السلام عليڪم ۔۔۔۔ جيئن ته ايڊوب اميج ريڊي ايڊوب ڦوٽو شاپ جو هڪ اهم حصو آهي۔۔ هن ۾ اوهان تصوير کي فائنل لُڪ ڏئي سگهو ٿا ۽ تصويرن کي مختلف ليئرز جي مدد سان حرڪت ۾ آڻي سگهو ٿا۔ هن لنڪ تان اوهان ايڊوب اميج ريڊي کي بنا ڪنهن دير جي ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ياد رکو هن کي انسٽال ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي ڇو ته هي پورٽيبل ورزن آهي۔۔۔ asul matt
جواب: ايڊوب اميج ريڊي ڊائون لوڊ ڪريو۔۔ ڊائونلوڊنگ لنڪ ۾ اپليڪيشن موجود نه آهي، صرف امجيز ۽ ڪجهه بٽڻ رکيل آهن.
جواب: ايڊوب اميج ريڊي ڊائون لوڊ ڪريو۔۔ مٺا ابوزين ايترا ڏينهن غير حاضر رهيو ۔۔۔۔ دشمنن جو ته خير هو ۔۔۔ ^-^ فائيل جو وزن 13 ميگا بائيٽ لکيل ٿو نظر اچي ۔۔۔ جڏهن ته اميج ريڊي جو پورٽيبل به 17 ميگا بائيٽ جو ٿيندو آهي۔۔۔۔ متان ڪجهه وڌيڪ ڪمپريس ٿيل هجي۔۔۔ يا وري توهان جي ڪمپيوٽر ۾ موجود اينٽي وائرس ان کي وائرس سمجهي اڏاري ڇڏيندو هجي۔۔۔۔ چڱو هتي ڪلڪ ڪري 25 ميگا بائيٽ وزن وارو ڊائونلوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو۔۔۔ ڀلا هي 17 ميگابائيٽ پورٽيبل ورجن آزمائي ڏسو۔۔۔۔
جواب: ايڊوب اميج ريڊي ڊائون لوڊ ڪريو۔۔ غير حاضري نه هئي، حاضري ته روز ڀربي هئي، البته مصروفيت جي ڪري ڪا تحرير موڪلي نه سگهيس. وائرس وغيره ته ڪو ڊيٽيڪ نه ٿيو، مون کي ته ڪابه اپليڪيشن فائل نظر نه آئي. مجبورا نيٽ جو سهارو ورتم ۽ لڳ ڀڳ 400 ايم بيءَ تي مشتمل ايڊوب فوٽو شاپ ۽ اميج ريڊي (سي ايس 2) ڊائونلوڊ ڪري ورتم. اميج ريڊي تي ٿوڙو ڪم به ڪيو اٿم.
جواب: ايڊوب اميج ريڊي ڊائون لوڊ ڪريو۔۔ ادا ابوزين تمام بهترين ڪم ڪيو آهي توهان، منهنجي سنڌسلامت جي وڏي ايڊمن کي گذارش آهي ته هو انهن مسڪراهٽن کي سنڌ سلامت ۾ شامل ڪري ڇڏي۔
جواب: ايڊوب اميج ريڊي ڊائون لوڊ ڪريو۔۔ دوستو، منهجو هڪ نماڻو عرض آهي ته، دنيا جي ڪافي سارين ويب سائيٽس تي آڪون ڪنهن ليک کان بغير به هوندا آهن ۽ ماڻهون استعمال ڪن پيا ۔۔۔ آڪون جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته ڪنهن لفظ کان بغير ڪا ڳالهه چوڻ ۔۔۔ باقي نموني طور جيڪي دوست ابوزين آڪون موڪليا آهن سي به ڀلا آهن ۽ انکان اڳ جيڪي آڪون هيا مثلن ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت يا شال جڙيل هجو وغيره پڻ شامل ڪجن ته ڪوئي هرج ناهي ۔۔۔ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ٿورا ڪڻا ٿالهي ۾ ڀلا ۔۔۔ انڪري ڪجهه مختصر ۽ سٺا آئڪون هوندا ته چونڊ ڪرڻ ۾ به آساني ٿيندي ۽ وقت به نه لڳندو ۔۔۔ مطلب ته گهڻ نه هجي ته بهتر۔۔۔ سائيز به پوري پني يعني وچولي هجي ته بهتر ۔۔۔ باقي ته هي ياهو وارا آڪون به ڪي خراب ناهن ۔۔۔ رب العالمين اوهانکي پنهنجي پناه ۾ رکي ۔۔۔
جواب: ايڊوب اميج ريڊي ڊائون لوڊ ڪريو۔۔ اڳيان آئيڪون بروبر سٺا هيا، پر جيئن ته اُهي انيميٽيد (متحرڪ) نه هيا، انهيءَ ڪري ساڳين جملن کي ڪنهن متحرڪ ۾ ايڊٽ ڪري سگهجي ٿو. جيتري قدر سائيز جي ڳالهه آهي ته سائيز گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿي. هنن کي اڳئين جي ڀيٽ ۾ 50 سيڪڙو گهٽايو ويو آهي.
جواب: ايڊوب اميج ريڊي ڊائون لوڊ ڪريو۔۔ ڀائڙا هي سائيز بهتر آهي ۽ جي ڪي اٺ ڏهه ڪري ورتا اٿوَ ته ادي رشيد کي موڪلي ڏيو ته بهتر ته جيئن هو لڳائي ڇڏي ۽ ٻي ڳالهه جي ڪا تبديلي يا واڌارو ڪرڻو هوندو ته پوءِ به ڪري سگهبو ۔۔۔ باقي مونکي به آڪون ڏسي پسند ڪري ڪجهه جملا سوچي لکڻ ۾ ٿورڙو وقت لڳندو جو صبح سان نوڪري شروع ٿئي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن رات جو دير تائين آفيس ۾ وقت گذري ٿو ۔۔۔ =d>