• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڌرتي تارا

Abduljabbar

سينيئر رڪن
ڌرتيءَ تارا ٻارن لاءِ شاعريءَ جو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل آهي جيڪو استاد نثار بزمي جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ تي مشتمل آهي هيءُ ڪتاب سندس پياري شاگرد غلام محمد عازي مرتب ڪيو آهي تنهن مان ٻارن لاءِ ڏنل هڪ گيت آه
اوسيئڙو ۽ آس
شهر ويو آهه بابو منهنجو،
منهنجي لاءِ شئي آڻيندو.
شهر ويو آهه بابو منهنجو.

مائو، برفي، پيڙا ايندا،
پاڻ اچي کارائيندا.
شهر ويو آهه بابو منهنجو.

آڻيندو رانديڪا مون لاءِ،
خوشيءَ منجهان کيڏائيندو.
شهر ويو آهه بابو منهنجو.

رئندس جي مان بابو ايندو،
پيار ڏئي پرچائيندو.
شهر ويو آهه بابو منهنجو.

مٺڙو مٺڙو بابو منهنجو،
رب ان کي جيئاريندو.
شهر ويو آهه بابو منهنجو.

ٽانگي وارا ٽيشن تي وڃ،
گهوڙا اڄ هڻڪائيندو.
شهر ويو آهه بابو منهنجو.
 
اهو ڪتاب ا
ڌرتيءَ تارا ٻارن لاءِ شاعريءَ جو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل آهي جيڪو استاد نثار بزمي جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ تي مشتمل آهي هيءُ ڪتاب سندس پياري شاگرد غلام محمد عازي مرتب ڪيو آهي تنهن مان ٻارن لاءِ ڏنل هڪ گيت آه
اوسيئڙو ۽ آس
شهر ويو آهه بابو منهنجو،
منهنجي لاءِ شئي آڻيندو.
شهر ويو آهه بابو منهنجو.

مائو، برفي، پيڙا ايندا،
پاڻ اچي کارائيندا.
شهر ويو آهه بابو منهنجو.

آڻيندو رانديڪا مون لاءِ،
خوشيءَ منجهان کيڏائيندو.
شهر ويو آهه بابو منهنجو.

رئندس جي مان بابو ايندو،
پيار ڏئي پرچائيندو.
شهر ويو آهه بابو منهنجو.

مٺڙو مٺڙو بابو منهنجو،
رب ان کي جيئاريندو.
شهر ويو آهه بابو منهنجو.

ٽانگي وارا ٽيشن تي وڃ،
گهوڙا اڄ هڻڪائيندو.
شهر ويو آهه بابو منهنجو.
[/quotاهو ڪتاب اميجن سميت مون ڪمپوز ڪيو آهي ليڪن اهو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو آهي انڪري ان جي اجازت وٺڻ ڏاڍي ڏکي آهي تنهنڪري مون وٽ امانت موجود آهي جيڪڏهن ڪو اجازت جي ذمينواري کڻي ته مان سافٽ ڪاپي ڏين تيار آهيان.
 
Back
Top