” جوهر بروهي“مولانا عبدالقيوم جوهر بروهي ولد مولوي عبدالڪريم ذبيح ساسولي بروهي ڳوٺ ٿريچاڻي شريڀ تعلقو پنو عاقل ضلع سکر ۾ 29 جنوري 1956ع تي جنم ورتو ۽ پوءِ سنددس خاندان مستقل سڪونت فريد آباد تعلقو ميهڙ ضلع دادو ۾ اختيار ڪئي. سنڌي، اردو، فارسي ۽ براهوئي ٻولين جو مشهور شاعر آهي. هر ادبي محفل ۾انتهائي ذوق سان شرڪت ڪندو آهي ۽ داد حاصل ڪندو آهي. هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. جوهر صاحب درس نظامي جي تڪميل ڪري فريد آباد ۾ مدرسه عربيه محمديه هلائي رهيو آهي. سن 1976ع کان باقاعدگي سان مٿيون مدرسه هلائي رهيو آهي. جتان ڪيترائي شاگرد علم جي فيض کان فيضياب ٿي رهيا آهن. جوهر صاحب جي سنڌي شاعري ۾ سوز گداز کان علاوه قومي جاڳرتا به آهي. سندس مضمون ”السند“ اسلام آباد. ٽه ماهي مهراڻ، ماهوار نئين زندگي ۽ ماهوار ”بيداري“ حيدرآباد ۾ ڇپبا رهن ٿا. جوهر صاحب براهوئي زبان جو بلند پايه شاعر آهي. براهوئي زبان ۾ سندس شاعري مشهور آهي. جوهر صاحب شاهه لطيف جي شاعري جي چئن سرن کي براهوئي ٻولي ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي. جنهن مان سر ڪلياڻ ڇپجي چڪو آهي. سندس براهوئي زبان جا شعري مجموعا پنرهن کن ۽ نثر ۾ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سنڌ ٻولي ۾ حمد و ثنا جي عنوان سان شاعري جو مجموعو ڪرڻانور جا عنوان سان شايع ٿيو آهي. جوهر صاحب هسٽاريڪل سوسائٽي ميهڙ جو چئرمين آهي.ان سلسلي ۾ ڪافي تاريخي مواد پڻ گڏ ڪيو اٿس. جنهن جا ٻه مضمون تحريڪ خلافت جا وکريل ورق ۽ سنڌي ادب ۾ ميهڙ جو ڀاڱو ڇپيا آهن. اردو ۾ به سندس ٻه ڪتاب براهوئي تخليقڪار ۽ گلدسته سنده ڇپيل آهن. جوهر بروهي بزم لطيف ميهڙ جو سرپرست اعليٰ آهي. مدرسه عربيه محمديه فريدآباد ۾ مدرس آهي. سندس براهوئي ڪلام ريڊيو پاڪستان خضدار تان نشر ٿيندو رهندو آهي. سندس لائبريري ۾ ڪتابن جو سٺو ذخيرو پڻ آهي. پنهنجي علائقي جي ماڻحن جي سياسي خدمت ۾ سدائين اڳڀرو آهي. کيس عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سندس هڪ سنڌي غزل ۽ هڪ فارسي غزل جو نمونو پيش ڪجي ٿو: غزل (سنڌي)جي سور سوايو هوندو ڪنهن ياد ستايو هوندو چانڊاڻ ۾ روئي ٿو، دلدار نه آيو هوندو. ڪنهن سور سهيڙيا هن، ڪنهن قرب ڪمايو هوندو. آهُن ۾ اثر ئي ڪونهي، آلاپ اجايو هوندو. سنگسار به ٿيندس مان، جي تنهنجو رايو هوندو. روئڻ کي اجهو جوهر، حيلي سان هٽايو هوندو. فارسي غزلبانگاہ دوستی نگریستی انسان شدم، از چراغ حسن تو تنویر مہ تاباں شدم۔ یافتم از وصل تو من زیستن با عاشقی، پای تو بوسیدہ ام بر بخت خود نازاں شدم۔ شدد ما غم عطر آلودہ ز خوشبو زلف تو، درکنار تو رسیدم مردہ اے راجاں شدم۔ آمدہ بر حال بندہ رشک جبرائیل را، چوں بہ قسمت خویش، من در شہر تو مہماں شدم۔ شعر من در بزم باشی صاحب عرفاں شدم۔ در خیال عشق اے جوہر گدائی مے کنم، قیمتی می داشتم لیکن کنوں ارزاں شدم۔ (ڪتاب جيون سفر سڪ جو (يادگيريون) از الهه رکيو ڳورڙ
جزاڪ الله سائين! هڪ عاشق رسول ۽ بهترين شاعر بابت پيرائتي معلومات فراهم ڪرڻ تي اوهان جو ٿورائتو آهيان .