت ڏيندي روز روز الفاظي ۽ منافقي جا ڊرون حملاڪري پنهجي ڌارئيپ جو مان مٿائون ڪري رهيا اهن،روز هڪ نئو ڊرامون رچائي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن تڪليف پهچائي رهيا آهن ته ٻي پاسي بد امني اهڙا تا پير کوڙيا آهن جو هر ما ڻهون پنهنجي گهرن ۾ نظر بند ي واري زندگي گزارڻ تي مجبورآهي ڪو به پاڻ کي خطرن کان اجوتصور ئي ڪونه ٿو ڪري داڙن فرن اغوائن ماڻهن کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي ساري سنڌ جا ماڻهون پاڻ کي سنڌ ۾ غير محفوظ سمجهندي هر ڪنهن تان ويساهُ کڄي ويو آهي بد امني ته بد امني پر قبيلائي جيهڙن به سنڌ جي ترقي جي راه بند ڪري ڇڏي آهي قبيلائي جيهڙن اسان جا گهر خالي ڪري رڳو قبرستان اباد ڪيا آهن نفرتن جي هن واءُ ۾ساري سنڌ سڙي رهي آهي اسان پنهنجا نوجوان هن باهِ۾ ڌڪي هن باهِ کي وڌائي رهيا آهيون پر اسان ڪڏهن ُانهن جيهڙن جو کاڄ ٿيندڙن جي جواني تي سوچو آهي جيڪي پنهنجن جوسهارو ٿين هان پر انهن جي بيوقتائتي موت تي سارو تر ڏکارو ٿيندو آهي ۽ سوچيندا آهن ته سنڌ ۾ رهندڙ اسان سڀ پاڻ ۾ آهيون اسان کي هڪ ٻي لاءِمحبت ۽ احترام هجڻ کپي ڇو جو اسان جي ڌرتي امن واري ڌرتي آهي جتي جهرڪي کي مارڻ به پاپ سمجهو ويندو هو اڄ اُتي ذات جي ڏوه ۾ راه ويندي ڪو نوجوان ماريو وڃي ٿو اسان سوچون ڇو نٿا اسان ايڏا ڪٽهور ڇو ٿي ويا آهيون اسان نفرتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڇو نٿا سوچون آخر ڪئسيتائين نفرتن جا غلام ٿي رهنداسين اسان ڪڏهن پنهجي دل مان پنهنجن لاءِ سانڊيل نفرتن کي بي دخل ڪري ۽ ان جي جاءِ تي پيار۽ امن جا ٻوٽا پوکينداسين ساري سنڌ سوچي ٿي ۔
سنڌ مان قبائلي تقرار ان وقت ختم ٿيندا ،جڏهين اسان سڀيئي پاڻ کي سنڌي سمجهون . ان جي لا يا ته سڀني کي شعوري تعليم ڏيارجي يا ڪمپيوٽر وارن کي عرض ڪري راضي ڪجي ته آئينده جيڪو به سنڌ ۾ ٻار ڄمي ان جي ذات واري خاني ۾ ذات لکڻ بدران سنڌي لکي ڇڏجي . جيئن رت جي ڪينسر مريض جي رت بدلائبي آهي ته اهو چاڪ چڱو ڀلو ٿي پوندو آهي .تنهن ڪري سنڌي قبائلي معاشري کي به قبائلي ڪينسر جو مرض ٿي پيو آهي .ان مان اهڙي طرح ڇوٽڪارو ملندو .