
ڪَتين ڪَرَ موڙيا، ٽيڙو اُڀَا ٽيئي،
راڻو رات نه آئيو، وَيلَ ٽري ويئي،
کُوءِ سا کاڻي راتڙي، پرينءَ ريءُ پيئي،
مون کي ڏَنءُ ڏيئي، وڃي ڍوليو ڍَٽ قراريو.
ڪَتين = ڪتيون، ڇهن تارن جو جهڳٽو جنهن کي پارسيءَ ۾ پروين ۽ عربيءَ ۾ ثريا چوندا آهن. ڪتيون وڇونءَ جي لهڻ کان پوءِ اڀرنديون آهن.
ڪَرَ موڙيا = لڙي ويون، لهي ويون
ٽيڙو = ٽي روشن تارا جيڪي ڪتين کان پهرئين اڀرندا آهن.
کُوءِ = ٻن پوي، کڏ ۾ پئي
کاڻي = سڙي، سڙيل
ڏَنءُ = سزا، عذاب، پيڙا
ڍَٽ = راڻي جو ماڳ
قراريو = آرامي ٿيو، وڃي سڪون جي ننڊ ڪيائين.
ڪتيون ۽ ٽيڙو اڀري لهي به ويا راڻي جي اچڻ جي ويل، مهل ٽري وئي، گذري وئي. اهڙي رات جيڪا راڻي کان سواءِ گذري سا کڏ ۾ وڃي پئي، ڌوڙ پائي. مومل شڪايت ڪندي ٿي چئي ته راڻو پاڻ ته وڃي سک ۽ آرام سان سمهي پيو منهنجي هيءَ رات ڪيڏي عذاب، پيڙا سان لڇندي ڦٿڪندي گذري آهي.
سائين مظفر منگي جي ٿورن سان.