منهنجو نالو ڏاڙهون آهي. اصل تعلقي ڏيپلي سان تعلق اٿم. حال حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي اٿم. اخباري فيلڊ سان لاڳاپيل آهيان. ڪمپيوٽر منهنجو مشغلو آهي.
جواب: منهنجو تعارف ادا ڏاڙهون اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون ادا اسان کي اوهان جهڙن پڙهيل لکيل نوجوانن جي سخت ضرورت آهي جيڪي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لا۽ پاڻ پتوڙين ادا اسان کي اوهان جي نڪورلکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: منهنجو تعارف ادا سنڌ سلامت تي ڀلي ڪار هجي توهان کي۔ ڏاڙهون ته هون به هر ڪنهن کي وڻندو آهي سو ادا توهان جو سنڌ سلامت تي اچڻ اسان جي خوش نصيبي چئبي۔
جواب: منهنجو تعارف سائين سنڌ سلامت جي اڱڻ ۾ آمد تي اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار۔۔۔۔ اميد ته پنهنجي مٺين تحريرن سان اوهان به سنڌ سلامت جي واڌاري جو سبب بڻجندو
جواب: منهنجو تعارف يار ڏاڙهون، اصل مزو اچي ويو بلڪ وات ۾ پاڻي اچي ويو ۔۔۔ هڪڙا کٽا مٺا ڏاڙهون ته ڪي صرف مٺا ڏاڙهون ۽ ته ڪي وري کٽا ڏاڙهون ۔۔۔ اسين اميد ٿا ڪريون ته اوهين هن اڱڻ تي مٺڙي ڏاڙهونءَ جيئان اسانجي وچ ۾ رهندا ۽ پنهنجي صحافتي تجربن، تازين ۽ ڪارائتين خبرن کان آگاه ڪندا رهندا ۔۔۔ هي اڱڻ آهي ئي سنڌ جي ادب، تاريخ، سياست ۽ ثقافت کي اڳ کان اڳرون ڪرڻ لئه، اوهان هن ساٿ ۾ هوندا ته منزل تي پهچڻ جا رستا صاف ٿيندا ۔۔۔ رب العالمين اوهانکي بري نظر کان بچائي ۔۔۔ آمين
جواب: منهنجو تعارف اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀلي ڪار چئون ٿا۔ ادا سنڌ سلامت فورم تي ميڊيا سان لاڳاپيل دوستن جي سخت ضرورت آهي جيڪي اسان جي هن اوطاق کي اجاگر ڪن۔ سدائين گڏ