ڪو دوست مدد ڪري ايم بي سنڌي ۾ سنڌي ۽ انگريزي گڏ ڪيئن لکجن،گڏ ۽ ساڳئي لائين تي ڇو جو جيئن ئي مان انگريزي ۽ سنڌي گڏ لکان ٿو اگر اڻ ترتيبوار ٿيو ٿا وڃن مدد ڪريو
سائين ! توهان پهرين سنڌي لکو ، پوءِ الٽر شفٽ بٽڻ جي مدد سان لئنگيج تبديل ڪري انگريزي لکو ۽ وري ٻيهر سنڌي لکڻ چاهيو ساڳئي لائين تي ته ڪيبورڊ ۾ End جي بٽڻ کي دٻائي واپس سنڌي لکي سگهو ٿا. اکرن تي ترتيب ساڳي رهندي. ۽ توهان فونٽ Mb Latifi تي ڪمپوزنگ ڪريو. انشا الله مسئلو حل ٿي ويندو.
ان باوجود توهان کي پڪ ڪرڻ گهرجي ته توهان سنڌي لکڻ لاءِ ساڄي کان کاٻي واري ڊائريڪشن چونڊي ورتي آهي... تفصيل لاءِ هيٺيون تصويرون ڏسو...
پهرين ڪنٽرول پينل ۾ وڃو ان بعد توهان ريجن ۽ ليگويج ۾ وڃو ان بعد توهان ڪي بورڊ ۽ ليگويج تي ڪلڪ ڪريو پوءِ چينج ڪي بورڊ جي بٽن تي ڪلڪ ڪريو پوءِ ايڊوانس ڪي بورڊ سيٽنگ ۾ وڃو اتي پنهنجي شارٽ ڪٽ ڪي ٺاهيو سنڌي لاءِ ۽ انگلش لاءِ سمجهه ۾ نٿو اچي ته فون ڪريو 03463818664
دوست ادا رشيد سمون جي ڏسيل طريقي تي عمل ڪري توهان هڪ ئي لائين تي سنڌي ۽ انگريزي لکي سگهو ٿا اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿئي ويندو