اچو ته ڀٽائي جي اصل روح کي عام ڪريون.

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ راجا ساند طرفان آندل موضوعَ ‏14 اپريل 2014۔

  1. راجا ساند

    راجا ساند
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2014
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    88
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    جئي سنڌ ۽ جيئي لطيف دوستو!

    اسان سڀ پاڻ کي ڀٽائي جي پيروڪار سڏايون ٿا پر اصل ۾ اسان ڀٽائي سان انصاف ڪري نه سگهيا آهيون. اسان کي ڀٽائي جي زندگي جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڪابه ڪانهي، اسان صرف اهي ئي ڳالهيون تسليم ڪريون ٿا جيڪي واتو وات اسان تائين پهچن ٿيون. ڪڏهن به تحقيقي نظر سان ڀٽائي جي زندگي جي احوالن کي پرکيو ئي ناهي ته انڌي تقليد جي ڪري اسان ڪيترن ئي غير ضروري ۽ غير لاڳاپيل ڳالهين کي، واقعن کي ۽ قصن کي اسان ڀٽائي سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي ان جي شاعري جي خبر ته آهي پر تقريباَ اسان مان ڪجهه دوستن ئي ان کي ڪتاب تان يا رسالي تان دلچسپي سان ويهي پڙهيو هوندو. باقي اڪثر اسان کي محفلن ۾، ڪيسٽي ڳائڻن واتان يا ڪن فقيرن واتان ٻڌڻ ۾ آئي هوندي. اها به خبر ڪونهي ته اهو سامهون وارو همراهه جنهن بيت کي ڀٽائي سان گڏي پيو اهو حقيقت ۾ ڀٽائي چيو به هو يا نه.

    دوستو مونکي يقين آهي ته هن فورم تي موجود تقريباَ سڀ دوست فيسبڪ کي استعمال ڪندا هوندا. اوهان سڀني سڄڻن سان اڄ آئون هڪ پيج ونڊڻ چاهيان پيو، اسان جو ڀٽائي وڏي ڳالهه آه جي نالي سان

    https://www.facebook.com/AsanJoBhitaiWadiGalhAa

    جنهن پيج تي ڀٽائي جي زندگي کي، ان جي شاعري کي اصل معني ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مختلف ڪتابن مان مضمون هٿ ڪري دوستن سان ونڊيا پيا وڃن. دوستن کي التجا ٿي ڪجي ته ان پيج کي ڏسن ان تان مواد جاچين، ان تي موجود مضمونن جي باري ۾ راء ڏين، تبصرو ڪن، تنقيد ڪن ۽ جي ان کي صحيح سمجهن ته سندن حوصله افزائي پڻ ڪن. پر شرط اهو ئي آهي ته اڳ جيان اکين تي پٽيون ٻڌي اهو تسليم نه ڪن ته هي جيڪي ڪجهه ڪير به ڀٽائي جي نالي ڪري ڪجهه به چوي پيو اهو ڀٽائي جو آهي. ڪجهه تنقيدي ذهن ڌاريو ۽ تبصرو ڪريو. تنقيد کي اصلاح جي لاء استعمال ڪريو.


    وڌيڪ آئون اوهان سڄڻن تي ٿو ڇڏيان ته اوهان ڀٽائي کي ڪيئن پنهنجو ڪرڻ چاهيو ٿا، جيڪي ڪجهه هلي پيو ان تي يقين ڪري، يا ڪجهه محنت ڪري جيڪو اصل ڀٽائي جو آهي ان کي تسليم ڪري.

    جيئي سنڌ، جيئي لطيف
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب .. مون پيج کي لائيڪ ڪيو آهي ۽ شيئر به ڪيو آهي جيئن وڌ کان وڌ دوستن تائين پيغام پهچائجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. راجا ساند

    راجا ساند
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2014
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    88
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    بس ارادو اهو ئي آهي ته سڀن تائين اصل معلومات پهچي
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا ڪوشش ڪريون ٿا ڏسون من ڪا ڳالھ سمجھ ۾ اچي .
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو