• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سرمائيداري ۽ اسلام : مولانا دين محمد وفائي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سرمائيداري ۽ اسلام

مولانا دين محمد وفائي رح

مسلمان جڏهن پنهنجي اصلي نظام يعني قرآني فڪر تي عمل ڪندو ته اُن وقت سرمائيداري جي بت کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندو. اڄ سرمائيداري جي بت کان سواءِ ٻيو ڪهڙو وڏو بت آهي. جنهن جي ڀڃڻ جي ضرورت آهي؟! (مولانا عبيدالله سنڌي)

دنيا جنهن انقلاب واري چڪر ۾ هلي رهي آهي، تنهن جو اصلي علاج ملڪ جي مالي ۽ معاشري حالت درست ڪرڻ آهي. جيستائين انسانذات جي گذراني سوالن کي حل نه ڪيو ويندو، تيستائين ڪڏهن به دنيا جو اقتصادي انقلاب، جيڪو طوفان جي صورت ۾ وڌي رهيو آهي، سو آرام پذير نه ٿي سگهندو.

اسلام جي شروعاتي تحريڪ جو بنياد ٻن شين تي رکيو ويو آهي: (1) وحدت فڪر يعني نماز (2) زڪوات. يعني هن تحريڪ کي قبو ڪندڙن لاءِ ٻه ضروري شرط مقرر ڪيا ويا هئا: پهريون ته هو فقط الله اڪيلي جي بادشاهت جا قائل ٿي فقط انهيءَ جي حڪمن جي اطاعت ڪندا رهندا، ۽ ٻيو شرط هيءُ هو ته جيڪي به وٽن هوندو، سو الله جي راهه ۾ سواءِ ڪنهن هچڪ ۽ هٻڪ جي خرچ ڪندا رهندا. پهرين شرط جو نالو آهي صلوات يا نماز، ٻئي جو نالو آهي خيرات يا زڪوات. قران شريف۾ ڪيترن ئي هنڌن تي واقيمو الصلواة واتوالزڪوات جو تاڪيدي حڪم بار بار هن لاءِ آيل آهي ته اسلام جون بنيادي شيون اهي ئي آهن ۽ متان مسلمان سڏائيندڙ ڪنهن به زماني ۾ ان کان غافل ٿي وڃن.

زڪوات جيتوڻيڪ اسلامي حڪومت پاران هڪ مقر انداز ۾ خدائي ٽيڪس آهي، مگر اوائل يا شروعات اسلام ۾ يعني مڪي واري زندگي ۾، جڏهن اڃا ڪا حڪومت به قائم نه ٿي هئي. ان زماني ۾ جيتوڻيڪ زڪوات جو ڪو مقرر انداز ڪو نه هو پر اسلام آڻيندڙ يا هن خدائي تحريڪ کي قبول ڪندڙن تي فرض هو ته جيڪي به وٽن هجي، سو خدا ڪارڻ امام جي حڪم تي آڻي اڳيان حاضر ڪن. روزا ۽ ٻيا ڪيترا حڪم مدينه شريف م هجر کان پوءِ فرض ٿيا، مگر زڪوات مڪه شريف ۾ نبوت ملڻ سان مقرر يا فرض ٿي. سورة مزلمل انهن سورتن مان آهي جيڪي سڀ کان پهريان نبوت ملڻ واري زماني ۾ نازل ٿيون آهن، انهيءَ سورة ۾ زڪوات جو ذڪر آهي. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته اسلام جي تحريڪ جي بنيادي شين مان زڪوات يا مال ڏيڻ آهي، جنهن کان سواءِ هڪ مسلمان جي مسلماني ڪڏهن به ڪماليت کي نٿي پهچي سگهي.

مالي گڏ ڪري رکندڙ يا ان سان محبت ڪندڙ ۽ اسلام جي راهه ۾ نه خرچ ڪندڙ سرمائيدارن لاءِ قرآن حڪيم ۾ سخت ڀلڪار آيل آهي. ارشاد آهي ته:

”جيڪي سون ۽ چانديءَ کي جمع ڪن ٿا ۽ الله جي رستي ۾ خرچ نٿا ڪن، تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي، جنهن ڏينهن سندن دولت کي تپايو ويندو ۽ پوءِ انهيءَ سان سندن نراڙ ۽ پاسن کي پٺيءَ کي ڏنڀيو ويندو ۽ (چيو ويندن) هي اها شيءِ آهي جنهن کي پنهنجي لاءِ گڏ ڪيو هُيوُ.“ (سورة- توبه)

اسلام مطلق طور پئسن ڪمائڻ ۽ مالدار بڻجڻ ۽ محنت ڪرڻ کان ڪو نه ٿو روڪي، پر اسلام جنهن شيءِ کان روڪي ٿو سا آهي مال جي اهڙي محبت، جو ان مان پنهنجن غريب ڀائرن تي خرچ ڪرڻ کان ڪيٻائيندو يا گهٻرائيندو هجي ۽ مسڪينن ۽ محتاجن کي نهايت حقارت جي نظرن سان ڏسي، پاڙي ۾ بکايل انسان ڏانهن پوري طرح اک کڻي به نه ڏسجي.

قرآني ارشاد آهي ته ”عذاب آهي هر هڪ انهيءَ (سرمائيدار) لاءِ جو (مسڪينن تي) ٽوڪون ڪندڙ چغلي هڻندڙ آهي، جو دولت کي گڏ ڪري ۽ ڳڻي رکي ٿو. ڀانئين ٿو ته دولت کيس هميشه جيئرو رکندي.“

(سورة- همزه)

هميشه جيئري رکڻ جو مطلب ته آئي وقت ڪم ايندي رهندي، جنهن ڪري هو مسڪينن تي پنهنجي مٺ بند ڪري ۽ هنن کي حقارت جي نظر سان ڏسي ٿو.

سرمايو يا دولت هڪ انسان يا حلال ڪمائي مان محنت ڪري جمع ڪندو آهي، يا ورثي مان هڪ وڏي املاڪ هٿ لڳندي آهيس، ازان سواءِ ٻيو قسم شاهوڪاري جو هي به آهي ته هڪ ڪارخانيدار يا ٺيڪيدار يا واپاري يا زميندار پنهنجي محنت کان سواءِ عام غريبن ۽ مزدورن جي ڪمائي تي بئنڪون ڀريندو رهي ۽وياجن تي وياج وصول ڪندو مارو ٿيندو وڇي. اهو پويون قسم معيوب شمار ڪيو ويو آهي ۽ خصوصاً بئنڪ جي ذريعي يا ٻئي ڪنهن نموني سان وياج کائڻ ته قطعي طرح حرام آهي. هوڏانهن هي به ظاهر آهي ته ڪو به سرمائيدار تيستائين سرمائيدار هرگز نٿو ٿي سگهي، جيستائين سندس ڏيتي ليتيءَ م وياج کي دخل نه آهي. پوءِ اهو واپاري هجي يا ٺيڪيدار هجي يا ٻيو ڪو، بلڪه ڪو آپريٽو بئنڪ جي ذريعي ته زميندارن کي به وياج وٺڻ يا ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، ڄڻ ته سرمائيداري جو اصل بنيادي وياج آهي، جنهن ڪري ئي شاهوڪاريءَ جو سنگ بنياد قائم رهي سگهي ٿو، جو قطعي حرام آهي.

هڪ جاءِ تي مولانا عبيدالله سنڌي فرمايو آهي ته ”اسلام ۽ سرمائيداري پاڻ ۾ ٻه ضد آهن“.

انهيءَ ارشاد جي معنيٰ آهي ته سرمائيداري سان موجوده زماني ۾ وياج هڪ لازمي شيءِ آهي ۽ وياج خوريءَ کي قرآن شريف ارشاد موجب ”الله ۽ ان جي رسول سان اعلان جنگ“ سڏيو ويو آهي.

جنهن جو مقصد آهي ته موجوده زماني جي شاهوڪاري جنهن طريقي تي سرمائيدارن کي حاصل ٿئي ٿي، سا قرآن حڪيم جي ارشادن ۽ احڪامن موجب ڏاڍي ڀوائتي ۽ ڊپ جهڙي آهي، جنهن کان بچڻ لاءِ هر حالت ۾ مسلمانن کي پوري ايمانداريءَ سان ڪوشش ڪرڻ گهرجي، بشرطيڪه سندن قرآن حڪيم تي سچ پچ ايمان به هجي.

هڪڙي خاص قسم جي دولتمندن جو قرآن شريف هيٺين ريت ذڪر ڪيو آهي:

”جيڪي ماڻهو(قرآن شريف) جي تلاوت ڪن ٿا ۽ نماز ادا ڪندا رهن ٿا ۽ اسان جيڪي کين ڏنو آهي تنهن مان ڳجهو ۽ پڌرو خرچ ڪندا رهن ٿا، هو اهڙي واپار جي اميد رکن ٿا جنهن کي ڪڏهن به ڇيهو رسن وارو نه آهي“. (سورة فاطر)

هاڻي ڏسڻو آهي ته اسان جي هن زماني جي اميرن، دولتمندن ۾ اهڙا سرمائيدار به آهن جن ۾ اهي وصفون، جيڪي قرآن شريف بيان فرمايون آهن، موجود هجن؟ ان سوال تي غور ڪري پوءِ وري هن ڳالهه تي به ويچار ڪريو ته اسان جي سامهون ڪيترائي اهڙا سرمائيدار آهن جن غريبن ۽ رنن زالن جا حق غصب ڪيا هوندا. ڪيترا اهڙا به آهن جن پنهنجن ڀينرن ۽ ننڍن ڀائرن کي پنهنجي والد جي املاڪ مان ورثي کان محروم رکيو هوندو ۽ هڙئي هڙپ ڪري ويٺا هوندا. ڪي اهڙا صاحب به آهن جن کي پنهنجن ڪن يتيم عزيزن جي زمينداري يا املاڪ سنڀال لا:ءِ ملي هوندي ته اُها سڀ هضم ڪري ويٺا هوندا.

اوهان اڄڪلهه دولتمندن کي ڏسو ته هنن جا لکين رپين تائين بئنڪن م جمع آهن مگر اٿن توفيق ته ان سموري سرمائي جي ساري سنڀالي پوري صداقتمندي سان زڪوات ادا ڪن؟

ٻڌايو ته انهيءَ قسم جي سرمائيداري يا سرمائيدارن کي اسلام مقدس م ڪنهن به جڳهه تي بيهڪ يا عزت ملي سگهي ٿي؟ جيڪي هزارين حقداري جا حق کايو پنهنجن عياشين ۾ غرق ۽ غلطان آهن؟ قرآن حڪيم جي تعليم موجب اميرن ۽ دولتمندن جي دولت ۾ غريبن جو حصو يا حق آهي ۽ جيڪو سرمائيدار يا شاهوڪار اُهو پرايو حق روڪي ٿو ته هو خدائي فرض کان گسائي ٿو، ضرورت آهي ته ان کان وقت جو حاڪم زوريءَ حق وٺي غريبن کي ڏياري. ارشاد آهي ته:

”و آت ذالقربي حقة والمسڪين و ابن السبيل“ يعني ته ”پنهنجن مائٽن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن کي سندن حق ڏئي.“ هن حڪم ۾ مائٽ جي حق سان گڏ مسڪينن ۽ مسافرن جو حق ادا ڪرڻ اميرن تي فرض ڪيو ويو آهي.

حضور ﷺ جن جو ارشاد آهي ته ”اطعموا الجائع وفڪو االعاليٰ

”بکئي کي کارايو ۽ مقروض قيدي کي ڇڏايو.“ سيدنا عمر بن خطاب رضه جو قول آهي ته دل گهري ٿي ته دولتمندن کان سندن ضرورت کان زئاد مال ڦري مسڪينن مهاجرن ۾ ورهائي ڇڏيان. (محلي)

سيدنا علي ابن ابي طالب رضه جو فرمان آهي ته ”الله تعاليٰ دولتمندن تي فرض ڪيو آهي ته بکايل ۽ اگهاڙن فقيرن کي اوترو ڏين. جيتري کين گهرج هجي، جيڪڏهن هو ائين نه ڪندا ته الله تعاليٰ لاءِ ضروري آهي ته ان بابت کائن حساب وٺي ۽ ان ڪري کين عذاب ڪري.“ (محلي ج 6)

امام بن حزم پنهنجي ڪتاب المحلي ۾ لکي ٿو ته، ”سڀ ڪنهن شهر جي دولتمندن تي فرض آهي ته شهر وارن فقيرن جي سنڀال لهن، بلڪه وقت جو بادشاهه يا هڪومت کين ان لاءِ مجبور ڪري ته غريبن جي پرگهور ڪن. مسڪينن يا فقيرن جي جنهن ريت پرگهور ڪئي وڃي. ان جو تفصيل هن ريت آهي ته هنن لاءِ ايترو کاڌو پهچايو وڃي جنهن مان کائي ڍؤ ڪن ۽ سردي ۽ گرمي لاءِ ضروري ڪپڙا ڏنا وڃن ۽ اهڙا گهر ٺهرائي ڏجن جن مان برسات ۽ اُس ۽ ٿڌ ۽ پاڻي جي اٿل کان بچاءُ ٿي سگهي.“ (جلد ڇهون)

اميرن تي غريبن جا جيڪي حق ۽ فرض آهن، ان بابت مٿين ريت اسلامي حڪم موجود آهن، اوهان اسلامي حڪمن کي سامهون رکي ان کان پوءِ وري هن وقت جي سرمائيدارن ۽ سرمائي پرست اميرن ڏانهن به نظر ڪريو ته، ڇا هو مٿين شرعي حڪمن مان ڪو هڪ به پاڙي ۽ پورو ڪري رهيا آهن؟ جيڪڏهن دولتمند مسلمان غريبن لاءِ لٽو، اٽو، اجهو مهيا ڪندا رهن ته هن وقت جيڪي اٿل پٿل ۽ انقلاب جهڙيون حالتون پيدا ٿي رهيون آهن سي ڪڏهن به پيدا نه ٿين ۽ ملڪ نهايت سکيو ۽ ستابو ٿي ترقي ڪندو نظر اچي.

اميرن جي غفلت ۽ عياشي ۽ اجائي اسراف سبب جيڪو ملڪ تي ڍلن ۽ ٽيڪسن جو بار پئجي رهيو آهي، تنهن بابت عام ماڻهو ڪجهه به ڪڇي نٿا سگهن، مگر اندر ئي اندر جيڪا ناراضگي پيدا ٿي رهي آهي ۽ غريبن جون دليون ڪڙهي ۽ ٻري رهيون آهن، تن جو نتيجو شايد نهايت خراب نڪري.

حضرت امام شاهه ولي الله دهلوي رح حجت الله البالغه ۾ فرمايو آهي ته:

”اميرن جي عياشيءَ ڪري انساني زندگيءَ ۾ ڏاڍا بڇڙا مرض پيدا ٿي پون ۽ عام ماڻهن جي گذراني حالت ڏاڍي تنگ ٿي وڇي ٿي، ڇاڪاڻ ته عياشي جي سامان لاءِ تمام گهڻي دولت درڪار آهي ۽ اها آبادگارن ۽ واپارين تي ڍلن ۽ ٽيڪسن وجهڻ سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿي، ۽ اهي ٽيڪس ماڻهن کان (قانوني ڏنڊي جي زور سان) زوريءَ حاصل ڪيا ويندا آهن. جيڪڏهن ڪو انڪار ڪندو آهي ته هن تي قانوني ڪارروائي ڪري کيس جيل اماڻيو ويندو آهي. جيڪڏهن خوشيءَ سان ادا ڪلندو رهي ته اهي ماڻهو ڍلون ادا ڪري گڏهن ۽ ڍڳن جي درجي تي وڃي پهچندا آهن، جن کان فصل لڻڻ ۽ پاڻي ڏيڻ ۽ فصل ڳاهڻ جو ڪم ورتو ويندو آهي، يعني ته هنن کي فقط هن لاءِ جيئرو رهڻ ڏجي ٿو ته کائن ڪم ورتو وڃي ۽ بس.

عام ماڻهن جي اهڙي تنگ حاليءَ ۽ مسڪينيءَ جو نتيجو هي نڪري ٿو جو هي مسڪين ڍلن ادا ڪرڻ ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن جي پيٽ پالڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪم ڪري نٿا سگهن، جو هو آخرت جي سعادت تي ڪو ويچار ڪري سگهن. اهڙي جانورن واري زندگي گذارڻ ڪري آخر انهن مان فڪر ڪرڻ ۽ سوچڻ جو مادو ختم ٿي وڃي ٿو، ڪڏهن ته ائين به ٿئي ٿو جو سموري ملڪ ۾ هڪ به ماڻهو اهڙو ڪو نه ملندو جو کاڌي پيتي جي سامان کي ڪيئن هٿ ڪجي، ان ڳڻتيءَ کان مٿي نظر ڊوڙائي هن دنيا کان ٻاهرين ڪائنات ۽ حياتي جي اصولن تي کڻي ويچار ڪري.“

آخر ۾ حضرت شاهه ولي الله رح فرمائي ٿو ته: ”جڏهن ان قسم جو فاسد نظام پيدا ٿيندو آهي ۽ بيڪار ۽ عياش اميرن جي عياشي وڌندي آهي. ته ان جو آخر نتيجو انقلاب نڪرندو آهي. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن ايران ۽ روم جي اميرن ۾ عياشي وڌي وئي، تڏهن الله تعاليٰ عرب ۾ پيغمبر پيدا ڪيو، جنهن اميرن جي عياشيءَ واري سموري نظام کي ڊاهڻ لاءِ انقلابي دعوت ڏني ۽ اڻ پڙهيل عرب ايران ۽ روم جي زبردست سلطنت تي قابض ٿي ويا“.

هن وقت اسان ڏسي رهيا آهيون ته سرمائي پرستي ۽ اميرن جي عياشانه زندگي عام مانهن کي ڪمائيندڙ جانورن جي پوزيشن ۾ وڃي پهچايو آهي. عام ماڻهو روحاني زندگي يا خدا شناسي تي ويچار ڪرڻ کان ته رهجي ويا آهن، پر هنن لاءِ زوريءَ تعليم لاڳو ڪئي وڃي ٿي ته ان يج ويجها به ڪو نه لنگهن ٿا، ڇاڪاڻ جو هنن کي پورهئي ۽ گذراني ڌنڌن کان واندڪائي ڪانهي، ٻارن ٻچن سميت ان ۾ ڳهي ۽ ڳري رهيا آهن!!

اسان جو چوڻ آهي ته دولت يا مال کي حلال طريقي سان ڪمائڻ ۽ حق ادا ڪرڻ سان پاڻ وٽ سانڍڻ، پنهنجي دولت کي قومي امانت سمجهڻ ڪو ناجائز يا حرام نه آهي، پر حرام يا ناجائز آهي سرمائي پرستي ۽ مال جي اهڙي محبت جنهن کي پاڻ کان جدا ڪرڻ پاڻ لاءِ مصيبت سمجهيو وڃي. غريبن جا جيڪي سندن مال ۾ حق آهن، سي روڪي رکڻ ۽ عياشيءَ ۾ ايڏو غرق ٿيڻ جنهن جي ٻوجهه وڃي غريبنجي ڪمائي تي پوي، اهو سڀ ڪجهه اسلام ۾ قطعي ناجائز آهي.

سرمائي جي پوڄاري کي گهرجي ته اکيون کولين. اڃا به وقت ڪو نه ويو آهي. اسلام مقدس هنن جي بچاءَ لاءِ رستو کولي ڇڏيو آهي، يعني ته مسڪينن لاءِ اٽي، لٽي ۽ اجهي جو انتظام ڪن ۽ پنهنجي مال مان اهو سڀ ڪجهه ڏين جنهن جي غريبن کي گهرج هجي. ان ريت ملڪ لا ديني انقلاب کان به بچي ويندو ۽ ملڪ جا دولتمند ماڻهو به تباهيءَ کان بچي ويندا. باقي هن وقت جو ڪجهه ڏسي رهيا آهيون، خدا پيو خير ڪري. ان جو نتيجو ڏاڍو اگرو نڪرڻو آهي.

(الحماد- 7، رمضان المبارڪ 1427هه)
 
Back
Top