• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رڪشا مالڪ ۽ ڊرائيور ڏس ڏيو

زاهد سومرو

سينيئر رڪن
دوستن کان معافي جو سنڌ سلامت کي وقت گهٽ پيو ڏيان پر سنڌ سلامت جي پنجين سالگره جو ٻڌم ته رهي نه سگهيس مٿان وري اهو عرض ايڊمن پيو ڪري ته دلچسپ سلسلا شروع ڪريو. سو سنگت کي عرض ته مون ٻه رڪشا ورتا آهن جيڪي ڳوٺ جي ٻن غريب ماڻهن کي هلائڻ لاءِ ڏنا آهن. هاڻي سوچيان پيو ته انهن جي پويان لکايان ڇا؟ ڪجهه مان پيو سوچيان ڪجهه توهان سوچي ڏسيو.

rick.jpg
 
ڪجهه سنڌي ٽوٽڪا

عاشق مجبور آ . ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هجي

شل ڪا باهه لڳي تنهنجي مجبورين کي

جيڪو امڙ ستائي سو رڪشو هلائي
 
هاهاهاها ... رڪشن تي لکيل جملا خوب آهن يار ..... پر هڪ هي جملو به لک...

منهنجي رڪشي ۾ ته ويهه ...... خبر پوندئي ته سنڌ ڇا هي...!!!
 
ڪجهه دوست فون ڪري هئين لکڻ لا چيو آهي....
1. ڪم گهڻو آ........ هتي ماڻهو کپن.
2. هل چري يارن سان ڪهڙا ليکا.
3. جهولي تيرا جهنڊا، نا ڪوئي ڪام نا ڪوئي ڌنڌا
4. پڇ تيلي ڪر...
 
Back
Top