ڪنهن به سار ناهي لڌي!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڪافي دفعا ايئن به ٿيندو آهي ته ڪي ٽرينڊ بڻجي ويندا آهن ۽ پوءِ انهي جي اکيون پوري يا وري چئجي ته غير ضروري پيروي ڪئي ويندي آهي. ايئن ئي ڪافي شاعر فنڪار اداڪار ليکڪ سرڪار کان اها تقاضا ڪندا آهن ته سڄي عُمر پنهنجي ئي ڪرتوتن تي هيڻا حال ڪري بيمار ٿيڻ تي گورنمنٽ علاج ڪرائي. انهي تي 2009ع ۾ لکيل حفيظ ڪنڀر جو هڪ دلچسپ ليک هتي اوهان اڳيان حاضر آهي.

    ڪنهن به سار ناهي لڌي!

    نيوز ڪاسٽر: جلوه گر! توهان تائين اسان جو آواز اچي پيو.

    جلوه گر: ها! ڪوزه گر...اوهان کي اهو پئي ٻڌايم ته آئون بيمار شاعر جي گهر آهيان، منهنجي پهچڻ تائين ڪو به حڪومتي عملدار ڪو نه پهتو آهي، بيمار شاعر سان منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، انهيءَ به تصديق ڪئي آهي ته سندس ڪنهن به سار نه لڌي آهي.

    نيوز ڪاسٽر: جلوه گر! اسان کي اهو ٻڌايو ته بيمار شاعر ڪيتري عرصي کان بيماري جي بستري تي داخل آهي؟

    جلوه گر: ڪوزه گر! اوهان کي اهو ٻڌائيندو هلان ته بيمار شاعر نبي بخش ”نوبنو“ وقت به وقت بيمار ٿيندو رهندو آهي ۽ بيماري جي حالت ۾ سگريٽ پيئڻ کان به لاچار آهي. هن ڀيري به نبي بخش ”نوبنو“ ڇهون ڀيرو بيماري جي بستري تي داخل ٿيو آهي ۽ اهو به ٻڌائيندو هلان ته حڪومت سندس سار اڃا تائين نه لڌي آهي.

    نيوز ڪاسٽر: جلوه گر! جڏهن ته اڳين ڀيري شاعر نبي بخش ”نوبنو“ بيمار ٿيو هو ته سندس سرڪاري خرچ تي علاج به ٿيو هو ۽ سرڪار کيس ڪيش جي صورت ۾ مالي امداد به ڏني هئي، توهان شاعر کان اهو معلوم ڪيو آهي ته اڳين ڀيري....

    جلوه گر: (ڪٽيندي): ڪوزه گر! اهو ٻڌائيندو هلان، اڳين ڀيري جي حساب ڪتاب کان هن ڀيري بيماري وڌيڪ حملو ڪيو آهي ۽ شاعر نبي بخش ”نوبنو“ پنهنجي دڪان کي اڌ ۾ ڇڏي اچي ڊوڙي ڊوڙي هينئر کٽ تي ڦانهه ٿي ڪريو آهي ۽ وڌيڪ اهو به ٻڌايو ٿو وڃي ته هيستائين ويچاري شاعر جي سرڪار ڪا به سار نه لڌي آهي.

    نيوز ڪاسٽر: جلوه گر! توهان کانئس اهو پڇيو آهي ته، سنڌ جا ڪيترائي شاعر اديب، اهڙي بيمارين ۾ مبتلا هجڻ باوجود مقابلو ڪندا رهيا، عبدالڪريم گدائي کان محمد خان مجيدي ۽ استاد بخاري کان نماڻو سنڌي اهڙين اپيلن ڪرڻ کان پرهيز ڪندا رهيا، آخر هن وقت هي رجحان ڇو آهي؟

    جلوه گر: ڪوزه گر! شاعر نبي بخش ”نوبنو“ اهڙي ڪنهن به سوال جو جواب ڏيڻ کان صحت جي خرابي سبب لاچار آهي ۽ سرڪار اڃا تائين سار نه لڌي اٿس.

