مست
سينيئر رڪن

ماستر ڪلاس جي شاگردن جي ذهانت آزمائڻ لاءِ هڪ سوال ڪيو.
”جيڪڏهن ڪراچي کان حيدرآباد جو مفاصلو 150 ڪلوميٽر آهي ۽ حيدرآباد کان سيوهڻ جو مفاصلو به 150 ڪلو ميٽر آهي ته پوءِ ڀلا منهنجي عمر ڪيتري ٿيندي..؟“
سڀ ٻار خاموش......... پوئين لائين ۾ ويهندڙ پپنو هٿ مٿي ڪيو...
”ها پپنو.. ! شاباس سڄي ڪلاس ۾ تون هٿ مٿي ڪيو آهي، هاڻي جواب ٻڌاءِ“
پپنو: ”سائين اوهان جي عمر 50 سال آهي“.....
ماستر جون اکيون حيرت ۽ خوشيءَ سان پٽجي ويون.. ”واهه پپنو واهه، جواب ته بلڪل صحيح آهي پر اهو اندازو ڪيئن لڳايئي.. ٻين کي به ٻڌاءِ“
پپنو: ”سائين ڇا هي جو منهنجي پاڙي وارو عاشق 25 سالن جو آهي ۽ اڌ چريو آهي، توهان جي سوال جي حساب سان اندازو لڳايم ته توهان ته صفا چريا آهيو ان ڪري توهان جي عمر 50 سال.......“