جهڙا گُلَ گلاب جا، تَهڙا مٿن وَيسَ چَوٽا تيلَ چَنبَيليا، ها ها! هو! هَميشَ پَسيَو سونهَن سيد چئي، نينهَن اَچَن نَيشَ لالَنَ جي لَبَيسَ ، آتَڻَ اَکَرُ نه اُڄَهَي. مَٿَن = مومل، سومل ناتر ۽ سهيلين مٿان، تي وَيسَ = وڳا، پَٽَ ۽ ريشم جون پوشاڪون چوٽا = چيلهه تائين پوندڙ ريشمي ڊگها وارَ چنبيليا = چنبيليءَ جي خوشبودار تيل سان واسيل، چنبيليء جو گل ٻن رنگن اڇي ۽ هيڊي رنگ جو ٿيندو آهي ۽ بيحد خوشبودار پڻ. هاها! هو! =واهه واهه هميشَ = هميشه نينهَن =عشق نيشَ = ڏنگ، ڌڪ، زخم، گهاوَ لالَنَ = ناز انداز، ادائون لَبيسَ = لباس، پوشاڪون، ويس وڳا، هار سينگار آتَڻُ = اُها جاءِ جتي مومل ۽ سندس سهيليون سَٽُ ڪتينديون هيون. * جهڙو گلاب جو گل حسين، سهڻو، نازڪ، نفيس ۽ خوشبودار ٿئي ٿو تهڙيون ئي مومل، سومل، ناتر ۽ سڀني سهيلين کي پٽَ ۽ ريشم جا ويس وڳا پهريل آهن. چنبيليءَ جي تيل سان هميشه واسيل سندن ڊگها ۽ ريشمي وارن جا چوٽا چيلهه تي پيا پون. سندن اهڙي سونهَن سندرتا ۽ حُسُنُ ڏسي ڪيئي موهجي، گهائجي ۽ زخمي ٿيو پون. مومل، سومل ۽ سندن ٻين سهيلين جا ويس وڳا ڏسيو گهڻن کي خشڪيون لڳيو وڃن، حيراني وٺيو وڃي ۽ زبان مان اکر ڳالهائجي نه ٿو سگهي. * هي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ جماليات، منظرنگاري ۽ فوٽوگرافيءَ جو ڪمال آهي. پڙهندڙ پاڻ کي ڪاڪ محل جي اندر مومل، سومل ۽ سندن سهيلين جا هي حسين ۽ دلڪش منظر ڄڻ پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهي. پنهنجو خيال رکندا ڪيو صبح جو سلام. سائين مظفر منگي جي ٿورن سان.