    نيوز ڪاسٽر: توهان ان کان اهڙو سوال ڪيو آهي جنهن ۾ استاد بخاري محمد خان مجيدي، نماڻو سنڌي جهڙن شاعرن جو مثال ڏئي سمجهايو هجي ته انهن سرڪار کي اپيلون ڪري پنهنجي خودداري ۽ وضعداري نه ڇڏي؟

    جلوه گر: ڪوزه گر! مون اهڙي سوال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته بيمار شاعر نبي بخش ”نوبنو“ جو چوڻ هو ته ”اودي او ڄاڻن، سانون اپني توڙ نڀاوڻ ڏي“ ائين چئي شاعر نبي بخش نوبنو ڪيمرا سامهون غش ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سرڪار اڃا تائين سندس سار نه لڌي آهي!

    نيوز ڪاسٽر: جلوه گر! توهان ڇا ٿا سمجهو ته سرڪار تي اهڙين حالتن ۾ ڀاڙڻ بجاءِ.....

    جلوه گر: ڪوزه گر! هتي اهو به ٻڌايان ته بيمار شاعر سنڌي ماڻهن تي تمام گهڻيون ميارون پيو ڏي ۽ سنڌين تي تمام گهڻو ڏک اٿس، جن لاءِ هو ڪجهه ميار وارا شعر به تازا تازا لکيو ويٺو آهي، ان جي باوجود سرڪار سندس سار نه لڌي.

    نيوز ڪاسٽر: جلوه گهر! اسان کي توهان کان معلوم ٿيو ته بيمار شاعر کي سرڪار اڳ ۾ پئسا ڏنا هئا، پوءِ بيمار شاعر انهن پئسن مان علاج ڇو نٿو ڪرائي؟

    جلوه گر: ڪوزه گر صاحب! شاعر نبي بخش ”نوبنو“ جو چوڻ آهي ته اهي پئسا هن مهانگائي جي دور ۾ ڏوهٽن پوٽن جي طهرن تي خرچ ٿي ويا آهن، باقي پنهنجي ڏکي وقت لاءِ رکيا اٿم، ان ڪري سرڪار کي گهرجي ترت مالي مدد ڪري، باوجود بيمار شاعر نبي بخش ”نوبنو“ جي انهن اپيلن جي سرڪار سندس ڪا به سار نه لڌي.

    نيوز ڪاسٽر: جلوه گر! هن وقت توهان ڪٿي آهيو؟ اسان جو آواز اوهان تائين پهچي رهيو آهي؟

    جلوه گر: جي ڪوزه گر! آئون هن وقت بيمار فنڪار جي گهر پهتو آهيان، سندس ڪيترائي فنڪار ساٿي به پهچي ويا آهن، پر اڃا تائين ڪلچر وارن مان ڪنهن به سار ناهي لڌي.

    نيوز ڪاسٽر: توهان اهو ٻڌايو ته بيمار فنڪار جي علاج لاءِ ساٿي فنڪارن ڪهڙو لائحه عمل تيار ڪري رهيا آهن؟

    جلوه گر: ڪوزه گر! ساٿي فنڪار جن ۾ ڪي فنڪار تمام سکيا ستابا به شامل آهن، اهي مستقبل جي لائحه عمل ۾ خود کي ساڙڻ يعني خود سوزي متعلق سوچي رهيا آهن. تمام سخت ڪاوڙ ۾ آهن ڪو فنڪار موقعي جو فائدو وٺي خود کي احتجاجن ٽرين هيٺيان ڏيڻ تي غور پيو ڪري، ڪو اسٽيٽ بئنڪ جي بلڊنگ تان پاڻ کي ڪيرائڻ جي ڳالهه پيو ڪري، هڪ فنڪار مطالبو ڪيو آهي ته کيس سرڪاري خرچ تي فرانس موڪليو وڃي ته جيئن هو ايفل ٽاور تان خود کي احتجاجن ڪيرائي سگهي پر ان باوجود ڪلچر وارن ڪا سار ناهي لڌي.

    نيوز ڪاسٽر: توهان جن سکين فنڪارن جي ڳالهه ڪئي آهي....

    جلوه گر: ڪوزه گر! توهان جي سوال کي ڪٽيندي اهو ٻڌائيندو هلان ته هتي هڪ ٻه فنڪار زميندا آهن، سندن تمام ڀليون ۽ آباد ٻنيون آهن، ڪي فنڪار سڻڀين نوڪرين ۾ هجڻ ڪري چڱي خاصي پراپرٽي جا مالڪ آهن، پر ڪلچر ڊپارٽمينٽ اڃا سار ناهي لڌي.

