مذهب کان انسان وڏو آ : روبينه ابڙو تي لکيل ڪالم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    مذهب کان انسان وڏو آ : روبينه ابڙو تي لکيل ڪالم

    علي زاهد

    دنيا جي پهرين عورت شاعره “سيفو” کي قرار ڏنو وڃي ٿو،
    نه ڄاڻ ڪنهن پل خيال اچي سيفوءَ کي ننڊ مان جاڳايو ۽ شاعري جاڳي پئي، شاعريءَ سان گڏ هڪ نئين تاريخ جا نوان باب به جاڳي پيا، ۽ پوءِ هوريان هوريان اهي سڀ خيال جاڳندا ويا جيڪي عورت شاعرائن جي من ۾ دفن ٿيل هئا، يا ننڊ پيل هئا. ان ڳالھ ۾ به ڪو شڪ نه هئڻ گهرجي ته سيفوءَ کان اڳ يا سندس دور ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي عورتون هونديون جن وٽ شاعراڻا خيال ته ايندا هوندا پر اهي من جي بستري تي ستل ئي رهجي ويا، پر جي جاڳيا به هوندا ته اظهاريا نه ويا هوندا. ان ڪري سيفوءَ کي دنيا جي پهرين عورت شاعره جو اعزاز حاصل ٿيو.
    سيفوءَ کان مرکان تائين هڪ طويل سفر آهي، ڏينهن، مهينن، سالن ۽ صدين جو، ان سفر دوران ڪيتريون ئي ٻيون به عورت شاعرائون ٿي گذريون هونديون جن پنهنجن ڪوتائن وسيلي نوان خيال جهان کي ارپيا هوندا.
    سيفو ۽ مرکان ۾ هڪجهڙائي اها آهي ته سيفو دنيا جي پهرين عورت شاعره هئي ۽ مرکان کي سنڌي ٻوليءَ جي پهرين عورت شاعره جو اعزاز حاصل آهي. سيفوءَ کان مرکان تائين واري عورت شاعرائن جي سفر تي گهڻو ڪجھ لکي سگهجي ٿو پر هتي مان مٿي انهن دورن جي مختصر ڪيل ذڪر کان پوءِ مرکان کان به موڪلائي سڌو روبينه ابڙو جو ذڪر ڪندس.
    روبينه ابڙو 24 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳيريلي شهر ۾ اکيون کوليون ۽ هن دنيا تي پهرين جهات وڌي، پيءُ جي وڏور ڌيءُ هئڻ جي ناتي کيس پنهنجي خاندان جون اڻگهريون ۽ اڻڳڻيون محبتون مليون، سندس والد جي بي انتها محبت، سندس مستقبل جي اوني سان گڏ هر وقت سندس سَکِي رهي. اسڪول جي زماني کان ئي مطالعي سان دلچسپيءَ کيس ڏات جي ڏيھ جا ڏس ڏنا ۽ هوءَ ڏاهپ جي دروازي تي ٿڦڪيون ڏيڻ لڳي. لطيف سرڪار ۽ شيخ اياز سندس چيچ پڪڙي انهن دڳن تي اچي بيهاريو جيڪي واٽون ڏات جي ماڳ طرف وڌندڙ هيون.
    مطالعي جي ذوق ۽ شوق جي وهڪر ۾ وهندي روبينه ايم اي به سنڌي ادب ۾ ڪري ورتي جنهن ادب جا جهان جهاڳڻ ۾ سندس همٿ اڃان به وڌائي ڇڏي. سندس مزاج کيس علم ۽ تدريس طرف وٺي آيو ۽ هوءَ استاد بڻجي وئي، اڄ به لاڙڪاڻي جي هڪ اسڪول ۾ سنڌ جي نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري رهي آهي.
    ڏاهپ جي دڳن تي هلندي هلندي نه ڄاڻ ڪنهن ويل ڏات اچي مٿس مهربان ٿي.... لطيف سائينءَ ۽ شيخ اياز، روبينه کي ڌاڳو ٻڌي لکڻ جي نينڍ ڏني ۽ هن لکڻ شروع ڪيو. اهو 1991ع جو سال هيو جڏهن روبينه لکڻ جي شروعات ڪئي.... سندس پهريون شعر، پهرين تخليق عبرت مئگزين ۾ ڇپي ۽ هوءَ شاعره بڻجي وئي..... روبينه پنهنجن جذبن ۽ خيالن کي لفظن جو روپ ڏيڻ لاءِ شاعريءَ جي چونڊ ڇو ۽ ڇالاءِ ڪئي؟ ان ڳالھ جي تھه تائين پڄڻ کا قطع نظر هن صرف لکڻ کي ترجيح ڏني ۽ هن شاعريءَ جي چونڊ ڪئي ۽ 1991ع کا اڄ تائين مسلسل لکندي پئي اچي.....
    روبينه شاعري جي ڪيترين ئي صنفن ۾ لکيو آهي..... پر خاص ڪري غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم ۽ وايون هن ججهي مقدار ۾ لکيون آهن.... سندس غزل کي گيڙو ويس اوڍيل آهي... پر ان ۾ رومانويت جي خوشبو به ڪمال جي آهي..... سندس وائي پڻ ساڳي ئي رنگ ۾ رچيل آهي...... جڏهن ته سندس نظم بنھه مختلف ڪيفيتن، موضوعن، ۽ خيالن جا ڀنڊار ڀاسندا آهن....توڙي جو سندس نظم ۾ به رومانويت واري مڌُ جي خوشبوءِ سمائيل هوندي آهي.... پر بغاوتن جو عنثر ڪجھ وڌيڪ بکندي نظر اچي ٿو.....
    روبينه جي شاعريءَ جو شروع وارو دور تصوف جي رنگ ۾ رڱيل آهي..... جنهن مان پڻ سندس باغيپڻي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.... ڇو ته تصوف خود مذهبي انتها پسندي ۽ ڪٽرپڻي کان بغاوت جو نالو آهي.... يعني اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته روبينه تصوف واري رنگ ۾ پڻ باغياڻي آهي.....اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته سندس اها بغاوت جيتوڻيڪ ڪيترن ئي ڪٺورن جي هينئين ۾ ڇيت جيان هُرندي رهي آهي..... سندس خلاف ڪيترا ئي محاذ کڙا ڪيا ويا..... پر هُن منصوري سنت تي وڏي جاھ و جلال سان وکون کنيون آهن ۽ اڳتي وڌي آهي.... ايئن ته ڪو درويش ئي ڪري سگهي ٿو.... ته پوءِ جي روبينه کي درويش به چئجي ته ڪو وڌاءُ ڪو نه ٿيندو.....
    روبينه کي پنهنجي ئي سماج پاران ٿيل سنگباريءَ کي به منهن ڏيڻو پيو.... پر هن انهن پٿرن مان مليل گهاون مان به خيال جا گل چونڊي ورتا ۽ پنهنجي شاعريءَ جي گيڙو ويس غزل وسيلي نه صرف پنهنجي اندر جي ڪرب کان لوڪ کي آگاھ ڪيو پر... پنهنجي اندر محسوس ٿيندڙ رومانوي ۽ روحاني جذبن کي پڻ ضايع ٿيڻ نه ڏنو ۽ اناالحق جو نعرو هڻي انهن جذبن جو اظهار اهڙو ته خوبصورت انداز ۾ ڪيو جو پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ خود درويش بڻجي وڃي..... ۽ بي خوديءَ مان...... روبينه جي خيالن جي مڌ ڪٽورن مان نئين سوچ جا جام پِي.... مست و مست مدام ٿي وڃڻ تي مجبور ٿيو پوي..... ۽ مخمور ٿيو پوي.....
    روبينه جي شاعريءَ جو ٻيون دور سندس نظم جو دور آهي.... نظم ڪيئن لکجي؟ اها روبينه کي خبر آهي..... هن ڄاڻي ورتو آهي ته نظم جو مزاج ڇا آهي...... ۽ جديد دور ۾ جديد شاعريءَ جي جهرمٽ ۾ جديد نظم ڪيئن لکجي، خاص ڪري سندس آزاد نظم ۾ جيڪا رواني آهي. اها ان جهرڻي جيان آهي جيڪو لڳاتار هڪ ئي ردم ۽ هڪ ئي موسيقيت سان پهاڙن کان وهندو رهندو آهي، سندس نظمن جي اندر خيال سمنڊ جيان گهرو ۽ مضطرب آهي هن سماج جي ڪيترن ئي ڪڌن واقعن تي قلم کڻي پنهنجن نظمن کي تمام گهڻي وصعت ڏني آهي، تشبيهون، استعارا پنهنجي ڌرتيءَ جا پنهنجي مٽيءَ جا حوالا، تاريخي تذڪرا ۽ تمثيلون سندس نظمن کي نه صرف خوبصورت بڻائن ٿا پر روبينه جي سوچ جي وسيع ڪينواس جي پڻ نشاندهي ڪن ٿا ۽ سندس فني پختگيءَ جي پڻ عڪاسي ڪن ٿا. سندس نظم ۾ رومانويت جو درياءُ وهي ٿو جنهن ۾ نه صرف هن عورتاڻن جذبن، سوچ ۽ احساسن کي وڏي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي پر عورت جي عشق کي هڪ نئون رنگ پڻ ارپيو آهي. اسان وٽ اڪثر ان ڳاله تي زور هوندو آهي ته عورت وٽ صرف حسن آهي ۽ عشق صرف مرد جي مريراث آهي. روبينه پنهنجي هڪ نظم “منهنجو پلڙو ڀاري آهي” ۾ ان ڳالهه جي نفي ڪندي چوي ٿي ته:

    “سونهن به منهنجي
    عشق به مون وٽ
    منهنجو پلڙو ڀاري آهي.”

    يعني هن نه صرف سماج اندر مذهبي انتها پسنديءَ کان بغاوت ڪئي آهي، نه صرف مرداڻي سماج جي مرداڻي حڪمراني ۽ مرداڻي سوچ کان بغاوت ڪئي آهي پر هن ان ڳالهه ان مفروضي کان پڻ بغاوت ڪئي آهي ته عشق صرف مرد جي ميراث آهي........ عشق ته عورت به ڪري ٿي، پوءِ جڏهن عورت وٽ سونهن به آهي مٿان وري عشق به هن وٽ هجي ته پوءِ عورت جو پلڙو ڀاري ڇو نه هجي؟
    روبينه جو پلڙو ان ڪري به ڀاري آهي جو هن وٽ عشق جا ڪي ئي روپ آهن...... ڪي ئي رنگ آهن....... هن جو عشق پنهنجي مٽيءَ...... پنهنجي سنڌ سان به آهي..... جڏهن سندس غزل جو جائزو وٺبو ته پاڻهين پروڙ پئجي ويندي ته سندس هر غزل اندر هڪ يا ٻه شعر اهڙا ضرور هوندا جن ۾ پنهنجي ديس..... پنهنجي مٽيءَ........ پنهنجي ماڻهن........ پنهنجي سنڌ جي ڳالھ ڪيل هوندي.
    لاڙڪاڻو ڀي ڪڏهن من ۾ نه ماپي،
    ۽ ڪڏهن هيءَ سنڌ ساري آھ مون ۾.
    روبينه جا نظم ڪنهن به ڪٽرپڻي جي ڪٽڪ آڏو اونچا ڪوٽ آهن......... هن پنهنجي ويجهو مذهبي انتهاپسنديءَ کي ۽ فرقيواريت کي يا اهڙي ڪنهن به جنونيت کي هميشه گناھ سمجهيو آهي........ ۽ پنهنجو فرض سمجهي ان تي قلم کنيون آهي......... پنهنجي فرض شناسيءَ ۾ هوءَ ايترو ته اڳتي نڪتل آهي جو کيس ڪنهن به قسم جو ڊپ ڊاءُ نه ٿو محسوس ٿئي......... بس هوءَ لکندي رهي ٿي........ لکڻ ئي هن لاءِ جيئڻ آهي......... روبينه تڏهن تڏهن پنهنجي قلم کي تحرڪ ۾ آندو آهي جڏهن به سنڌ اندر ناانصافين، ڏاڍائين، ظلم ۽ زيادتين کان متاثر ٿي ڪا رڙ، ڪا آھ ڪو سڏڪو سندس سماعتن جا دروازا اچي کڙڪائيندو آهي....... روبينه ابڙو....... جنهن جو من انتهائي ڪومل جذبن سان جڙيل آهي........ جنهن جي من ۾ ميران اچي رات گذاري، ساڻس ڪچهريون ڪندي آهي ته سندس رڳون رباب بڻجي وينديون آهن........ پر جڏهن به سندس قلم ظلم ۽ زيادتين تي لکڻ شروع ڪندو آهي ته اهو روپ روبينه جو ٻيو روپ هوندو آهي ۽ هوءَ هڪ انقلابي، هڪ باغياڻي ٿي لکندي آهي....... ڇاڇري ۾ زيادتي جو شڪار موتان ڀيل تي لکيل نظم کان وٺي ڀوري ڀيل تي لکيل نظم تائين سندس خيال ڇرڪائي ڇڏيندڙ آهن..... ۽ پڙهندڙن کي جنجهوڙي ڇڏيندڙ آهن...... تازو لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيندڙ افسوسناڪ ۽ ڪربناڪ واقعي تي ٻين دوستن وانگر مونن ۾ منهن هڻي ويهي رهڻ بجاءِ روبينه پنهنجي قلم کي اهائن جهڙا آواز ڏنا ۽ هڪ باغياڻيءَ وانگر پنهنجو فرض ڀرپور انداز ۾ نڀايو....... هن “مذهب کان انسان وڏو آ” جي عنوان سان هڪ خوبصورت ۽ تاريخي نظم لکي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌ جا باغي به جتي ماٺار ۽ مصلحت جي ڀر وٺن اتي به سنڌ جي هيءَ باغياڻي ماٺ ڪري ناهي ويهڻي...... هن سنڌ جي باغي ماڻهن جي الڪن ۽ ندامت جو اظهار ڪندي سوڀي کي مخاطب ٿي نظم ۾ لکيو ته:
    سوڀا! تنهنجو شان وڏو آ
    مون وٽ تو لئه مانُ وڏو آ
    مذهب کان انسان وڏو آ
    مان ڀي ماڻهو
    تون ڀي ماڻهو
    مٽي پنهنجي ساڳي آهي
    تنهنجا منهنجا مارڳ ساڳيا
    گهٽي پنهنجي ساڳي آهي.
    روبينه سنڌي ادب ۾ عورت شاعرائن ۾ فن توڙي فڪر جي حوالي سان هڪ مڪمل ۽ سگهاري شاعره آهي..... جنهن وٽ فني پاسا ته آهن ئي انتهائي سگهارا پر هن جي فڪر جي اڏار تهائين اوچي آهي..... جيڪڏهن ايئن چئجي ته روبينه سنڌي ادب جي جهان ۾ هڪ مڪمل ۽ ڀرپور شاعره طور هڪ معجزو آهي ته ان ڳالھ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. مان ته اهو چوندو آهيان ته روبينه ابڙو سيفو ۽ مرکان جو تسلسل آهي.

    اڄ هتي هن شهر ۾...... مورڙي جي شهر ۾ روبينه ابڙو جهڙي باغياڻيءَ کي پنهنجي اندر جي اور اورڻ جو موقعو ڏئي نثار کوکر ۽ سندس سٿ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي..... جس هجي سڄي سٿ کي جنهن وٽ جوهري نظر آهي جو هنن پرکي پروڙي باغياڻيءَ طور هن پروگرام لاءِ روبينه جي چونڊ ڪئي......
    آخر ۾ روبينه ۽ هن سٿ کي لطيف سرڪار جي هن بيت سان ڀيٽا ڏيان ٿو:

    محبت پائي من ۾ رندا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻتوريو ئي اگهائيو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. حبيب

    حبيب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    38
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هي نثر تمام خوبصورت لفظن ۾ لکيل آهي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو