ساهن کڻڻ سان علاج

'صحت سرير جي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ساهن کڻڻ سان علاج
    Breathing Therapy
    [​IMG]

    اسانجي نڪ ۾ ساڄو ۽ کاٻو پاسو هوندو آهي، اسين ٻنهي پاسن کي ساهه کڻڻ ۽ ٻاهر ڪڍڻ لئه استعمال ڪندا آهيون ۔۔۔

    حقيقت ۾ ٻنهي پاسن ۾ فرق آهي ... ساڄو پاسو شمسي طاقت رکي ٿو ۽ کاٻو چنڊ جي نمائندگي ڪري ٿو. مٿي جي سور دوران، ڪوشش ڪريو ساڄي پاسي واري نڪ کي بند ڪريو ۽ کاٻي پاسي کان ساهه کڻو .

    لڳ ڀڳ 5 منٽن ۾ اوهانجو سور ختم ٿيندو.

    جيڪڏهن اوهين ٿڪاوٽ محسوس ڪريو ٿا ته ان جي ابتڙ، کاٻو پاسو بند ڪريو ۽ ساڄي پاسي کان ساهه کڻو.

    ڪجهه گهڙين کانپوءِ اوهانکي ذهني تازگي محسوس ٿيندي.

    ساڄو پاسو گرمي سان تعلق رکي ٿو انڪري جلد گرمي حاصل ٿئي ٿي ۽ کاٻو پاسو ٿڌاڻ سان واسطو رکي ٿو .

    گهڻيون عورتون کاٻي پاسي کان ساهه کڻنديون آهن انڪري ٿڌاڻ مائل رهنديون آهن. ۽ مرد گهڻو ڪري ساڄي پاسي کان ساهه کڻندا آهن انڪري ڪم ڪرڻ جي گرمي حاصل ڪندا آهن.

    هن تصويري عمل جي ذريعي سمجهه ۾ ايندو ته جي کاٻو پاسو کليل آهي ۽ گهڻو ساهه ان طرف کان کڄي ٿو ته اوهان جلد ٿڪاوٽ محسوس ڪندا، انڪري کٻي کي بند ڪريو ۽ ساڄي پاسي کان ساهه کڻو ته اوهين جلد تازگي محسوس ڪندا.
    [​IMG]

    هي عمل ٻارن کي سيکاري سگهجي ٿو پر نوجوانن ۽ وڏن لئه ائين ڪرڻ وڌيڪ ڪارائتو ٿيندو آهي.

    هڪ شخص هميشه مٿي جو سور محسوس ڪندو هو ۽ هميشه ڊاڪٽر جا چڪر هڻندو هو. رات جو پڙهي نه سگهندو هو ۽ هر رات سندس مٿي جي سور ۾ گذرندي هئي. هو مٿي جي سور جون گوريون کائيندو هو پر ڪو فائدو نه ٿيندو هوس.
    [​IMG]

    هُنَ اهو ساهن کڻڻ واري علاج جو استعمال شروع ڪيو، پنهنجي ساڄي پاسي واري نڪ کي بند ڪري، کاٻي پاسي کان ساهه کڻندو هو، لڳ ڀڳ هڪ هفتي جي استعمال کانپوءِ سندس مٿي جو سور ختم ٿي ويو پر پوءِ به هن اهو عمل مهيني لئه لڳاتار ڪيو. هن اهو علاج بغير ڪنهن دوائن جي ڪيو ۽ کيس تجربو حاصل ٿيو ۽ نتيجو واڌو نڪتو

    پوءِ ڀلا اچو ته پاڻ اهرو تجربو ڇونه ڪري ڏسون ... نقصان ڪهڙو آهي؟
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ

هن صفحي کي مشهور ڪريو