    نيوز ڪاسٽر: جلوه گر! آئون اهو ئي پڇڻ ٿو چاهيان ته اهي فنڪار جيڪي پئسي وارا، سرياند ۽ سکيا ستابا آهن، اهي ڇا ڪري رهيا آهن، ڇا انهن پنهنجي ساٿي بيمار فنڪار لاءِ ڪجهه ڪيو آهي؟

    جلوه گر: نه ڪوزه گر! اهڙي ڪا به رپورٽ ڪونهي ته اهڙي خبر جي مستقبل ۾ اميد ئي ڏسجي. هن موقعي تي ٻڌائيندو هلان ته جيڪا پريس ڪانفرنس به انهن فنڪارن ڪئي آهي، ان جو خرچ به انهن فنڪارن ڪيو آهي، جيڪي واقعي معاشي طور پاڻڀرا ناهن، انهيءَ جي باوجود ڪلچر کاتي ڪا سار نه لڌي آهي.

    نيوز ڪاسٽر: جلوه گر! توهان ڇا ٿا سمجهو...ماضي ۾ به ڪي فنڪار سرڪاري خرچ تي علاج جي سلسلي ۾ ٻاهر وڃي چڪا آهن.

    جلوه گر: ڪوزه گر! توهان جي ڳالهه کي ڪٽيندي آئون ٻڌائيندو هلان ته هتي ڪنهن به وفاقي سرڪار توڙي مملڪتي منسٽرين کي مخاطب ٿي انهن جي ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. فنڪار سنڌي ماڻهن جي بي قدري تي ميار مٿان ميار ڏئي رهيا آهن ۽ مزي جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته اڃا ڪلچر کاتي ڪا به سار نه لڌي آهي.

    نيوز ڪاسٽر: جلوه گر! توهان اهو ٻڌائيندئو ته سنڌ جا سڀ غريب ماڻهو فنڪار، شاعرن جو قدر ڪن ٿا، کين ٻڌن ٿا، آٽوگراف وٺن ٿا، اسٽيج ۽ اسڪرين تي ٽائيم ڪڍي ڏسن ٿا، سندن ڪتاب پڙهن ٿا پوءِ به بي قدرتي جي شڪايت ڇا معنيٰ ٿي رکي؟

    جلوه گر: ڪوزه گر! آئون ڪلچر کاتي جي بي حسي سان ڳالهه کي ڳنڍيندي اهو ٻڌائيندو هلان ته واقعي سنڌي ماڻهو غربت ۽ بيمارين وگهي پاڻ بکن ۽ بيمارين ۾ ورتل آهي، پر اهاڳالهه به فنڪارن کي سرڪار کي سمجهائڻ گهرجي ۽ وڌيڪ ٻڌائيندو هلان ته ڪلچر کاتي ڪا به سار نه لڌي آهي.

    نيوز ڪاسٽر: جلوه گر! اسان کي اهو ٻڌايو ته هزارين، لکين ماڻهو ملڪ ۾ رهندي ملڪي اسپتالن ۾ علاج به ڪرائين ٿا ۽ مهلڪ بيمارين جو علاج هتي به ٿي رهيو، پوءِ آخر اهو ڇو آهي جو....

    جلوه گر: ڪوزه گر! ائين ته برابر آهي، پر ڪلچر کاتي ۽ سنڌ سرڪار کي پنهنجو فرض قطعي نه وسارڻ گهرجي، ڀلي کڻي سرڪش سنڌي سچ چوندو وتي ته سرڪار ڪيترن جو ٻاهران علاج ڪرائي، آئون به چوان ٿو ته ڪلچر کاتو ڪيترن جون ورسيون ملهائي، پر توهان کي اهو ٻڌايان ته اڃا تائين ڪلچر کاتي سار ناهي لڌي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حفيظ ڪنڀر کي شاباس آهي جو لکي ٿو ... باقي سچ اهو آهي ته جي لکبو ته ڪاتيون ڪهاڙا اڀا ٿيندا .... پر ان جو اهو به مقصد ناهي ته ثقافت کاتو ڪو چڱو ڪم پيو ڪري ..... يار اتان جي بجيٽ ڏسو ۽ پوء اتان جا معيار به ڏسو.

    ڀلا اهو ته ڏسيو جي مهدي حسن بيمار ٿئي ته سنڌ حڪومت سمورو خرچ ڇو ٿي ڀري؟ اسان کي ان ٻٽي معيار تي ناراضگي آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو