پپنو هلائيندو ڪمپوٽر ........

'ڪاڪي آچار جي اوطاق' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2014۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [​IMG]

    ڪاڪي آچار پنهنجي پُٽ پپنو کي پڙهائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر پَپَنو سدائين اسڪولن جي ماسترن سان ڦڏا ڪري اڌورو مس پڙهيو.. نيٺ پپنو وڏو ٿيو ته ڪاڪي آچار پنهنجي يار عاشق جي چوڻ تي پپنو کي ”انترنيت سان گڏ ڪمپوتر“ وٺي ڏنو.. پپنو کي چيائين ڇورا هاڻ ڪجهه سڌر، نه ته گدو بندر موڪليندوسانءِ..
    عاشق پپنو کي چيو ڪوبه مسئلو ٿئي ته مون کي ڪال ڪري مدد وٺجان.
    هڪ ڏينهن انترنيت نه پئي هلي ته پپنو عاشق کي رات جو هڪ بجه ڪال ڪئي..
    عاشق: ”ڇورا هينئر ڪهڙي کُٽي کنيو توکي .. منهنجي ننڊ ڇو ڦٽائي اٿئي؟“
    پپنو: ”عاشق! منهنجي انترنيت ڪانه ٿي هلي.. ڇا ڪريان؟“
    عاشق: ”وڏو شوقين ٿي ويو آهين... هل ڀلا ”مائي ڪمپيوٽر“ تي ڪلڪ ڪر“
    (ياد رهي ته پپنو اڌورو پڙهيل هو..)
    پپنو: ”يار مون کي تنهنجو ڪمپوتر ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.. ڪلڪ ڪيئن ڪريان“
    عاشق: ”اڙي پپنو، تون پنهنجي ڪمپيوٽر جي ڊيڪسٽاپ تي ماءِ ڪمپيوٽر جي آئيڪان تي ڪلڪ ڪر..“
    پپنو: ”يار هتي ته نه ڪا اسڪول واري ڊيسڪ آهي نه وري ٽاپ...، ڇا پيو چئين، ڇا تي ڪلڪ ڪريان؟؟“
    عاشق: ”اڙي پپنا... ٻڌ غور سان، تنهنجي اڳيان ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي ماءِ ڪمپيوٽر جو آئيڪان آهي ان تي ڪلڪ ڪر............... “
    پپنو: ”مان به ٻه درجا پڙهيل آهيان، سڀ سمجهان ٿو، منهنجي ڪمپوتر تي تنهنجو ڪمپوتر ڪٿان آيو..؟“
    عاشق: ”اڙي پپنا.... پيارا پپنا، يا ته مون کي ننڊ ڪرڻ ڏي يا جتي مان چوانئين ٿو اتي ڪلڪ ڪر..؟“

    پپنو: ڪاٿي ڪلڪ ڪريان ابا..؟“
    عاشق: ”ماءِ............. ڪمپيوٽر تي...“
    پپنو: ”يار ڳالهه ٻڌ، يڪو ماءِ ڪمپوتر ماءِ ڪمپوتر ويٺو چئين....
    تون مون کي ايترو ٻڌاءِ تنهنجو ڪمپوتر منهنجي ڪمپوتر تي ڪري ڇا پيو..؟“
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    هههههههههههههههههههههههههه
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يارو اوهان به ڏاڍا ڏنگا ٿي پيا آهيو . پپنو ۽ عاشق جي نالن ۾ سموري ڳاله منهنجي ۽ سليمان جي ڪري ويا آهيو . اڄ تائين ويٺو دانهون ۽ ڪوڪان ڪري سليمان جي ننڊ ڦٽايان . پر ان جي هيڏي ساري محنت جي باوجود حرام جو ڪمپيوٽر سمجه ۾ اچي . اڄ به واعدو ڪري پنهنجي اوطاق تان لوڌي ڪڍيائين ۽ چيائين ته هلي ڪمپيوٽر تان ڪپڙو هڻي متي لاه ته ڪمپيوٽر سيکاريان  . ڪپڙي سان صاف ڪري هن وقت تائين ٿو ويٺو ما ڪمپيوٽر ڳولهيان ،پر سليمان اڃا تائين ڪو نه آيو آهي . نه هو ايندو ۽ نه وري مون کي سيکاريندو .
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاها ... ڪم اوهان کان زور آ ... پر پوء به ڪوشش ڪندا رهنداسين، جيڪي 5 روپيا بچيا.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    هههههههههههههههههههههههه واه زبردست ڪچهري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو